25/01/2022
ڀٽ شاھ (پريس رليز) يونيورسٽي آف صوفيزم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه ۾ شاگردن پاران ٺاهيل آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪيليگرافي ڪم جي نمائش جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايجوڪيشن شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي سجبيڪٽ جي ڪورس ايڪسرسائيز تحت آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪيليگرافي جي نمائش پيش ڪئي ۽ هٿ سان ٺاهيل فن پارا پيش ڪري آرٽ جي ڪم کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر طارق ڀٽي ڪئي ۽ شاگردن جي آرٽ ورڪ کي ساراھيندي چيو آھي تھ اسان جا شاگرد آرٽ ۽ ڪرافٽ ۾ ڪافي ڀڙ آھن، شاگردن ھٿ جي ذريعي مختلف شيون ٺاھي اھو ثابت ڪيو آھي تھ اھي نھ فقط تعليم پر ھنر ۾ بھ ھوشيار آھن، پروفيسر ڊاڪٽر طارق ڀٽي شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو آھي تھ اسان جا ٻار انگريزي زبان کي اھميت گھٽ ڏيندا آھن پر ھن وقت دنيا ۾ انگريزي زبان جي وڏي اھميت آھي، ان ڪري شاگردن کي انگريزي زبان ڏانھن خاص توجھ ڏيڻ گھرجي. آرٽ نمائش ۾ ڊپارٽمنٽ چيئرپرسن ڊاڪٽر ثمينا رفيق، ميڊم سڪينا جماڻي، ڊاڪٽر علي مراد لنجواڻي، رجسٽرار ڊاڪٽر فرمان علي شاھ، ڊاڪٽر علي رضا رنگ ۽ ٻين استادن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي.
بھٹ شاہ(پریس ریلیز) یونیورسٹی آف صوفیزم اینڈ ماڈرن سائنسز بھٹ شاہ میں طلباء کے تخلیق کردہ آرٹ، کرافٹ اور کیلی گرافی کے فن پاروں کی نمائش کا انعقاد کیا گیا جس میں شعبہ تعلیم کے طلباء و طالبات نے کورس ورک کی پریکٹس کی طور پر آرٹ، کرافٹ اور کیلی گرافی بنا کر نمائش کے لیے پیش کیے۔ آرٹ نمائش کا افتتاح وائس چانسلر پروفیسر ڈاکٹر پروین منشی اور سندھ یونیورسٹی شعبہ ایجوکیشن کے پروفیسر ڈاکٹر طارق بھٹی نے کیا، جنہوں نے طلباء کے فن پاروں کو سراہتے ہوئے کہا کہ ہمارے طلباء آرٹ اور کرافٹ میں کافی حد تک مہارت رکھتے ہیں، طلباء نے ہاتھ سے مختلف چیزیں بنا کر ثابت کر دیا ہے کہ وہ نہ صرف تعلیم میں ماہر ہیں۔ بلکہ آرٹ اور دستکاری میں بھی مہارت رکھتے ہیں، پروفیسر ڈاکٹر طارق بھٹی نے طلبہ سے خطاب کرتے ہوئے کہا کہ ہمارے بچے انگریزی زبان کو اتنی زیادہ اہمیت نہیں دیتے ہیں لیکن اس وقت دنیا میں انگریزی زبان کی بہت اہمیت ہے اس لیے طلبہ کو انگریزی زبان پر خصوصی توجہ دینی چاہیے۔آرٹ کی نمائش میں شعبہ ایجوکیشن کی چیئرپرسن ڈاکٹر ثمینہ رفیق، میڈم سکینہ جمانی، ڈاکٹر علی مراد لنجوانی، رجسٹرار ڈاکٹر فرمان علی شاہ ، ڈاکٹر علی رضا رنگ اور دیگر اساتذہ اور حکام نے شرکت کی۔