13/06/2025
اسان جي اسڪول [ٿر پبلڪ اسڪول جکرو خان هنڱورجو] مان تازو ئي پيش آيل چوريءَ جي واقعي تي اسان انتهائي افسوس ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا. اسڪول جي احاطي مان شمسي پليٽن، پرنٽر ۽ڪمپيوٽر جهڙن اهم تعليمي وسيلن جي چوري نه رڳو غير قانوني عمل آهي، پر اها هڪ علمي ۽ اخلاقي طور به سخت مذمت جوڳو قدم آهي.
تعليمي ادارا علم جي روشنيءَ جا مرڪز ٿين ٿا، جتي نئين نسل جي تربيت ۽ بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. اهڙن ادارن کي نشانو بڻائڻ سماج جي ذميوارين کان بي پرواهيءَ جو ثبوت آهي.
اسين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته جلد کان جلد ان واقعي جي جاچ ڪري قصوروارن کي قانون آهر سزا ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن ناڪارا حرڪتن جو تدارڪ ٿي سگهي.
اسان سڀني استادن، شاگردن، والدين ۽ سماجي ماڻهن کان اپيل ڪريون ٿا ته هو اسڪولن جي تحفظ لاءِ گڏجي قدم کڻن، ڇو ته تعليمي ادارن جي سلامتي، دراصل اسانجي قوم جي ترقيءَ جي ضمانت آهي