University of sindh Entry Test preparation 2k23

University of sindh Entry Test preparation 2k23 Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from University of sindh Entry Test preparation 2k23, College & University, Hyderabad.

*The University of Sindh Jamshoro: Pictorial view of Pre-Entry Test-2024 (Second phase) 29.10.2023*
29/10/2023

*The University of Sindh Jamshoro: Pictorial view of Pre-Entry Test-2024 (Second phase) 29.10.2023*

CongratulationsWelcome to All 2K23 Batch CandidatesIn University of Sindh JamshoroBest Wishes To All   Ali Kunbher
07/02/2023

Congratulations
Welcome to All
2K23 Batch Candidates
In University of Sindh
Jamshoro
Best Wishes To All
Ali Kunbher

06/12/2022

جامشورو (پریس رلیز) ڈائریکٹر ایڈمیشنز جامعہ سندھ جامشورو نے اپنے ایک اعلامیہ میں مطلع کیا ہے کہ جن امیدواروں نے جامعہ سندھ کے مختلف 70 شعبوں میں تعلیمی سال 2023ءکے تحت بیچلر ڈگری پروگرامز میں داخلوں کیلئے درخواستیں جمع کرانے کے بعد انٹری ٹیسٹ میں 30 یا زائد اسکور حاصل کیا ہے، ان کے ای پورٹل کل 7 دسمبر 2022ءسے کھولے جائیں گے، جہاں وہ اپنے مطلوبہ تعلیمی اسناد اپ لوڈ کرنے کے ساتھ داخلوں کیلئے چوائسز درج کر سکتے ہیں

03/12/2022

*FORM KA FURTHER PROCESS WITH IN 2 DAYS MA START HO JHE GHA*✅

16/11/2022

سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن جو رزلٽ اچڻ کان پوء سنڌ يونيورسٽي جي پھرين ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويندي.

16/11/2022

سندھ یونیورسٹی ایڈمیشن کمیٹی نے تعلیمی سال 2023ع کے لیے بیچلرس ڈگری پروگرام میں داخلوں کے لیے کم سے کم اسکور 30 فیصد مقرر کر دیا

06/11/2022

IMPORTANT ANNOUNCEMENT

UNIVERSITY OF SINDH ALLAMA II QAZI CAMPUS PET DAY 2

It is informed that provincial result of PET Day II will be uploaded on 12.00 PM 07-11-2022 . All the condidates are kindly requestes to stay connected with the portal .

Thank You

Regards ,
M. Aziz Bijoro [ Director Commerce Department UOS II ]

06/11/2022

*سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع تحت مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي۾ 3355 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 11997 اميدوارن جي شرڪت: وائيس چانسلر ڪئمپس جو دؤرو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو: ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کان پاڻي، بسڪٽ ۽ سوالنامي سميت سهولتن بابت ڄاڻ ورتي: مختلف ڪميٽين جي بهترين ڪارڪردگيءَ سبب ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو به سهڻي نموني مڪمل ٿي ويو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالرشپس جي مد ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪا آهيون، چاهيون ٿا ته هر ٻار کي اسڪالرشپ ملي، ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان رابطي ۾ آهيون، سنڌ يونيورسٽي هاڻي صرف ڊگري ايوارڊنگ ادارو ناهي پر اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته هتي پڙهندڙ شاگردن کي ڄاڻ سان گڏ مختلف شعبن ۾ مهارتون به ملن: وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي پريس ڪانفرنس.*

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع تحت 70 کان وڌيڪ مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو. ٻئي مرحلي جي انٽري ٽيسٽ ۾ 3355 شاگردياڻين ۽ 8225 شاگردن سميت مجموعي طور 11580 اميدوارن 10 هزار جي لڳ ڀڳ سيٽن لاءِ حصو ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلائن لاءِ پرجوش نظر ايندڙ اميدوارن ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن ۽ کين فراهم ٿيل سهولتن تي سرهائيءَ جو اظهار ڪيو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئمپس جو دؤرو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کان پاڻي، بسڪٽ، پين ۽ سوالنامي سميت سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. وائيس چانسيلر جي دوري دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، احسان الله شاهه راشدي، پروفيسر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، عبدالمجيد پنهور، امر سنڌو، ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ٽيسٽ صبح جو 10 وڳي شروع ٿي، جيڪا 90 منٽن تائين جاري رهي. انٽري ٽيسٽ لاءِ 3355 شاگردياڻين لاءِ انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي، انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي اينڊ جينيٽڪ انجنيئرنگ، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 8225 شاگردن لاءِ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۾ امتحاني هال قائم ڪيا ويا. ان کان سواءِ 30 آڪٽوبر تي ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي ۾ غير حاضر ٿيل 85 ڇوڪرين ۽ 223 ڇوڪرن سميت مجموعي طور 308 اميدوارن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ الڳ الڳ امتحاني هال قائم ڪيا ويا.سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 70 کان وڌيڪ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي 10ضلعن ڄامشورو، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، ٺٽو ۽ سجاول جي 11580 اميدوارن تقريبن 10 هزار سيٽن تي داخلائن لاءِ پنهنجي قسمت آزمائي. انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ کانپوءِ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته پري انٽري ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن کي بهترين انداز ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون، جن ۾ سينيئر پروفيسرن ۽ آفيسرن کي شامل ڪيو ويو، سندن بهترين ڪارڪردگيءَ سبب ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو به سهڻي انداز ۾ مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالرشپس جي مد ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪا آهيون، چاهيون ٿا ته هر ٻار کي اسڪالرشپ ملي، ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي هاڻي صرف ڊگري ايوارڊنگ ادارو ناهي، پر اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته هتي پڙهندڙ شاگردن کي ڄاڻ سان گڏ مختلف شعبن ۾ مهارتون به ملن. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. انهيءَ سينٽر ذريعي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فريش گريجوئيٽس کي تربيت ڏيئي ڪاروبار طرف مائل ڪيو ويندو. هن چيو ته نوجوانن کي اعليٰ تعليم پرائڻ بعد سرڪاري نوڪرين طرف واجهون وجهڻ بجاءِ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان پنهنجا ننڍا وڏا ڪاروبار شروع ڪرڻ گهرجن، جن ذريعي هو ڪروڙ پتي ٿي سگهن ٿا. نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ان سلسلي ۾ سندن مدد ڪندو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته ٻن مرحلن ۾ ٽيسٽ منعقد ڪرڻ سان خرچن ۾ گھٽتائي آئي ۽ گھڻي رش نه ٿيڻ سبب اميدوارن کي پريشانيءَ جو به منهن ڏسڻو نه پيو. ھن چيو ته سنڌ ۾ تازو ٻوڏ جي تباهين باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھيل وڌيڪ اميدوارن داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، جيڪو حقيقت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وڌندڙ ساک تي اعتماد جو اظھار آھي. ھن چيو ته تعليمي سال 2023ع لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 20413 بيچلر ۽ 3085 ماسٽر پروگرامز سميت مجموعي طور 23513 اميدوارن فارم ڀرايا، جيڪو وڏو تعداد آهي، جڏهن ته صوبي جي باقي يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏيندڙن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽيو آهي. هن چيو ته ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران 2015ع کان ھيل تائين يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ ھڪ رپئي جي به واڌ ناھي ڪئي ويئي، جنھن سبب يونيورسٽي بحران جو شڪار آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ گذريل ٻن ٽن سالن دوران ضرور واڌ ڪئي آھي، پر اداري کي ھڪ ارب رپين جي سالياني بجيٽ جي کوٽ سبب وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آھي. ھوڏانهن انٽري ٽيسٽ دؤران ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر سميت مختلف امتحاني مرڪزن ۾ عارضي ميڊيڪل ڊسپينسريون به قائم ڪيون ويون ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمبولينس جو به اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي جو به جوڳو بندوبست ڪيو ويو ۽ اميدوارن کي ٽيسٽ دؤران انتهائي دوستاڻو ۽ پرامن ماحول فراهم ڪيو ويو. مختلف ڪئمپسز جا فوڪل پرسنز ۽ ڊينز پڻ موجود رهيا. ڪنٽرول روم ڊين سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو. ٻئي طرف اميدوارن سان گڏ ايندڙ سندن والدين (مردن لاءِ) فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۽ عورتن لاءِ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ۾ ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو. کين پيئڻ لاءِ منرل واٽر جون بوتلون پڻ ڏنيون ويون. ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي به پيئڻ جي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ بال پينون پڻ ڏنيون ويون. اميدوارن ۽ سندن والدين سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران پري انٽري ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سيڪيورٽي سميت سموري نظم ضبط ۽ امتحاني نظام جي واکاڻ ڪئي. واضح رهي ته پوائنٽ بسون حيدرآباد مان ٽائيم تي هلايون ويون، جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو انتظام اسٽيشن روڊ، شاگردن لاءِ سنڌالاجي گيٽ ۽ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو گيٽ باب الاسلام رکيو ويو.

06/11/2022

New batch welcome celebration ❤️

Address

Hyderabad

Telephone

+923421353307

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when University of sindh Entry Test preparation 2k23 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to University of sindh Entry Test preparation 2k23:

Share