16/11/2025
#تعليمي #ادارن مان #غائب ٿيل
#هم/ #غير #نصابي #سرگرميون ڪڏهن
بحال ٿينديون؟
ڪو وقت هو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نصابي سان گڏ غير / هم نصابي سرگرميون جاري رهنديون هيون. ڊائريڪٽوريٽس کي اختيار هئا. تعليمي ادارن کي فنڊ يا سامان فراهم ڪيو ويندو هو. اسڪول به گيمس فنڊ وٺندا هئا ان مان سامان ورتو ويندو هو. اسڪول جو هيڊ ڪنهن ايڪٽو ۽ راند سان دلچسپي رکندڙ استاد کي گيمس /اسپورٽس جو انچارج مقرر ڪندو هو. هر هاء اسڪول جون ڪرڪيٽ فٽ بال والي بال ۽ ڪٿي ڪٿي هاڪي جون ٽيمون هونديون هيون . هر اسڪول جو باقاعده گرائونڊ ھوندو هو . هاڻي شھرن ۾ اهي گرائونڊ قبضه خورن جي حوالي آھن جي ڪٿي آھي ته اتي اسڪولس پاران ڪا راند نه پئي ٿئي.ڇو ته اسڪول ٽيمون جمهوريت اچڻ سان ختم ٿي ويون.
هم نصابي سرگرمين ۾ راندين سان گڏ تقريري ، نعتيہ ، قراءت مضمون نويسي، خوشخطي،…………وغيره . غير نصابي ۾ سيڪنڊري سطح تي هر هاء اسڪول جون ڪرڪيٽ، فٽ بال. والي بال ۽ ھاڪي جون ٽيمون هونديون هيون. پهرين هاء اسڪولن جي درميان تعلقي سطح تي مقابلا ٿيندا هئا.تعلقن مان سوڀاريون ٽيمون ضلعي ڊويزن ۽ اهڙي ريت صوبي ليول تي ٿيندڙ چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺنديون هيون . ونر ۽ رنر کي تعلقه کان صوبه سطح تائين ٽرافي ۽ تمام شرڪاء کي انعام واڪرام سان نوازيو ويندو هو. ايئن ٻارن جي حوصلہ افزائي ٿيندي هئي .هارائيندڙ به ايندڙ مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاء ڀرپور محنت ڪندا هئا. پڙهڻ سان گڏ راند روند سبب ٻار جسماني سان گڏ دماغي طور به صحتمند رهندا هئا.
ٻارن ۽ استادن جي صوبائي ليول تائين انٽر ائڪشن سان صحتمند روايت،ماحول ۽ چٽاڀيٽي جو رجحان پروان چڙھندو هو. راند روند سان ٻارن جي جسماني و دماغي سگھ پروان چڙھندي هئي . ٽيمن جا رانديگر پنهجي ڪاميابي جا قصا بيان ڪري دوستن کان داد وصول ڪندا هئا يا معمولي غلطي سبب کاڌل شڪست مان پاڻ بہ ڪجھ پر ائيندا هئا تہ واپسي ۾ پنهنجي دوستن سان روئداد شيئر ڪري صلاحون وٺندا هئا ايئن کيس خوشيون ميسر ٿينديون هيون .
ياد ماضی عذاب ہے يا رب
چھين لي مجھ سے حافظہ ميرا
عوامي دور جي شروعات سان اهي صحتمند روايتون.صحتمند سرگرميون آھستہ آھستہ موڪلائينديون رهيون.تان جو ضلعي جو راندين جو آفيسر بچيو سو به شايد بجيٽ ھڙپ ڪرڻ لاء ...
آخري مقابلا جيڪي به وڏي عرصي بعد ٿيا اهي مشرف جي دور ۾ 2007-8 يا پ پ جي دور ۾ 2009 ۾ ٿيا .ايئن راند روند ۽ انڊور ايڪٽيوٽيز آھسته آھسته موڪلائي ويون. بدقسمتي سان ڪنهن تڏو به نه وڇايو ۽ نہ ئي ڪنهن آخري رسمون ادا ڪرڻ جي زحمت ڪئي.شايد ان ڪري جو اهو شعبو ڪاغذن ۾ زنده آھ . ضلعي سطح تي ڊي اي او اسپورٽس جي آسامي آھي پر سرگرمي جو پتو ناهي. سو ميدان ويران آھن ۽ راند ميدانن ۾ بلڪل ناهي.
اهو هينئن بہ ڏٺم : - ڪافي وقت اڳ ڪنهن اسڪول بلڊنگ تي لڪڙو لڳل ڏٺم .ويجهو وڃي ڇا ڏسان لڪڙي ۾ ڪجھ سفيد ڪپڙي جو ٽڪر بچيو هو جنهن ۾ ڏنڊو گهسيڙيل هو اهو هوا تي پئي ڦڙڪيو باقي سائي رنگ ۽ چنڊ تاري وارو وڏو حصو ڪڏهوڪو ٽٽي اڏامي ويو هو .سمجھي ويم. ڪنهن محترم استاد دوست اسڪول تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو هو ، شايد وسري وڃڻ سبب، روز لڳائڻ لاهڻ جي جنجهٽ کان بچڻ يا اهميت جو ادراڪ نہ هئڻ سبب اسڪول ٽائيم بعد ان ڏي ڪڏهن نظر ڪانہ ڪئي تہ قومي سلامتي جو نشان ڪهڙن حالن ۾ آھي .بهرحال سبب جيڪو به هو ڪافي وقت بعد اڪثريت تہ اڏامي ويئي هئي باقي ويچاري اقليت جي .........۾ بانس جو ڏنڊو اهڙو مضبوط گهسيڙيل هو جو خلاصو خاصو مشڪل پئي لڳو.. ڏنڊو قابو ٻڌل هو. لڳي ٿو ايئن ڊي اي او اسپورٽس بہ…………………
روز تعليم جي بهتري لاء عمل گهٽ اعلان وڌيڪ ڪيا پيا وڃن .معلمن کي ملزم بنائي عوام اڳيان رسوا ڪرڻ جون ڪوششون عروج تي آھن .تعليم جي ت کان بہ نا آشنا،مڪار، سماج جاڌڪاريل ادراڪ کان عاري لڪير جا فقير يا ماسترن جي معقول معاوضي تي حاسد روح سوشل ميڊيا تي سدائين لعن طعن ڪرڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. کيس پروڙ ناهي تہ تعليم تباه ڪرڻ جو اصل ذميوار ڪير آھ. اهو بہ نٿا سمجهن تہ واويلا ڪرڻ وارو يعني چوڪيدار ئي چور هوندو آھي.
ها! مڃون ٿا استادن جي ويس ۾ ٿورا ڪجھ ڪروپ ڪوڙھيا وڏيرن جا واٺا يا آفيسرن جا کيسا گرم ڪندڙ چور هوندا جيڪي پيغمبري پيشي تي داغ آھن .پر ان داغ کي ڌوئڻ جو ذميوار ڪير؟
روز لسٽون شائع ٿين ٿيون ٿہ ڦلاڻي ضلعي ۾ فلاڻا صحافي آھن يا وڏيرن جا ڪمدار . پر انهن کي بچائڻ وارو يا پگهار جاري ڪرڻ وارو ڪير آھ ؟
اڄ به ڪافي اهڙا ملندا جن ڪڏهن اسڪول جو منهن به نه ڏٺو هوندو پر نه کيس بايو ميٽرڪ اٽينڊنس ڏيڻ جي اون آھ نه ئي ڪنهن مڄو آفيسر جو خوف آھ .ڇو ته کيس يقين آھ ته هن دور جو آفيسر صاحب جي فون جو خرچ آھ. کيس طاقت ناهي جو اهڙن دادلن جو وار ونگو ڪري سگهي .آفيسر ته رکيل ئي اهڙن کي تحفظ ڏيڻ نڌڻڪن استادن کي دڙڪا ڏيڻ کانئس ڀتو وٺڻ ۽ ٿوري گهڻي بجيٽ جيڪا ملي ٿي ان کي ڦٻائڻ ڪوڙا انگ اکر ڏيڻ بجيٽ ٺاهڻ ۽ بجيٽ کائڻ وارن لاء آساني ڪرڻ لاء آھن.
پرائيويٽ سسٽم ۾ ڪجھ نالي وارن ادارن کي ڇڏي ٻين تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھَ. ڪجه پرائيويٽ ادارن ۾ تہ غير نصابي سرگرمين جو تصور تہ خير اسيمبلي ۽ قومي ترانو يا جهنڊي جي سلامي بہ نٿي ٿئي. اسڪولن لاء عمارتون جهڙو ڪڪڙن جون کڏيون. استاد اهڙا رکيا ويندا جيڪي بيروزگاري سبب ڪو واه ڪو راه نہ سجهندي 5 کان 10 هزار پگهار تي راضي ٿين.
انڌير نگري ڏسو .سرڪار سڳوري جو اعلان گهٽ ۾ گهٽ مزدوري 17 هزار کان مٿي پر هنن لوڀين کي ڪير جهلي. ملڪ سڄو منصور.
ايتري بي حسي ٿي ويئي آھي جو غلط کي غلط چوڻ تہ ٺھيو پر غلط صحيح کي پرکڻ بہ مشڪل ٿيندو وڃي . هاڻي ته مرڳو غلط، صحيح جي جڳھ والاري قبضو ڪري چڪو آھ . حق جي باطل تي فتح بدران باطل حق جي حلق تي لت ڏيئي فتح جو اعلانى ڪري چڪو آھ.
جڏھن سرڪاري سطح تي ڊي اي اوز غير نصابي سرگرمين ختم ٿيڻ تي خاموش آھن تہ پرائيويٽ وارن اعزازي ڊائريڪٽرن کي ڪهڙي ………پئي آھي جو هو پرائيويٽ اسڪول وزٽ ڪري ڏسن تہ اسيمبلي ۽ ترانو يا سلامي ٿئي ٿي يا نہ .
رکي، يعني خشڪ تعليم بنا روح جي جسم وانگر آھي .نہ شاگردن ۾ شوق ٿو پيدا ٿئي نہ استادن ۾ اتساھ َ. بس رينگهٽ آھ هلي پيو.
طالب جي ڪيتري طلب ٿي پوري ٿئي؟
.نئي نسل جي ڪيتري تربيت ٿي ٿئي؟
.قوم کي ڪيترو ٿو لاڀ ملي؟ان سان امراء کي ڪهڙو سروڪار.
دريا ڪو اپني موج کي. طغيانيون سي ڪيا ڪام
ڪشتي ڪسي ڪي پار هو. يا درميان مين رهي.
ادارن جي هيڊس، معزز ٽي اي اوز ،ڊي اي اوز، ڊائريڪٽرز ۽ منسٽر صاحب کي گذارش آھ ته تعليمي ادارن جي جان هم نصابي سرگرمين لاء ڪا انيشيٽو وٺو . فنڊن جي ضرورت آھ ته ڏيو. ٽيمون ٺهرايو. ادارن ۾ جان وجهو . استادن جي تربيت ڪرايو . ٻارن کي صحتمند رهڻ لاء ماحول ڏيو. اگر اهو نٿا ڪريو ته گهٽ ۾ گهٽ اسيمبلي يا بعد ۾ پي ٽي جي مشق لازمي قرار ڏيو. هر مڊل کا هاء اسڪول ۾ ٻيو ڪو استادهجي نه هجي پي اي ٽي ضرور موجود هوندو. ان کي وسل وٺي ڏيو ته اهو ويچارو وسل وڄائڻ جي ته قابل ٿئي.