07/10/2023
*سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت بيچلرس، بي ايس ٿرڊ ايئر ۽ ماسٽرز پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائن درخواستون جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 6 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان*
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت بيچلرس، بي ايس ٿرڊ ايئر ۽ ماسٽرز پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائن درخواستون جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 6 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آھي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران جاري ڪيل ھڪ سرڪيولر موجب داخلائن جا خواھشمند اميدوار ھاڻي 6 آڪٽوبر تائين آن لائين رجسٽريشن ڪرائي سگھن ٿا. ھن چيو ته داخلائن لاءِ آن لائن فارم ڀرڻ وقت جنريٽر ٿيندڙ 3000 رپين جو چالان حبيب بينڪ جي ڪنھن بہ برانچ ۾ جمع ڪرائڻ ضروري آھي.