13/11/2023
جيئي سنڌ جيئي شاگرد جدوجهد
پريس ريليز 13-11-2023
اڄ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن طرفان اسٽوڊنٽس افيئرز جي ايڊوائيزر سان مطالبن جي مڃتا لاءِ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ اسٽوڊنٽس افيئرز جي ايڊوائيزر طرفان مطالبن جو حل هيٺين ريت ڏنو ويو.
1: ٻئين سيمسٽر جي هاسٽل فيس مان يوٽيليٽيز جون فيسون ختم ڪيون ويون آهن هاڻي شاگرد هاسٽل فيس ۾ فقط روم چارجز ڏيندا..
2: ڊگري جي ڊاڪيومينٽس مان وڌايل فيس سال 2023 ۾ لاڳو نه ٿيندي.
3: بي ايس پروگرام جي شاگردن تي لڳل پينلٽيز معاف ڪيون وينديون ..
سڀني شاگردن کي واڌايون جيڪي مطالبن جي مڃتا لاءِ آخر تائين ثابت قدميءَ سان بيٺا رهيا..
پاران: مهراڻ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن
سنڌ شاگرد سڀاءَ ( مهراڻ يونيورسٽي)