Mehran Student's Council-BBSUL

Mehran Student's Council-BBSUL Mehran Student's Council is non-political, social and Cultural Organization of Sindhi Students Study

Mehran Student's Council is non-political, social and Cultural Organization of Sindhi Students Studying at Benazir Bhutto shaheed university Lyari Karachi Sindh

21/09/2024
11/05/2024

لياري يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽ ويلفيئر آفيسر شڪور بلوچ پاران ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ وارو معاملو.

Admission open 2023-24 Bbsul Karachi Sindh.
17/11/2023

Admission open 2023-24 Bbsul Karachi Sindh.

ڪراچي پريس ڪلباڄ 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا "ڪراچيء جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ۽ لڳاتار دھشتگرديء خلا...
28/02/2023

ڪراچي پريس ڪلب
اڄ 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا "ڪراچيء جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ۽ لڳاتار دھشتگرديء خلاف احتجاج ڪيو ـ جنھن ۾ خاص ويجھڙ ۾ لياري يونيورسٽيء جي سنڌي شاگردن ۽ ملازمن سان نقاب پوش بندوق بردارن جي چرچ تي لياري گينگ وار مينٽلٽي ۽ جعلي اتحادن گڏجي لياري يونيورسٽيء ۾ سنڌي شاگردن سان ھر وک تي رنڊ روڪ تذليل ڪندي پڪ سان رياستي ادارن جي پراڻي سازش ڪنھن بـ ريت سنڌين کي لڳاتار ڪڏھن اردو ڳالھائيندڙن سان تـ ڪڏھن ھن سان تـ ڪڏھن سان ۽ ھاڻي جڏھن رياستي نقاب پوش بندوق بردارن جا ٻيا در بند ٿيڻ لڳا آھن تـ ـ ھاڻي سنڌين جي منھن ۾ ڪراچيء خاص لياري گينگ وار مينٽلٽيء وارن نادان بلوچن جي ھڪ خاص ڌڙي کي ڪتب آڻيندي لياري يونيورسٽيء ۾ سنڌي شاگردن سان پراڻي سازشي ويڙھ جي شروعات ڪرائي سنڌين جي گھر ۾ سڀ کان وڌيڪ پراڻي آبادي بلوچن کي سنڌين سان ويڙھائي پنھنجي پراڻي سازش کي مڪمل ڪرڻ چاھن ٿا!"
سنڌ سڀا ڪنھن بـ ريت اردو آبادي يا ڪراچيء جي خاص لياري جي بلوچن سان بـ ويڙھ کان پاسو ڪندي ـ سنڌي شاگردن سان لياري يونيورسٽيء جي انتظاميا ۽ سچي بلوچ قيادت کي اپيل ڪري ٿي تـ ھن مامري جو ترت حل ڪڍن نـ تـ وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي ۽ ان ويڙھ مان سواء رياستي نقاب پوش بندوق بردارن جي ڪنھن جو بـ ڀلو ناھي ٿيڻو ـ

سنڌ سڀا اھو بـ سمجھي ٿي تـ ھي لياري يونيورسٽيء جو پنھنجي ڪرپشن لڪائڻ جو ھڪ طريقو بـ آھي جيئن شاگرد ھڪ ٻئي جا منھن پٽيندا رھن ۽ ھو يونيورسٽيء جو ماس پٽي کائيندا رھن ۽ ڪير ھنن ڏانھن ڏسي ئي نـ

انڪري لياري يونيورسٽيء جو وي سي ۽ ٻي انتظاميا اک پٽي ۽ سنڌي ۽ بلوچ ساڃاھ ڌيان ڌري سنڌي بلوچ قيادتيون اڳتي اچن نـ تـ ھي مامرو ھلندو رھندو ۽ پوء ھي احتجاج رڳو لياري يا ڪراچي تائين ئي نـ ۽ سڄي سنڌ ۾ پکرجي ويندو: جيئي سنڌ

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل لياري يونيورسٽي جي پاران چيئرمين مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد سائين جاوي...
28/02/2023

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل لياري يونيورسٽي جي پاران چيئرمين مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد سائين جاويد زهري ۽ جنرل سيڪريٽري سائين بشارت بروهي کي گرفتار ڪرڻ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. رات جي وقت شاگردن تي تشدد ڪري هاسٽل مان بيدخل ڪرڻ تفتيش جوڳو عمل آهي. اسلام آباد انتظاميا ۽ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بجاءِ بيدخل ڪرڻ واري بزدلانہ حرڪت کي رد ڪيون ٿا.

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل لياري يونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي جي باغيور ۽ باشعور شاگردن ۽ شاگردياڻين, سنڌ ڌرتي جي عشق سان سلاڙھيل جيڪو جشن لطيف, پيغام سنڌ, لطيف ڪچھريون...
03/12/2022

سنڌ يونيورسٽي جي باغيور ۽ باشعور شاگردن ۽ شاگردياڻين, سنڌ ڌرتي جي عشق سان سلاڙھيل جيڪو جشن لطيف, پيغام سنڌ, لطيف ڪچھريون ۽ ثقافتي ڏھاڙا ملھائي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ثقافت سان محبت جو اظھار ڪيو آھي,
انھي انتظاميا کي بوخلاھٽ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي ڇو جو ھو سمجھن ٿا تـ اھو تسلسل برڪرار رھيو تـ وري شھيد افضل پنھور شھيد آصف پنھور جھڙا جوڌا جوان پيدا ٿيندا. جنهن جي نتيجي ۾ انتظاميا ۽ حڪومتي ڌرن شاگردن مٿان دھشتگردي جا قلم لاڳو ڪري ڇڏيا, اگر ڌرتي سان عشق ڪرڻ ثقافت سان محبت جو اظھار ڪرڻ ڏوھ آھي تـ ياد رکو جي ايم سيد جي ڏينگن ٻارن اھي ڏوھ پھرين بـ ڪيا ھئا اڳتي بـ ڪندا رھندا.
جيڪا نفري مادري علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ لٿل ھئي اگر ڪنهن ڌارين افغانن لاء ميدان ۾ لھي آن تـ اسانجا سنڌي نوجوان افغاني پٺاڻن ڌارين جي ھٿان بيدردي سان قتل نـ ٿين آن
شيم سيم سنڌ يونيورسٽي انتظاميا
شيم شيم سنڌ پوليس
شيم شيم پ پ پ گورنمينٽ
جيئي سنڌ, جيئي لطيف, جيئي لطيف جي ٻولي
جيئي منهنجو عظيم رھبر مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد✌

03/12/2022

پريس ريليز

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل لياري يونيورسٽي جي شاگردن جنھن تي يونيورسٽي انتظاميه پاران بندشون، سختيون ۽ رياستي ادارن (ايجنسين) کان حراسان ڪرائڻ جي باوجود سيد جي ڏنگن ٻارن لياري يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڳاڙھو جھنڊو ڦڙڪائي يونيورسٽي انتظاميه کي اھو ٻڌايو ته انھن جو حوصلو ڪڏھن به جھڪڻ وارو ناھي اھي سائين جي ايم سيد جا پيروڪار آهن.
يونيورسٽي انتظاميه سندس ھاڻي بزدلاڻي ڪاروايون ڪرڻ لاءِ روزمره جي بنياد تي شاگردن لاء ليٽر ڪڍڻ معمول بڻائي ڇڏيو آھي. جنھن کي شاگرد ھر وقت منھن ڏيڻ جي لاء تيار آھن . ۽ ٻئي طرف يونيورسٽي جون ڪجھ غيبي بلائون Divide and Role تحت سنڌي شاگردن کي پاڻ وڙھائي انھن کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي. جنھن جو اندازو اڄ واري ڪلچر ڊي واري پروگرام ۾ لڳائي سگھجي ٿو ته فقط چار ڏينھن ۾ ايمرجنسي ۾ پروگرام ڪرائڻ. ڇو ڪلچر ڊي ايترو ايمرجنسي ۾ ڪرايو ويو ؟ جيڪو مڪمل طور تي فلاپ پروگرام ٿيو ڇو ته ھن پروگرام ۾ مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي 150 شاگردن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو. جلدي مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران ھڪ ٻيو زبردست پروگرام ڪرايو ويندو

پريس رليز جيئي سنڌجيئي شاگرد جدوجهدتازو سنڌ يونيورسٽي ۾ ملھايل ثقافتي ڏهاڙي جي ڏوھه ۾  300 کان وڌيڪ شاگردن متان ڪوڙي ايف...
02/12/2022

پريس رليز

جيئي سنڌ
جيئي شاگرد جدوجهد

تازو سنڌ يونيورسٽي ۾ ملھايل ثقافتي ڏهاڙي جي ڏوھه ۾ 300 کان وڌيڪ شاگردن متان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا انتظاميه ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل سازش تحت پنج هزار سال پراڻي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت مٿان حملو سمجھون ٿا. شاگردن مٿان داخل ڪيل ايف آئي آر جي سخت مزمت ڪيون ٿا.
مھراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي چيئرمين فيروز سميجو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تہ ” مادر علمي سنڌ يونيورسٽي اندر ھر سال ثقافتي ڏهاڙي کانپوءِ شاگردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ھڪ روايت بڻجي چڪي آهي، سنڌ جي درسگاهن اندر ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي ڏوھ ۾ شاگردن تي ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرائي شاگردن ۾ خوف ڦهلائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ھن وقت سنڌ جون يونيورسٽيون مڪمل طرح فورسز حوالي آھن جڏھن تہ شاگردن جا حوصلا بلند آهن. اسين انھيءَ ڪوڙي ايف آئي آر جي شديد لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ۽ اسان شاگردن سان مڪمل طرح گڏ آھيون.”

Benazir Bhutto shaheed University Layari Karachi Sindh, will celebrate Sindhi Culture Day on 1december 2k22 @ Main campu...
28/11/2022

Benazir Bhutto shaheed University Layari Karachi Sindh, will celebrate Sindhi Culture Day on 1december 2k22 @ Main campus Auditorium (BBSUL)

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mehran Student's Council-BBSUL posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share