23/08/2026
ڏانهن:
سول سوسائٽي جا نمائندا، خيرپور ميرس
معزز وزيرِ تعليم، حڪومتِ سنڌ
سيڪريٽري، اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، حڪومتِ سنڌ
ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، سکر ريجن
ضلعي تعليم آفيسر (DEO)، خيرپور ميرس
موضوع: گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول، مال روڊ خيرپور ميرس ۾ ڊبل شفٽ بحال ڪرڻ ۽ شاگردياڻين ۽ استادن جي حفاظت لاءِ فوري قدم کڻڻ بابت انتهائي اهم درخواست
محترم سائين
اسان، گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول، مال روڊ، خيرپور ميرس (SEMIS Code: 415030406) جا تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جا ميمبر، نهايت ادب سان اوهان جي توجهه اسڪول جي عمارت جي انتهائي خراب ۽ خطرناڪ صورتحال ۽ ان سبب شاگردياڻين ۽ عملي کي پيش ايندڙ مسئلن ڏانهن ڇڪائڻ چاهيون ٿا.
اسان جو اسڪول گذريل تقريباً 25 سالن کان ڊبل شفٽ ۾ هلندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته شاگردياڻين جو تعداد وڌيڪ ۽ ڪلاس رومز جي گنجائش محدود آهي. پر 22 آڪٽوبر 2025ع کان اسڪول کي سنگل شفٽ ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن جو سبب شاگردياڻين جي گهٽ حاضري ٻڌايو ويو.
هن وقت صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي چڪي آهي. اسڪول جي عمارت جو هڪ وڏو حصو تعميراتي ڪم جي مقصد لاءِ ڊاهي ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت صرف تقريباً 8 ڪلاس رومز قابلِ استعمال حالت ۾ آهن. اسڪول هائير سيڪنڊري آهي ۽ ڇهين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪلاسن جون هڪ کان وڌيڪ سيڪشنون پڻ آهن. ان ڪري موجوده ڪلاس رومز ۾ سڀني ڪلاسن کي سنگل شفٽ ۾ هلائڻ عملي طور تي ممڪن نه آهي.
ان کان علاوه، باقي عمارت جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي ماڙ جي ڇت جا چاپر/ڇت جو مواد وقت بوقت ڪري رهيو آهي، جنهن سبب شاگردياڻين ۽ استادن جي جان کي مسلسل خطرو لاحق آهي. ڪيترن ئي موقعن تي شاگردياڻيون خوف ۽ پريشاني سبب بيهوش پڻ ٿي چڪيون آهن. استاد به ڇت مان چاپر يا ٻيو مواد ڪرڻ جي خطري سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس رومز کان ٻاهر ويهڻ تي مجبور ٿين ٿا.
ڪلاس رومز جي کوٽ سبب هن وقت موجوده ڪمرن اندر پارٽيشنون لڳائي ڪلاسز هلائڻا پئجي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪمرن ۾ تمام گهڻي رش، هوا جي مناسب اچ وڃ جي کوٽ ۽ دم گھٽجڻ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ شاگردياڻين لاءِ پڙهڻ ۽ استادن لاءِ پڙهائڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي.
اسڪول جي عمارت جي خراب حالت سبب والدين ۾ پڻ سخت ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي. نتيجي طور ڪيترن ئي والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ڇوڪرين جي تعليم ۽ حاضري تي خراب اثر پئجي رهيو آهي.
اسڪول جي سموري عملي طرفان پرنسپال کي ڪيترائي ڀيرا درخواست ڪئي وئي آهي ته جيستائين مناسب ڪلاس رومز دستياب نه ٿين، تيستائين اسڪول ۾ ڊبل شفٽ بحال ڪئي وڃي. پر اها درخواست اڃا تائين منظور نه ڪئي وئي آهي. اسان نهايت ادب سان عرض ڪريون ٿا ته ڪنهن هڪ فرد جي انتظامي سهولت يا ذاتي مجبوري کان وڌيڪ اهم سوين شاگردياڻين جي تعليم، انهن جي جان ۽ حفاظت ۽ استادن جي حفاظت آهي.
تنهن ڪري اسان لاڳاپيل اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون ته:
جيستائين مناسب ڪلاس رومز دستياب نه ٿين، گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول مال روڊ خيرپور ميرس ۾ فوري طور ڊبل شفٽ بحال ڪئي وڃي.
اسڪول جي پوري عمارت، خاص طور تي ٻئي ماڙ جي ڇت ۽ خراب حصن جو فوري فني معائنو ڪرايو وڃي.
خطرناڪ ڇت جي چاپرن ۽ ٻين ڪري سگهندڙ مواد کي فوري طور هٽائي يا محفوظ بڻايو وڃي.
تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ تائين شاگردياڻين ۽ عملي لاءِ متبادل يا عارضي محفوظ ڪلاس رومز جو انتظام ڪيو وڃي.
ڪلاس رومز ۾ مناسب هوا جي اچ وڃ ۽ شاگردياڻين لاءِ مناسب جاءِ يقيني بڻائي وڃي.
اعليٰ اختيارين طرفان اسڪول جو ذاتي طور دورو يا بااختيار انسپيڪشن ٽيم ذريعي معائنو ڪرايو وڃي ته جيئن زميني صورتحال جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي.
شاگردياڻين، استادن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي وڏي مفاد ۾ فوري ۽ مستقل حل لاءِ ضروري انتظامي قدم کنيا وڃن.
اسان کي پورو يقين آهي ته لاڳاپيل اعليٰ اختيارين هن معاملي کي شاگردياڻين ۽ عملي جي جان جي حفاظت سان گڏ تعليم جو انتهائي اهم مسئلو سمجهندي فوري قدم کڻندا، ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان اڳ صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
اسان اوهان کي نهايت عاجزي سان درخواست ٿا ڪريون ته اسڪول جو فوري دورو/معائنو ڪرائي، عمارت جي اصل حالت ۽ ڪلاس رومز جي کوٽ جو پاڻ جائزو وٺي، شاگردياڻين ۽ استادن جي جان ۽ تعليم جي تحفظ لاءِ ترت ڪارروائي ڪئي وڃي.
اوهان جا فرمانبردار،
تدريسي ۽ غير تدريسي عملو
گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول
مال روڊ، خيرپور ميرس
SEMIS Code: 415030406