Salu ki Duniya

Salu ki Duniya A platform dedicated to Shah Abdul Latif University, Khairpur (SALU). We share authentic university news and Memes.
(1)

- - وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰ○- اور بیشک قریب ہے کہ تمہارا رب تمہیں اتنا دے گا کہ تم راضی ہوجاؤ گے ♥️
19/08/2026

- - وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰ○

- اور بیشک قریب ہے کہ تمہارا رب تمہیں اتنا دے
گا کہ تم راضی ہوجاؤ گے ♥️

19/08/2026

اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي مقرري کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن. ٻه سال اڳ جڏهن ڊاڪٽر يوسف خشڪ کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، ان وقت يونيورسٽي تقريبن هڪ سال کان وائيس چانسلر جي مسئلي سبب سخت انتظامي ۽ تدريسي بحران کي منهن ڏئي رهي هئي.

ڊاڪٽر يوسف خشڪ پاڻ هن يونيورسٽي سان ڊگهي عرصي کان لاڳاپيل رهيا آهن؛ ليڪچرار کان پروفيسر، چيئرمين، ڊين ۽ پرو وائيس چانسلر جي ذميوارين کان پوءِ وائيس چانسلر جي منصب تائين پهتا آهن. تنهن ڪري ايندڙ دور ۾ يونيورسٽي جي بنيادي مسئلن تي وڌيڪ سنجيده ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.

خاص طور تي فزڪس، اسپيشل ايجوڪيشن، جاگرافي، لا ۽ ٻين انهن شعبن ۾ جتي استادن جي کوٽ آهي، اتي فوري طور نيون ڀرتيون ڪيون وڃن.

شاگردن لاءِ جديد Student Portal قائم ڪيو وڃي، جنهن ذريعي نتيجا، حاضري، مارڪس ۽ ٻيون تعليمي معلومات آن لائن دستياب هجن. Examination Wing جو سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي ۽ مارڪ شيٽس ۽ ڊگريون آن لائن حاصل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

اسڪالرشپس ۽ داخلا جي عمل ۾ ميرٽ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي. هر شاگرد کي شفاف ۽ برابري جي بنياد تي موقعو ڏنو وڃي.

خاص طور تي Laptop Scheme ۾ شاگردن کي درپيش مسئلا اڃا تائين حل طلب آهن؛ انهن مسئلن کي فوري طور حل ڪري مستحق شاگردن کي سندن حق ڏنو وڃي.

ان سان گڏ ريسرچ، لائبريري، ليبارٽريز، ڪيريئر ڪائونسلنگ، انٽرن شپ، هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ گهرجي.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ڊاڪٽر يوسف خشڪ کي سندس ڪارڪردگي جي بنياد تي ٻيو ٽينور ملڻ گهرجي؟ ان جو فيصلو يونيورسٽي جي مجموعي ترقي، شفافيت، تعليمي معيار ۽ ايندڙ ٻن سالن جي ڪارڪردگي کي ڏسي ٿيڻ گهرجي.

اميد آهي ته ايندڙ ٻه سال SALU جي حقيقي ترقي ۽ جديد نظام جي قيام جا سال ثابت ٿيندا.

18/08/2026
18/08/2026

لا ايڊميشن ٽيسٽ LAT ڏيندڙ اميدوارن لاءِ اهم اطلاع:
جن جي فيس پينڊنگ Pending Status
آهي، اهي 19 کان 21 آگسٽ 2026ع تائين 1LINK ذريعي فيس ادا ڪري رجسٽريشن مڪمل ڪري سگهن ٿا

🎓 شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور — داخلا 2027شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ BS Part-III (Morning) ۽ MBA (2-Years Eve...
18/08/2026

🎓 شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور — داخلا 2027

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ BS Part-III (Morning) ۽ MBA (2-Years Evening) پروگرامن لاءِ داخلا جاري آهي. مختلف شعبن ۽ ادارن ۾ شاندار تعليمي موقعا موجود آهن. 🎓

📅 درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ: 22 سيپٽمبر 2026
💰 اصل چالان فيس: Rs. 2500/-

🔗 وڌيڪ تفصيل ۽ تياري لاءِ اسان جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

📢 پنهنجي پسنديده پروگرام ۾ داخلا لاءِ آخري تاريخ کان اڳ لازمي اپلاءِ ڪريو.

🎓 Secure Your Future With SALU
📲 WhatsApp:
03212197587
0309-9369887
Made By: SALU KI DUNIYA

🎂🎉 Happiest Birthday, dear Agha Naveed Durrani! 🥳❤️From SZAB School of Law, 3rd Year — one of the most competent, talent...
18/08/2026

🎂🎉 Happiest Birthday, dear Agha Naveed Durrani! 🥳❤️

From SZAB School of Law, 3rd Year — one of the most competent, talented, and dedicated boys! 🌟⚖️

Wishing you a wonderful year filled with success, happiness, and countless achievements. May you always keep shining and reaching new heights! 🎉🎂

18/08/2026

جيوگرافي، فزڪس، اسپيشل ايجوڪيشن ۽ لا سميت جن شعبن ۾ استادن جي کوٽ ۽ خالي جايون موجود آهن، اتي فوري طور نئين ڀرتين جا اشتهار جاري ڪري اهل ٽيچنگ اسسٽنٽ مقرر ڪيا وڃن، ته جيئن شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي.

📢 شاگردن لاءِ اهم اطلاعاسان جي درخواست تي معزز پرو وائيس چانسلر ۽ ڪنٽرولر امتحانات، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پارا...
17/08/2026

📢 شاگردن لاءِ اهم اطلاع

اسان جي درخواست تي معزز پرو وائيس چانسلر ۽ ڪنٽرولر امتحانات، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران لاڳاپيل ڪاليجن جي ADA، ADC ۽ ADS (ريگيولر، ايڪسٽرنل ۽ فيليئر) پارٽ I ۽ II ۽ M.A Failure (Previous & Final) سال 2025ع جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 1000 رپيا ليٽ فيس سان واڌ ڪئي وئي آهي.

اميدوارن لاءِ پورٽل صرف 19 ۽ 20 آگسٽ 2026ع تي کوليو ويو آهي.

تنهن ڪري سمورا رهيل شاگرد مقرر وقت اندر پنهنجا امتحاني فارم لازمي جمع ڪرائين، جيئن ڪنهن به تڪليف کان بچي سگهجي.

شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جو آواز جاري رهندو.
Salu ki Duniya

يونيورسٽي ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃيڊاڪٽر يوسف خشڪ صاحب هڪ تعليمي سوچ رکندڙ وائيس چانسلر آهن. يونيورسٽي 3 آگسٽ کان کلي ...
17/08/2026

يونيورسٽي ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي

ڊاڪٽر يوسف خشڪ صاحب هڪ تعليمي سوچ رکندڙ وائيس چانسلر آهن. يونيورسٽي 3 آگسٽ کان کلي چڪي آهي، پر اڃا تائين ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪلاسز باقاعدگي سان شروع نه ٿي سگهيا آهن، جنهن جو هڪ اهم سبب استادن جي کوٽ آهي.

جيوگرافي، فزڪس، اسپيشل ايجوڪيشن ۽ لا سميت جن شعبن ۾ استادن جون خالي جايون ۽ ضرورت موجود آهي، اتي فوري طور نئين ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪري اهل ٽيچنگ اسسٽنٽ مقرر ڪيا وڃن.

اميد آهي ته انتظاميا شاگردن جي تعليمي نقصان کي نظر ۾ رکندي، ضرورت وارن شعبن ۾ استادن جي کوٽ جلد ختم ڪندي، جيئن تعليمي سرگرميون مڪمل طور تي بحال ٿي سگهن.

شاگردن جو بهتر مستقبل، يونيورسٽي جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي.

17/08/2026

🥲😂

Address

Shah Abdul Latif University Khairpur
Khairpur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Salu ki Duniya posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Salu ki Duniya:

Shortcuts

Share