Voice of Universities

Voice of Universities General Information for SALU students

هراسمينٽ رڳو ھڪ فرد، هڪ گهر جو قصو ناهي، اهو سنڌ جي هر ان گهر جو ڏک آهي جتي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪتابن سان گڏ دعائون ڏئي ...
30/04/2026

هراسمينٽ رڳو ھڪ فرد، هڪ گهر جو قصو ناهي، اهو سنڌ جي هر ان گهر جو ڏک آهي جتي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪتابن سان گڏ دعائون ڏئي يونيورسٽي موڪلن ٿا. اسان جا والدين پنهنجي نياڻين کي پڙهائڻ وقت اهو نه سوچيندا آهن ته علم جي جاءِ تي خوف به ويٺو هوندو. هو سمجهندا آهن ته ڪاليج روشنيءَ جو گهر آهي، استاد اعتماد جو نالو آهي، ۽ ڊگري مستقبل جو دروازو آهي. پر جڏهن ساڳيو دروازو دٻاءُ، بليڪ ميلنگ، هراسمينٽ ۽ خاموشيءَ جي اونداهي ڏانهن کلي ته پوءِ سماج کي پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي.

تعليمي ادارو اصل ۾ انسان کي آزاد ڪرڻ لاءِ هوندو آهي، پر اسان وٽ ڪيترين جڳهن تي ادارو اختيار جو قلعو بڻجي ويو آهي. جتي استاد استاد نه رهي، نمبرن، سفارش، خوف ۽ مستقبل تي ڪنٽرول ڪندڙ طاقت بڻجي وڃي ٿو. شاگرد خاص ڪري شاگردياڻي اتي صرف پڙهندڙ نه رهي، هوءَ هڪ اهڙي نفسياتي قيد ۾ ڦاسي وڃي ٿي جتي هر دروازي تي شرم، بدنامي، خاندان جو خوف، ۽ سماج جي زبان بيٺل هوندي آهي.

هراسمينٽ جو سڀ کان ظالم پاسو اهو آهي ته اهو جسم کان اڳ روح تي حملو ڪري ٿو. ماڻهو ٻاهر کان ساڳيو لڳندو آهي، ڪلاس ۾ ويهندو آهي، امتحان ڏيندو آهي، گهر وارن سان معمول جون ڳالهيون ڪندو آهي، پر اندر اندر ٽٽي رهيو هوندو آهي. هن کي لڳندو آهي ته جيڪڏهن ڳالهايان ٿي ته ماڻهو مون تي ئي سوال ڪندا. جيڪڏهن شڪايت ڪريان ٿي ته ادارو منهنجي ڳالهه بدران پنهنجي ساک بچائيندو. جيڪڏهن گهر ٻڌايان ٿي ته گهر وارا پريشان ٿيندا. جيڪڏهن خاموش رهان ٿي ته مان روز ٿورو ٿورو مرنديس.

نفسيات جي زبان ۾ هراسمينٽ صرف جنسي يا لفظي زيادتي ناهي، اها طاقت جو غلط استعمال آهي. جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي جي مستقبل، نمبرن، نوڪري، عزت يا سماجي حيثيت تي ڪنٽرول رکي ٿو، اهو جڏهن پنهنجي اختيار کي خواهش، انا يا انتقام لاءِ استعمال ڪري ٿو ته هو انسان نه، هڪ نفسياتي شڪاري بڻجي وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو اڪثر اتي پيدا ٿيندا آهن جتي احتساب ڪمزور هجي، جتي شڪايت ڪندڙ کي ئي مشڪوڪ بڻايو وڃي، جتي وڏو ماڻهو هميشه سچو ۽ ڪمزور هميشه ڏوهاري سمجهيو وڃي.

سوال اهو آهي ته ماڻهو اهڙو ڇو ڪندا آهن؟

ڪڏهن اندر جي بيمار انا کين اهو يقين ڏياريندي آهي ته سندن اختيار سندن ذاتي ملڪيت آهي. ڪڏهن پدرسري سماج کين سيکاريندو آهي ته عورت جي خاموشي ڪمزوري آهي. ڪڏهن ادارن جي بي حسي کين همٿ ڏيندي آهي ته ڪجهه به ڪيو، نالو بچي ويندو. ڪڏهن شاگردن جي مجبوري، والدين جي سادگي، ۽ سماج جي بدناميءَ جو خوف انهن لاءِ هٿيار بڻجي ويندو آهي.
پر هتي اصل ڏوهه صرف هڪ فرد جو نه هوندو آهي. اصل ڏوهه اهو ماحول به ڪندو آهي جيڪو پهرين شڪايت تي جاڳڻ بدران آخري سانحي کانپوءِ نوٽيس وٺندو آهي. اصل ڏوهه اها انتظاميا به ڪندي آهي جيڪا ادارو بچائڻ لاءِ شاگرد کي اڪيلو ڇڏي ڏيندي آهي. اصل ڏوهه اهو سماج به ڪندو آهي جيڪو مظلوم جي ڪردار تي بحث شروع ڪري، ظالم جي اختيار تي سوال نٿو ڪري.

احتياط صرف نياڻين کي نصيحت ڪرڻ جو نالو ناهي. اصل احتياط ادارن کي جوابده بڻائڻ آهي.

هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ آزاد هراسمينٽ ڪميٽي هجي، جنهن ۾ عورتون، نفسياتي ماهر، قانوني ماڻهو ۽ ٻاهريان غير جانبدار ميمبر شامل هجن. شڪايت ڪندڙ شاگردياڻي جو نالو، عزت ۽ تعليمي مستقبل محفوظ رکيو وڃي. هر شڪايت تي ٽائيم لائين سان ڪارروائي ٿئي. استاد ۽ انتظاميا کي واضح پيغام هجي ته اختيار خدمت لاءِ آهي، شڪار لاءِ نه. شاگردن لاءِ ڪائونسلنگ سينٽر هجن، جتي هو خوف کانسواءِ ڳالهائي سگهن. والدين ڌيئرن سان اهڙو رشتو رکن جو ڌيءَ ڏک لڪائڻ بدران سچ ٻڌائي سگهي. ۽ سماج کي اهو سکڻو پوندو ته هراسمينٽ تي ڳالهائيندڙ ڇوڪري بدنام نه، بهادر هوندي آهي.

اهڙا واقعا اسان کان صرف انصاف نٿا گهرن، اهي اسان کان ضمير جي نئين تربيت گهرن ٿا. اسان کي پنهنجن تعليمي ادارن کي عمارتن مان انسانيت ۾ بدلائڻو پوندو. ڇو ته جتي علم جي جاءِ تي خوف ويهي وڃي، اتي ڊگريون ته ملي سگهن ٿيون، پر سماج جاهل ئي رهي ٿو.

آخر ۾ ڳالهه ايتري سادي آهي

نياڻيءَ کي خاموشي نه سيکاريو، سماج کي شرم سيکاريو.

29/04/2026

سنڌ جي مادر علمين اندر آئي ڏينھن ڪا نياڻي جنسي بھگڙ جي حراساني جو شڪار ٿئي ٿي
ڀلا جنسي حراساني ۾ ملوث پروفيسرن مان ڪيترن کي سزائون آيون؟

26/04/2026

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايل ايل بي جون وڌيڪ 10 جعلي ڊگريون جاري ٿيڻ جو انڪشاف

يونيورسٽي جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز مھر جي سگنيچر سان ايل ايل بي جي تدريسي سال 2021ع جا جاري ڪيل 10 پاس سرٽيفڪيٽ "آواز ٽي وي" ھٿ ڪري ورتا

ھٿ ڪيل جعلي ڊگرين ۾ علي رضا، محمد ارشد، حمزہ وارف، شھباز نواز، محمد خان، محمد فياض، محمد وليد جاويد، ڪوثر عبدالقيوم ۽ نعمان لياقت شامل آهن

جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون جاري ڪندڙ عملدارن لکين رپين عيوض ڄاڻايل ماڻھن کي جعلي ڊگريون جاري ڪري خاص نوازش طور 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون ڏئي کين پھريون گريڊ ڏئي ڇڏيو آهي

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ گذريل ٽن ڏھاڪن کان جعلي ڊگرين وارا اسڪينڊل سامھون ايندا رھيا آھن پر اختياريون مڪمل طور تي خاموش آھن

5 سالن تائين سردي، گرمي توڙي ٻيون سختيون برداشت ڪري محنت ۽ لکين رپيا خرچ ڪرڻ بعد امتحان ڏيندڙ شاگردن کي بہ پھريون گريڊ نہ ٿو ڏنو وڃي جڏھن تہ جعلي ڊگرين وارن کي لکين رپين ۾ گريڊ وڪرو ڪيا وڃن ٿا : ذريعا

جعلي ڊگرين تي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز مھر جون سگنيچر ٿيل آهن جيڪو ھن وقت وي سي جو سيڪريٽري مقرر ٿيل آهي : ذريعا

ان کان اڳ بہ ڪيتريون ئي جعلي ڊگريون ھٿ ٿيون آھن جن جون ايف آء آر ۽ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن پر ھميشه بنا نتيجي اسڪينڊل خاموش ڪرايا وڃن ٿا : ذريعا

اعجاز مھر وي سي جو سيڪريٽري ھئڻ سبب سندس خلاف ڪوئي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناھي نہ وري کيس ڪنھن ڪاميٽيءَ ۾ گھرايو ويندو آھي : ذريعا

ماضي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جا آفيسر، ملازم توڙي يونين جا اڳواڻ جعلي ڊگرين جي اسڪينڊل ۾ ملوث ھئڻ جا ثبوت مليا آهن پر وي سي توڙي ٻيون لاڳاپيل اختياريون انھن بااثرن آڏو بيوس نظر آيون آهن : ذريعا

ان سلسلي ۾ سڄاڻ ڌرين يونيورسٽي بورڊ کاتي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي جعلي ڊگريون ڏيندڙن جون نوڪريون چٽ ڪري مٿن ايف آء آر داخل ڪرايون وڃن.

26/04/2026

Every student has the ability to learn and grow, but the pace and style of learning differ from one individual to another. Some grasp concepts quickly through visual methods, while others may need more time or prefer hands-on experiences. These differences do not reflect a lack of intelligence but rather highlight the uniqueness of each learner. It is important for teachers and educators to recognize and respect these variations, creating flexible environments that support diverse learning needs. When students are given the time, encouragement, and methods that suit them best, they are more likely to succeed and develop confidence in their abilities.

23/04/2026
16/04/2026


اسلام عليڪم
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪچن ملازمن سان وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي ھر ھڪ ملازم کي 15 کان 20 سال لڳي ويا آهن ڪچو ملازم ٿي ڊيوٽي ڪندي انهن غريب ملازمن جي پگهار صرف 17500 رپيا آهي ٻڌايو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي .شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ جيڪي ڪچا ملازم آهن انهن سان اهو ظلم ڇو ٿو ڪيو وڃي انهن جو آخر ڪهڙو ڏوهه آهي پاڪستان يا سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ ڪچن ملازمن جي پگهار ايتري گهٽ نه آهي مھرباني ڪري ملازمن تي رحم ڪيو وڃي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي .انهن جي پگهار 17500 کان وڌائي وڃي اهڙي مهانگي جي دور ۾ 17500 مان فيملي واري ملازم جو گذارو نه ٿيندو.

طاقتور هميشه دهشتگرد هوندو آهي، پر دنيا کي اهو نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ⁠ته ڊپ ۽ لالچ دنيا جي اکين تي اهڙي پٽي ٻڌي ڇڏيندا آهن، ...
03/01/2026

طاقتور هميشه دهشتگرد هوندو آهي، پر دنيا کي اهو نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ⁠ته ڊپ ۽ لالچ دنيا جي اکين تي اهڙي پٽي ٻڌي ڇڏيندا آهن، جو سچ صاف سامهون هوندي به لڪل لڳندو آهي۔ طاقت جڏهن دولت سان گڏجي ٿي ته اها ظالم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏي ٿي، سندس ظلم، ناانصافيون ۽ ڏوهه سڀ سماج جي نظرن کان اوجهل ٿي وڃن ٿا۔ ماڻهو ڪمزور جي غلطي کي جرم سمجهن ٿا، پر طاقتور جا وڏا گناهه به “مجبوري” يا “حڪمتِ عملي” سڏجڻ لڳن ٿا۔ اڄ اها حقيقت عالمي سياست ۾ به چٽي نظر اچي ٿي، جتي آمريڪا جهڙي طاقتور رياست جا عمل آزادي ۽ امن جي نالي ۾ جائز ٺهرايا وڃن ٿا، جڏهن⁠ته وينزويلا جهڙا ملڪ ساڳي طاقت جي پاليسين سبب ڏکن، پابندين ۽ افراتفري جو شڪار بڻجن ٿا۔ افسوس جو هڪ صدر کي گرفتار ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويا آهن، ۽ دنيا رڳو تماشو ڏسي ٿي، ڄڻ انصاف به طاقت آڏو خاموش ٿي ويو هجي۔ اهڙي طرح طاقت ۽ دولت نه رڳو ظالم جا عيب لڪائين ٿيون، پر دنيا کي به سچ ڏسڻ کان محروم ڪري ڇڏين

Address

Shah Abdul Latif University
Khairpur
2066

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of Universities posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share