14/05/2026
تقريب دعا تڪميل حفظ القرآن
اڄ بتاريخ 14 مئي 2026 بروز خميس جامعہ جي طالب علم نالي حافظ فاروق احمد جعفري طاھري ضلع ڪشمور جن جي تڪميل حفظ القرآن جي مختصر تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جامعہ جا پرنسپال جناب مفتي اصغر علي طاھري صاحب جن خصوصي شرڪت ڪئي دعائيه ڪلمات ۽ مبارڪباد سان گڏ دعا گهرڻ فرمائي. حافظ صاحب جو چاچو حافظ مولانا محمد صديق جعفري طاھري حيدرآباد، چاچو حافظ محمد عيسی جعفري طاھري ۽ مولانا عباس علي جعفري طاھري، مولانا ڀورل جعفري طاھري جن شرڪت ڪئي. سندن استاد حافظ عبدالغني طاھري جن کي مبارڪباد پيش ڪندي کين خوشيءَ منجھان ھار، گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا.