Jamia Ghosia Tahiria Matiari

Website

Jamia Ghosia Tahiria Matiari Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Jamia Ghosia Tahiria Matiari, Community College, Near National highway Bypass Matiari, District Matiari, Matiari.

29/08/2026

عظيم الشان مرڪزي جلوس 2026 جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم مرڪزي جماعت اھل سنت مٽياري مڪمل روٽ جو شاٽ ڪلپس

جشن عیدمیلادالنبی صلی اللہ علیہ وسلم جو مرڪزي جلوس، مرڪزي جماعت اھل سنت مٽياري طرفان زير سرپرستي خليفہ سائين حافظ بشارت ...
26/08/2026

جشن عیدمیلادالنبی صلی اللہ علیہ وسلم جو مرڪزي جلوس، مرڪزي جماعت اھل سنت مٽياري طرفان زير سرپرستي خليفہ سائين حافظ بشارت احمد طاھري صاحب، زير نگراني صاحبزاده عبدالمصطفي جيلاني صاحب وڏي پر جوش، جذبي ۽ دورود سلام جي صدائن سان، اھل سنت جي عظيم الشان اداري جامعہ غوثيہ طاھريہ مٽياری کان موسي مسجد مٽياري سٽي جي مختلف رستن کان ٿيندي ميمڻ وسين، ڇنڊڻ، سپر مدينہ کان خيبر پھتي واپسي جامعہ غوثيہ طاھريہ مٽياری ۾ اختتام ٿيو ۽ ميلاد شريف جو لنگر شريف تقسيم ڪيو ويو.
جڏھن ته ريلي شريف جو شھر ھر چوڪ ء ھر گھٽي تي استقبال ڪيو ويو ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي. ان کان علاوه جيئندل ڪوٽ ۽ مسو مان آيل دوستن شاندار استقبال ڪيو، اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا، ميمڻ وسين، سپر مدينہ ھوٽل، حاجي شھزاد ھائوس، حاجي نبيل ھائوس، انور شاھ ڪوٽ، ماڪن وسين، بائوديرو، سيکاٽ، کيبر وٽ شاندار استقبال ڪيو ويو، مختلف مٺايون، شربت، منرل واٽر بوتلون، برگر، سينڊوچ، ملڪ روز ۽ مختلف شيون تقسيم ڪري محبوب صلي الله عليه وسلم جي آمد تي خوشي جو اظھار ڪيو...
محبوب جي ڪري ھي، عالم خدا بنايو،
سيد سڄي دنيا جو سردار، بنجي آيو

اڄ 22 آگسٽ 2026  بروز ڇنڇر  جامعه غوثيه طاهريه مٽياري ۾ ساليانه پروگرام شاگردن جي درميان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عل...
22/08/2026

اڄ 22 آگسٽ 2026 بروز ڇنڇر جامعه غوثيه طاهريه مٽياري ۾ ساليانه پروگرام شاگردن جي درميان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي خوشي ۾ ڪپڙا ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري۔جنهن ۾ خصوصي شرڪت ڊپٽي ڪمشنر دانش ذاڪر صاحب صاحب ۽ اسٽنٽ ڪمشنر عبد الوهاب ميمڻ صاحب جن جي ٿي۔ معزز مھمانن طلبہ ڪرام جي درميان ڪپڙن جي تقسيم ڪئي۔ معزز مهمانن مدرسي جي تعليمي ۽ اقامتي انتظامن کي خوب ساراهيو۔۔ مفتي علي بخش پنهور تنظيم المدارس اهل سنت پاڪستان تحت جامعه جي تعليمي رپورٽ پيش ڪئي۔ پرواگرام جي اندر مدرسي طرفان ٿيندڙ ساليانه مقابله تلاوت۔ نعت ۽ تقرير ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعامات ڏنا ويا۔ مھمان خاص جناب دانش ذاڪر صاحب جن جامع ۾ پنھنجي آمد کي خوش نصيبي سان تعبير ڪندي ان جي مھتمم جناب قبلا حافظ بشارت احمد صاحب جن جي ۽ سندس پوري ٽيم جي واکاڻ ڪءي ھن چيو ت ھٿھڙا ادارا اسان کي دين ۽ دنيا جاعلم سمجھڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏين ٿا ـ سائين عبد الرزاق ميمڻ صاحب بهترين نقابت ڪئي۔ محفل ۾ هنن معززين شرڪت ڪئي۔ سائين صاحبزاده عبد المصطفي جيلاني۔صاحب۔ مفتي اصغر علي ميمڻ طاهري صاحب۔سائين حافظ عبد الجبار خاصخيلي صاحب۔ حاجي نثار احمد ميمڻ صاحب
حاجي نديم احمد ميمڻ صاحب ۔ حافظ خان محمد ميمڻ صاحب۔ حافظ مستجاب ميمڻ صاحب۔ حافظ انور علي ميمڻ طاهري صاحب۔ حاجي فهيم احمد سومرو صاحب۔ حاجي سميع الله طاهري صاحب۔ فقير غلام شبير طاهري صاحب۔
مهتمم الجامعه طرفان معزز مهمانن کي لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا۔
آخر۾ مهتمم الجامعه سائين حافظ بشارت احمد طاهري صاحب معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو۔ اختتامي دعا مفتي اصغر علي طاهري صاحب جن ڪرڻ فرمائي۔ پروگرام جا انتظامي امور مولانا حافظ علي رضاء طاھري صاحب مولانا عبد اللطيف طاهري صاحب سر انجام ڏنا۔

الحمدلله مٽياري جی عظيم اداري جامعہ غوثيہ طاھريہ مٽياری طرفان ۽ مرڪزي جماعت اھل سنت مٽياري جي سربراهن جي اڳواڻي ۾ اڄ ۴ ر...
19/08/2026

الحمدلله مٽياري جی عظيم اداري جامعہ غوثيہ طاھريہ مٽياری طرفان ۽ مرڪزي جماعت اھل سنت مٽياري جي سربراهن جي اڳواڻي ۾ اڄ ۴ ربيع الاول ۱۴۴۸ ھجري بروز اڱارو بعد نماز مغرب جامعہ کان جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ ريلي شريف ڪڍي وئي، جيڪا بائي پاس کان ٿيندي، بس اسٽاپ کان، اسرار ميڊيڪل اسٽور کان پريس ڪلب مٽياري کان ٿيندي جامعه ۾ اختتام پزير ٿي، جنهن ۾ جامعہ جي طلباء ڪرام ۽ اساتذہ کرام شرڪت ڪئي، ريلي شريف دوران مولانا مفتي اصغر علي ميمڻ طاھري صاحب، حافظ عبدالجبار خاصخيلي صاحب، سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب، مولانا حافظ علي رضا طاھري صاحب، قاري حافظ انور علي ميمڻ طاھري صاحب، قاري حافظ محمد واجد لغاري صاحب، حاجي فھيم سومرو صاحب، حافظ غلام نبي خاصخيلي صاحب، وقار ايوب ميمڻ صاحب، سائين امتياز علي قريشي صاحب ۽ ڪافي عشاق رسول شرڪت ڪري عشق ۽ محبت جو ثبوت ڏنو. جڏھن ته ڪجھ صحافي دوستن ۽ پوليس جي دوستن پڻ ڪافي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
جيئن ڀٽائي گھوٽ فرمايو:
يا رھ پاڙي پرين جي، يا ڪر پرين سندي پچار، انھن ٻنھج کان ڌار، شل قادر ڪنھن کي نه ڪري

15/08/2026

14 اگست 2026 جامعہ غوثيہ طاھريہ مٽياری

*جشن یوم آزادی پاڪستان*  جامعه غوثيه طاهريه مٽياريءَ ۾ جشن آزادي بطور يوم تشڪر  انتهائي جوش و جذبي سان ملهايو ويو، جنهن ...
14/08/2026

*جشن یوم آزادی پاڪستان*
جامعه غوثيه طاهريه مٽياريءَ ۾ جشن آزادي بطور يوم تشڪر انتهائي جوش و جذبي سان ملهايو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني جهنڊي جي پرچم ڪشائي ڪري دعا گھري وئي. ان کان بعد تلاوت ڪلام پاڪ حافظ اسد الله چانڊيو، نعت رسول مقبول ﷺ حافظ ذيشان احمد خاصخيلي، منقبت حافظ اسد الله (عاقب) قمبراڻي ۽ ملي نغما حافظ شهباز احمد ميمڻ، عاقب علي قمبراڻي پيش ڪيا.. جڏهن ته طلباءِ ڪرام غلام عباس جعفري (سنڌي ۾)، حافظ شهباز راهوجو (انگلش ۾)، محمد شفيق راجپوت طاهري (اردو ۾) يوم آزاديءَ جي متعلق خطابات پيش ڪيا، آخر ۾ مفتي اصغر علي طاهري پرنسپال جامعه يوم آزادي جي متعلق خطاب ڪندي فرمايو ته اڄ يوم آزادي اسان جي لاءِ نه فقط خوشيءَ جو ڏينهن آهي بلڪه اهو ڏينهن اسان کي پيغام ڏئي ٿو ته ملڪي آزادي به هڪ وڏي نعمت آهي پر ان سان گڏوگڏ مليل نعمت کي سنڀالي ۽ ترقيءَ تي پهچائڻ به هڪ ڪمال آهي، ان ڪري جيڪي به طالب علم ۽ پاڪستان جا رهواسي آهن، انهن کي گھرجي ته هن عظيم نعمت ملڪِ پاڪستان جو قدر ڪندي، پنهنجي ڪم ۾ ايمانداريءَ ۽ محنت سان ڪم ڪري هن ملڪ کي عظيم کان عظيم بنايون ۽ مفتي صاحب وڌيڪ فرمايو ته اسان هر وقت هر حال ۾ افواج پاڪستان سان گڏ آهيون. آخر ۾ مهتمم جامعه غوثيه طاهريه مٽياري قبله خليفه سائين حافظ بشارت احمد طاهري جن خطاب ڪندي فرمايو ته ڪنهن به شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ قربانيءَ جي ضرورت هوندي آهي جيڪڏهن اسان جا هيروز ۽ شهداءَ پنهنجي جانين ۽ مالن جون قربانيون نه ڏين ها ته هي عظيم ملڪ آزاد نه ٿي سگھي ها. ملڪِ پاڪستان جي آزادي جي حصول ۾ لکين جانين پنهنجي رت ۽ ست جو نذرانو ڏئي ڪري ان خواب کي حقيت جو روپ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جن جا ارواح اڄ به اهي صدائون ڏئي رهيا آهن ته:
ہمارا بھی خون شامل ہے گلستاں کی آبیاری میں۔ ہمیں بھی یاد کرلینا ، چمن میں جب بہار آئے۔
ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته عظيم ملڪ پاڪستان جو قدر ڪندي هر فيلڊ ۾ محنت، ايمانداري ۽ اخلاص ، جوش ۽ جذبي سان محنت ڪري اسان پنهنجي ملڪِ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ پنهنجو پنهنجو حصو ملايون.
پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ انتظامي امور کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ مولانا عبداللطيف طاھري، مولانا حافظ علي رضا کوسو ۽ سندس ٽيم انتهائي جوش و خروش سان خدمتون سر انجام ڏنيون. پروگرام ۾ تمام شاگردن سان گڏ مهتمم جامعه خليفه سائين حافظ بشارت احمد طاهري، ۽ فقير سميع الله ميمڻ، پرنسپال جامعه مفتي اصغر علي طاهري، مفتي علي بخش پنهور، مولانا علي رضا کوسو، مولانا ڪامران علي شورو، حافظ لياقت علي کوسو، حافظ گل منير ميمڻ، حافظ عبدالغني رند، حافظ آصف محبوب ميمڻ، حافظ ديدار حسين شالمين، حافظ واجد علي لغاري، محترم ڪاشف ميربحر ، حافظ مهتاب علي ميمڻ، حافظ انور علي ميمڻ جن خصوصي شرڪت ڪئي.
آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي ترقي و استحڪام لاءِ، افواج پاڪستان جي مضبوطيءَ لاءِ، شهداءِ جي ايصال ثواب لاءِ ۽ خاص طور تي ديني و دنياوي علوم جي جامع و هامل هن ديني درسگاھ جامعه غوثيه طاهريه واقع مٽياري سنڌ جي لاءِ دعائون گھريون ويون.

13/08/2026
Worthy Deputy Commissioner Matiari Muhammad Danish Zakir chaired an important meeting to review arrangements for Eid Mil...
12/08/2026

Worthy Deputy Commissioner Matiari Muhammad Danish Zakir chaired an important meeting to review arrangements for Eid Milad-un-Nabi ﷺ 1448 AH.

He directed all concerned departments to ensure foolproof security, medical camps, cleanliness, uninterrupted power supply, and other necessary arrangements for processions and gatherings.

Religious scholars and representatives also shared their suggestions and security concerns, while the administration assured timely resolution of genuine issues.




تقریب دعاء تڪميل حفظ القرآن اڄ بتاريخ 9 اگست بمطابق ۲۶ صفر المظفر ۱۴۴۸ ھجري بروز آچر جامعه غوثيه طاھريہ مٽياري ۾ حافظ سھ...
09/08/2026

تقریب دعاء تڪميل حفظ القرآن
اڄ بتاريخ 9 اگست بمطابق ۲۶ صفر المظفر ۱۴۴۸ ھجري بروز آچر جامعه غوثيه طاھريہ مٽياري ۾ حافظ سھيل احمد عباسي ۽ حافظ شھباز احمد پھنور جن تڪميل حفظ القرآن جي دعاء ٿي، جنھن ۾ حافظن جي والدين شرڪت ڪئي جامعه جي پرنسپال حضرت علامه مفتي اصغر علي طاھري صاحب طرفان والدين ۽ مٽن مائٽن کي مبارڪباد ڏيندي علم جي اھميت ۽ حفظ القرآن جي عظمت بيان ڪئي ۽ نصيحت ڪندي فرمايو دنيا ۾ مختلف شخصيتن طرفان تحفا ملندا آھن انھن جي اھميت ء قدر ھوندو آھي پر قرآن پاڪ جو حفظ، الله تعالي جي طرفان عظيم الشان تحفو ھوندو آھي،، جيڪو ان جو قدر ڪندي صحيح طرح سنڀاليندو آھي ته الله پاڪ ان حافظ صاحب ۽ والدين کي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون، عزتون عطا فرمائيندو آھي. ان ڪري حافظن کي گھرجي ته قيمتي تحفي جو قدر ڪندي، محنت ڪندي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي آمين
آخر ۾ مفتي صاحب جن دعاء ڪرڻ فرمائي...

Address

Near National Highway Bypass Matiari, District Matiari
Matiari
70150

Opening Hours

Monday 07:00 - 17:00
Tuesday 07:00 - 12:30
14:30 - 17:00
Wednesday 07:00 - 17:00
Thursday 07:00 - 17:00
Saturday 07:00 - 17:00
Sunday 07:00 - 17:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jamia Ghosia Tahiria Matiari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share