GHS attached with GECE -M Mithiani

GHS attached with GECE -M Mithiani This page is for students, alumni, teachers, and staff to connect and share their experiences, memories, and achievements.
- Catch up on school news and events

12/11/2025

دنیا تمہاری مثال سے بدلتی ہے تمہاری رائے سے نہیں۔
Together we rise, together we learn.
Our morning assembly reminds us that every day is a step toward excellence!
GHS attached with GECE -M Mithiani

A beautiful start to the day with prayers, unity, and learning — moments captured from today’s school assembly.GHS attac...
11/11/2025

A beautiful start to the day with prayers, unity, and learning — moments captured from today’s school assembly.
GHS attached with GECE -M Mithiani

میں اکیلا ہی چلا تھا جانب منزل مگرجوں جوں بڑھتا گیا کارواں بنتے گئےاسان جو اسڪول اسان جو فخر اسان جا ادارا مستقبل روشن ج...
09/11/2025

میں اکیلا ہی چلا تھا جانب منزل مگر
جوں جوں بڑھتا گیا کارواں بنتے گئے
اسان جو اسڪول اسان جو فخر اسان جا ادارا مستقبل روشن جي ضمانت
گورنمينٽ هاءِ اسڪول اٽيجد جي اي سي اي مين مٺياڻي جي رنوويشن جو ڪم جاري ساري آهي مٺياڻي جي باشعور عوام جي تعاون سان ايڪس اسٽوڊنٽس جي مالڪي سان. بنا ڪنهن ٻئي راء جي انهن قومن ترقي ڪئي آهي جن پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪئي آهي اسان جو ڪرايل ڪم هڪ نهايت وڏي سفر جي ادني شروعات آهي منزل اڃان پري آهي پر پڪ آهي ته پرھ ڦٽندي ڇو جو ڪنهن چيو آهي ته
نيٺ ته ٿيندو سوجھرو رهڻي ناهي رات يا ڪنهن ائين به چيو گهگهه اونڌه کي ڏسي دل نه لاه جا رات جا پيٽ مان پره ڦٽي پوندي
کڻي جي پير ۽ پيري هلندو هلي راه ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجي کٽي پوندي آهي
اسان ان روشني کي مڪمل ٻارڻ لاءِ پهرين چنگ ڏني آهي بقايا ٻيون چڻگون اميد آهي ته مٺياڻي جو باشعور عوام ضرور ڏيندو اسان ان اوسئيڙي م آهيون ته خاص ڪري هن اسڪول جا ايڪس اسٽوڊنتس ۽ تعليم دوست انسان اسان سان رابطو ڪندا ته جئين ساهتي جي هن عظيم اداري جو پراڻو اوج موٺائجي
Sikandar Ali Chandio Riaz Ali Shaikh Fayaz Ali Shaikh Bashir Ahmed Solangi Mairaj Sindhi Irfan Ali

08/11/2025

Discussing on how to make a Modern Digital classroom with teachers. Teachers share Valuable & innovative ideas. GHS attached with GECE -M Mithiani

🏫 اسان جو اسڪول — اسان جو فخر، اسان جي سڃاڻپ 🌟 اڄ اسان جي اسڪول ۾ رنگ ۽ تجديد جو ڪم جاري آهي — اها رڳو ديوارن جي رنگت نه...
08/11/2025

🏫 اسان جو اسڪول — اسان جو فخر، اسان جي سڃاڻپ 🌟 اڄ اسان جي اسڪول ۾ رنگ ۽ تجديد جو ڪم جاري آهي — اها رڳو ديوارن جي رنگت نه پر اميدن، خوابن ۽ مستقبل جي روشنين جي رنگت آهي۔ 🎨✨ هي سڀ ممڪن ٿيو آهي ايڪس اسٽوڊنٽس جي خلوص ڀري تعاون ۽ اونر شپ سان، جن پنهنجي دل سان هن اداري کي پنهنجو سمجهيو۔ 🙏 💫 پر سفر اڃا ختم نه ٿيو آهي... اسڪول کي اڃا به وڌيڪ ضرورتن جي پورائي لاءِ اوهان جي محبت، توجه ۽ تعاون جي ضرورت آهي۔ 📢 تنهنڪري سڀني ايڪس اسٽوڊنٽس ۽ ساڃاهه وندن کي اپيل آهي ته: اچو، پنهنجي اسڪول جي مالڪي، اونر شپ ۽ نئين تعمير ۾ حصو وٺون، ڇو ته جيڪو پنهنجي ادارن جو خيال رکي ٿو، اهو پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ڪري ٿو۔ 🌿🎉💖🌟🎊

03/10/2025

جيئن ته سنڌ ايمپلائيز الائنس ۽ سنڌ سرڪار جي وچ ۾ ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون آهن، جنهن بعد سڀئي ادارا، جن ۾ تعليم کاتو به شامل آهي، سڀاڻي کان تاريخ_ 04.10.2025 تي سڀئي اسڪول کوليا ويندا ۽ روزاني ڪارروائي معمول مطابق جاري رهندي۔

تنهن ڪري سمورن شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجي حاضري يقيني بڻائيندي اسڪول ۾ وقت سر پهچن، جيئن رهجي ويل تدريسي عمل کي تڪڙي رفتار سان اڳتي وڌائي سگهجي

اسلام عليڪم. پنهنجي علائقي جي اسڪول جي مالڪي ڪيو. اڄ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اٽيجڊ جي ئي سي ئي پنهنجي انهن شاگردن ساڻ مخاطب ...
19/09/2025

اسلام عليڪم.
پنهنجي علائقي جي اسڪول جي مالڪي ڪيو.
اڄ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اٽيجڊ جي ئي سي ئي پنهنجي انهن شاگردن ساڻ مخاطب آهي جيڪي ڪالھ هن اسڪول جو حصو هئا. هي اسڪول اوهان جو هو اوهان جو آهي ۽ هميشه اوهان جو رهندو. هي اهو ئي در آهي جتان اوهان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي. ادارا تڏهن تربيت گاه پنبا آهن جڏهن معاشرو انهن کي اون ڪري انهن جي مالڪي ڪندو آهي جيڪڏهن اوهان اڄ پنهنجي زندگي جي ڪنهن روشن موڙ تي بيٺا آهيو، ته ان روشنيءَ جي شروعات شايد هن ننڍڙي اسڪول کان ٿي هئي، جتي اوهان پنهنجا پهريان اکر، پهريان خواب، ۽ پهريون اعتماد سکيو هو.

هي ادارو صرف عمارتن جو نالو ناهي، هي ته اوهان جي اوسر جو نقطو آغاز آهي. اڄ وقت اوهان کان پڪار ڪري رهيو آهي—اُهو آواز، جيڪو اوهان جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هميشه زنده رهيو آهي، اڄ اوهان کي سڏي رهيو آهي ته "اچو، پنهنجو قرض لاهيون، پنهنجي سکيا جي مڪان کي اون ڪريون!"

ادارا تڏهن زنده رهن ٿا، تڏهن اڳتي وڌن ٿا، جڏهن معاشرو انهن کي پنهنجو سمجهي، جڏهن اڳوڻا شاگرد معاشرو انهن کي ساٿ ڏئي بيهي.
سرڪار جو حصو آهي، پر دل جو حصو ته اوهان وٽ آهي.

اڄ اوهان وٽ موقعو آهي ته پنهنجي اداري جي سگهه بڻجو، ان کي صرف ياد نه ڪيو، ساڻ نڀايو، جيئن هن اداري اوهان سان نڀايو هو.

دنيا جا وڏا ادارا صرف ايندڙن جي اميدن سان نه، پر اڳوڻن جي وفائن سان به بلند ٿين ٿا.
جيڪڏهن اوهان محسوس ڪيو ٿا ته اوهان جي اڄ، هن اسڪول جي ڪالهه سان جڙيل آهي، ته پوءِ اچو، هن اسڪول جي سڀاڻي لاءِ پنهنجو هٿ وڌايو.
جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته
مان ٿورو حصو ڏئي سگهان ٿو
ها مان ساٿ ڏئي سگهان ٿو
ها مان پنهنجو ادارو اون ڪري سگهان ٿو ته
پوءِ اسان جي هٿ ۾ هٿ ڏيو ايندڙ نسل لاءِ هڪ بھترين واٽ ٺاهيو
اسان سان رابطي م اچو ته گڏجي ديوان ڪندن مل ۽ ديوان منگهن ٺاهيل( 1892) هن قديم ورثي کي پنهنجي عوج تي پهچائڻ ۾ حصو وٺون ۽ پنهنجي قوم جي مستقبل کي محفوظ بڻايو
وسلام مينيجمينٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اٽيجڊ جي ئي سي ئي مين مٺياڻي

اسلام عليڪم محترم والدين ۽ پيارا شاگردو، اميد ته خوش هوندا. هن اسڪول جي نائين ڪلاس جي سڀني شاگردن جي لاء اطلاع آهي ته نا...
18/09/2025

اسلام عليڪم محترم والدين ۽ پيارا شاگردو، اميد ته خوش هوندا.
هن اسڪول جي نائين ڪلاس جي سڀني شاگردن جي لاء اطلاع آهي ته نائين ڪلاس جا انرولمينٽ فارم ڀرجي رهيا آهن جنهن جا تفصيل بورڊ جي ڏنل شيڊول مطابق اوهان سان شيئر ڪيون ٿا اوھان سڀني کي اطلاع ڪجي ٿو ته جلد کان جلد پنهنجا انرولمينٽ فارم ڀرايو.
وسلام جميل احمد سولنگي هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول اٽيجڊ جي ئي سي ئي مين مٺياڻي

📢 اهم اطلاع تمام شاگردن جي ڄاڻ لاءِ اطلاع آهي ته سيپليمنٽري امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهي شاگرد جيڪي مختلف ...
18/09/2025

📢 اهم اطلاع

تمام شاگردن جي ڄاڻ لاءِ اطلاع آهي ته سيپليمنٽري امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهي شاگرد جيڪي مختلف سبجيڪٽن ۾ رهجي ويا آهن تن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو فوري طور اسڪول اچي پنهنجا سيپليمنٽري فارم ڀري جمع ڪرائن .
مهرباني ڪري وقت سر حاضري ڏئي، پنهنجا معاملہ مڪمل ڪريو.
🎓 ادارو توهان جي تعليمي مستقبل لاءِ سنجيده آهي، توهان به پنهنجو ذميواريءَ سان ڪردار ادا ڪريو.
جميل احمد سولنگي
هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول اٽيجڊ جي اي سي اي مين مٽياڻي

📢 اعلانِ نتيجا (سالنہ امتحان 2024-25)اسان جي اسڪول ۾ ميٽرڪ ڪلاس جا ڪل 96 شاگرد امتحان ۾ ويٺا. نتيجو هيٺين ريت رهيو:✅ 31 ...
03/09/2025

📢 اعلانِ نتيجا (سالنہ امتحان 2024-25)

اسان جي اسڪول ۾ ميٽرڪ ڪلاس جا ڪل 96 شاگرد امتحان ۾ ويٺا. نتيجو هيٺين ريت رهيو:

✅ 31 شاگرد A گريڊ ۾ ڪامياب
✅ 30 شاگرد B گريڊ ۾ ڪامياب
✅ 12 شاگرد C گريڊ ۾ ڪامياب
✅ 01 شاگرد D گريڊ ۾ ڪامياب
❌ 06 شاگرد ناڪام ٿيا
❌ 16 شاگرد مختلف پيپرن ۾ غير حاضر رهيا

📊 مجموعي پاسنگ ريشو: 77%
📊 فيليوئر ريشو: 23%

الحمدالله! هي نتيجو اسان جي شاگردن جي محنت ۽ استادن جي جفاڪشيءَ جو ثبوت آهي. 🙌
انشاالله ايندڙ سال اسان جي ڪوشش هوندي ته پاسنگ ريشو وڌيڪ بهتر بڻائي، شاگرد اعليٰ نتيجا حاصل ڪن.
اسان جي اسڪول جون پهريون ٽي پوزيشن ڇوڪرين حاصل ڪيو آهن جن جا تفصيل هن ريت آهن
01) صبا رشيد سولنگي 859 مارڪون پرسنٽيج 78.09
02) آمنہ جوڻيجو 857 مارڪون پرسنٽيج 77.91
03) سميره حبيب قريشي 855 مارڪون پرسنٽيج 77.73

📢 Result Announcement (Annual Examination 2024-25)

In our school, a total of 96 students appeared in the Matric Examination. The result is as follows:

✅ 31 students passed with A Grade
✅ 30 students passed with B Grade
✅ 12 students passed with C Grade
✅ 01 student passed with D Grade
❌ 06 students failed
❌ 16 students remained absent during various papers

📊 Overall Passing Ratio: 77%
📊 Failure Ratio: 23%

Alhamdulillah! This achievement reflects the hard work of our students and the dedication of our teachers. 🙌
InshaAllah, our efforts will continue to further improve the passing ratio and achieve even better results next year.














, ,

Our students from Grade 6 to Matric are passionately working on creative assignments celebrating Mawlid al-Nabi ﷺ and De...
02/09/2025

Our students from Grade 6 to Matric are passionately working on creative assignments celebrating Mawlid al-Nabi ﷺ and Defence Day! 🎉✨ With the amazing support of our B.Ed. (Hons) mentors, every learner is getting the right guidance and motivation to make their work truly outstanding. 🌟📚

"تخليق ۽ محنت جو سنگم! 🌟 ڇهين ڪلاس کان ميٽرڪ تائين شاگرد ميلادالنبي ﷺ ۽ يومِ دفاع تي پنهنجا خيالا خوبصورت اسائنمينٽس ۾ پيش ڪري رهيا آهن. بي ايڊ آنرز جا جوش ڀريا شاگرد سندن رهنمائي لاءِ موجود آهن، جيڪي کين سيکارڻ، ڳولڻ ۽ مقصد سان تخليق ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. 💡✨ #ميلادالنبي "













, ,

14/08/2025

Address

Mithiani

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GHS attached with GECE -M Mithiani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share