Faizan School System Pacca Chang

Faizan School System Pacca Chang Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Faizan School System Pacca Chang, College & University, Faizan School System, Pacca Chang.

ہر بچہ ایک ستارہ ہے، بس اسے چمکنے کا موقع چاہیے۔Summer camp day 5
05/06/2026

ہر بچہ ایک ستارہ ہے، بس اسے چمکنے کا موقع چاہیے۔
Summer camp day 5

30/05/2026

فيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ
والدين لاءِ اهم اطلاع
محترم والدين! السلام عليڪم
اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته پهرين جون 2026ع کان اسڪول ۾ اونهاري جون موڪلون شروع ٿي رهيون آهن. موڪلن دوران ٻار لڳاتار ٻن مهينن تائين پڙهائي کان پري رهندا، جنهن سبب سندن تعليمي سرگرمين ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، فيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ شاگردن جي بهتر مستقبل ۽ علمي واڌاري لاءِ سمر ڪيمپ ڪلاسز شروع ڪري رهيو آهي، جيئن ٻار پنهنجي موڪلن کي فائدي مند بڻائي سگهن.
سمر ڪيمپ جون خاص سهولتون:
• انگريزي ۽ رياضي جي بنيادي سکيا
• روزاني پڙهائي جي مشق
• تخليقي ۽ ذهني سرگرميون
• ٻارن جي اعتماد ۽ صلاحيتن ۾ واڌارو
• موڪلن جي هوم ورڪ ۾ مدد
اسان جي ڪوشش آهي ته ٻار موڪلن دوران به تعليم سان ڳنڍيل رهن ۽ پنهنجي وقت جو بهتر استعمال ڪن.
رابطي لاءِ:
03242924900
03322759877
پتو: فيضان اسڪول سسٽم، محسن آباد ڪالوني، پڪا چانگ.
مهرباني
انتظاميه: فيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ

اداري ۽ ڊائريڪٽر جو تعارففيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ هڪ مڊل اسڪول آهي، جيڪو محسن آباد ڪالوني پڪا چانگ ۾ قائم آهي۔ هي هڪ آڪ...
29/05/2026

اداري ۽ ڊائريڪٽر جو تعارف
فيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ هڪ مڊل اسڪول آهي، جيڪو محسن آباد ڪالوني پڪا چانگ ۾ قائم آهي۔ هي هڪ آڪسفورڊ سسٽم اسڪول آهي، جيڪو جناب عبد الستار چانگ صاحب جي نگراني هيٺ هلي رهيو آهي۔ پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي (SALU) ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جا اڳوڻا ليڪچرار رهي چڪا آهن۔ پاڻ رياضي (Mathematics) ۾ ايم فل ڊگري سان گڏ ماسٽرز اِن ايجوڪيشن جي ڊگري پڻ رکن ٿا ۽ ميٽرڪوليشن ۽ ڪيمبرج سسٽم ۾ سائنس جي مضمونن کي پڙهائڻ جو ڏهن سالن کان وڌيڪ تجربو رکن ٿا۔
فيضان اسڪول سسٽم پنهنجي تعليمي سفر جي شروعات 2019ع واري سيشن کان خيرپور ۾ ڪئي ۽ بعد ۾ پڪا چانگ ۾ پڻ تعليم جون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون۔ الحمدلله، اڄ اداري کي معياري تعليم جي حوالي سان علائقي ۾ سٺي سڃاڻپ حاصل ٿي رهي آهي۔ FSS انتظاميا تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ شاندار ڪوششون ڪيون آهن ۽ شاگردن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ مختلف سرگرميون ۽ جديد سکيا جا طريقا متعارف ڪرايا آهن۔
اداري جو بنيادي مقصد شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ، والدين جي اميدن تي پورو لهڻ ۽ FSS کي علائقي جو هڪ معتبر ۽ مثالي تعليمي ادارو بڻائڻ آهي۔ معياري تعليم جي هن سفر ۾ والدين ۽ تعليم يافته شخصيتن جي سهڪار کي وڏي اهميت حاصل هوندي۔

فيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ ۾ اسان جو خاص ڌيان ننڍڙن ٻارن جي بنيادي تعليم تي آهي، ڇو ته ECE (Early Childhood Education) ٻا...
21/05/2026

فيضان اسڪول سسٽم پڪا چانگ ۾ اسان جو خاص ڌيان ننڍڙن ٻارن جي بنيادي تعليم تي آهي، ڇو ته ECE (Early Childhood Education) ٻارن جي روشن مستقبل جي مضبوط بنياد آهي۔
پلي گروپ ۽ نرسري جي شاگردن لاءِ معياري تعليم، سٺي تربيت، جديد سکيا جا طريقا ۽ اخلاقي پرورش اسان جي اولين ترجيح آهي۔
اسان يقين رکون ٿا ته جيڪڏهن ٻار جي بنياد مضبوط هوندي ته سندس ايندڙ تعليمي سفر به ڪامياب ۽ روشن ٿيندو۔
فيضان اسڪول سسٽم پنهنجي شاگردن جي بهتر مستقبل لاءِ محنت، ايمانداري ۽ معياري تعليم سان گڏ اڳتي وڌي رهيو آهي۔
محترم والدين کان گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم ۽ روشن مستقبل لاءِ فيضان اسڪول سسٽم تي اعتماد ڪن۔
“اڄ جي سٺي تعليم، سڀاڻي جي وڏي ڪاميابي”

Activity: Sky LettersClass: Nursery
21/05/2026

Activity: Sky Letters

Class: Nursery

Activity: Bigger and SmallerClass: Nursery
21/05/2026

Activity: Bigger and Smaller
Class: Nursery

Pak-China Friendship
21/05/2026

Pak-China Friendship

English Activity on the Board
16/05/2026

English Activity on the Board

16/05/2026

General knowledge Quiz

Address

Faizan School System
Pacca Chang

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Faizan School System Pacca Chang posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share