19/10/2026
خيرپور صحافي اتحاد جو احتجاجي اعلان.
صحافين جون چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان واپس نه ٿيڻ خلاف پهرين مرحلي ۾ 27 آڪٽوبر تي ايس ايس پي آفيس خيرپور اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ڊي آءِ جي آفيس سکر اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.
صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.