07/07/2026
گورنمينٽ شاھ لطيف آرٽس ڪامرس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي رٽائر ٿيندڙ پرنسپل مانواري پروفيسر سيد عارف حسين شاھ جي مان ۾ گرمين جي موڪلن ڪري ھڪ ننڍڙي پروقار تقريب ۽ مانجهادي جو بندوبست ڪيو ويو جنھن ۾ ڪاليج جي دوستن کانسواء ٻاھران آيل مھمانن بہ شرڪت ڪئي ۽ سيد عارف حسين صاحب جي خدمتن ۽ شخصيت تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو ۔
دوستن پرنسپل صاحب سان پنھجي محبت ۽ خلوص جي اظھار لاء وڪيشن گذرڻ کانپوء ھڪ ڀرپور پروگرام ڪرڻ لاء پنھنجون صلاحون ۽ تجويزون ب ڏنيون
آخر ۾ نئين پرنسپل صاحب پروفيسر حسام الدين ميمڻ صاحب جي ذمينواريون حوالي ڪيون ويون ۽ سندس لاء ڪاميابي جون دعائون گھريون ويون