Govt Boys Campus High School BELLO

اسٽيم سجاول مقابلو 2025-2026گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ٻيلو اسٽيم اسڪول رائونڊ مقابلي ۾ مقابلو کٽندڙ شاگرد پنھنجي ٺاھيل پ...
17/12/2025

اسٽيم سجاول مقابلو 2025-2026
گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ٻيلو اسٽيم اسڪول رائونڊ مقابلي ۾ مقابلو کٽندڙ شاگرد پنھنجي ٺاھيل پروجيڪٽ سان گڏ.

-2026

13/12/2025

گورنمينٽ بوائز ڪئمپس ھاءِ اسڪول ٻيلو
تاريخ: 13 ڊسمبر 2025

اڄ ڇنڇر 13 ڊسمبر تي گورنمينٽ بوائز ھاءِاسڪول ٻيلو ۾ شاندار نموني سان STEAM مقابلو منعقد ڪيو ويو. هي پروگرام سر مشتاق احمد ٻجورو (اسڪول فوڪل پرسن STEAM) جي خاص ڪوششن سان ، سائين عبدالهادي ، سائين علي حسن شاہ ، ايف اي سائين امتياز ميمڻ جي ٽيڪنيڪل سپورٽ سان ۽ سر عرس سولنگي، هيڊ ماسٽر جي سرپرستي ۽ اڳواڻي هيٺ ڪرايو ويو. مقابلي دوران شاگردن سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ميٿس جي حوالي سان جديد، تخليقي ۽ معلوماتي ماڊل تيار ڪري پيش ڪيا، جيڪي ڏسندڙن لاءِ خاص دلچسپي جو سبب بڻيا.

هن علمي ۽ تخليقي تقريب ۾ ھاءِ اسڪول ٻيلو جي سڀني ڪلاس جي شاگردن/شاگردياڻين ۽ معزز استاد صاحبان شرڪت ڪري شاگردن جي تيار ڪيل ماڊلن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ سندن محنت، قابليت ۽ جدت کي ساراهيندي ڀرپور همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪجھ بھتريءَ جون صلاحون بہ ڏنيون.

اسڪول انتظاميا ان موقعي تي چيو ته اهڙا STEAM پروگرام شاگردن ۾ سائنسي شعور، تخليقي سوچ ۽ عملي مهارتن کي وڌائڻ سان گڏ کين جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انتظاميا وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ به اهڙيون علمي ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکيون وينديون ته جيئن شاگردن جو مستقبل روشن ۽ ڪامياب بڻجي سگهي.



 Buraq 💝گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاء اسڪول ٻيلو جي اسٽاف طرفان...محترم حاجي شفيع محمد ٻارڻ کي ڊي اي او سيڪنڊري، محترم بسنت ڪ...
05/11/2025

Buraq 💝
گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاء اسڪول ٻيلو جي اسٽاف طرفان...
محترم حاجي شفيع محمد ٻارڻ کي ڊي اي او سيڪنڊري، محترم بسنت ڪمار کي اي اي او، محترم عرس سولنگي کي ھيڊ ماستر ھاء اسڪول ٻيلو ٿيڻ ۽ سينئر ھيڊ ماستر ھاء اسڪول ٻيلو محترم اصغر خواجه ۽ سينئر استاد سائين محمد ھارون سومرو کي گورنمينٽ سروس پوري ڪرڻ تي شاندار ۽ پروقار تقريب جو اھتمام...
تقريب ۾ گسٽا ضلعي سجاول جو صدر سائين غلام قادر باغي صاحب، گسٽا ڊويزن حيدرآباد جو انفارميشن سيڪريٽري شھزاد ميمڻ صاحب، گسٽا ضلعي سجاول جو جنرل سيڪريٽري سائين عبدالرحيم قاضي صاحب، سينيئر نائب صدر سائين عاصم رشيد، غلام اڪبر لغاري، گسٽا تعلقي سجاول جو جنرل سيڪريٽري سائين عارف ميمڻ، سائين مولا بخش شيخ، سائين فاروق ميمڻ، سائين امتياز سائين اقبال ميمڻ،سائين غلام مصطفا ڪنڀر،سائين خليل، سائين شڪيل مھر شاهه شيرازي، سائين عبدالباري سائين ھادي،سائين غلام علي، سائين مشتاق،سائين رستم، سارنگ شاهه سرمد شاهه علي حسن شاھ، راجا قلي بخش،يونس،جھانگير،غفار،رميز رشيد،عليم شاهه عرفان شاھ شھريار ميمڻ،سڪندر چانڊيو، سميت سمورن ساٿين جي شرڪت آيل معزز مھمانن لي لُنگين ۽ ٽوپين جا تحفا محبتن جي بي لوث ونڊ تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا 🎁❤️🌹

02/02/2025
شڪر الحمد لله...ڊائريڪٽر سيڪنڊري ھائير سيڪنڊري حيدرآباد ريجن طرفان سال 2024 ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي گورنمينٽ بوائز ھ...
24/10/2024

شڪر الحمد لله...
ڊائريڪٽر سيڪنڊري ھائير سيڪنڊري حيدرآباد ريجن طرفان سال 2024 ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ٻيلو کي ضلعي جو بھترين اسڪول قرار ڏنو ويو آهي يقينن اھا ھتان جي سڀني استادن جي محنت ۽ لگن جو نتيجو آهي جو سجاول ضلعي جي پٺتي پيل علائقي ٻيلو جي ھن عظيم درسگاهه کي ھي ايڏو وڏو اعزاز مليو آهي...

سنڌ جي تعليمي ادارن جي اونهاري ۾ ٽائمنگ.صبح 8:00 کان 1:30 بجي تائينجمعو صبح 8:00 کان 12:00 تائيناهو ئي ٽائمنگ 31 آڪٽوبر ...
15/08/2024

سنڌ جي تعليمي ادارن جي اونهاري ۾ ٽائمنگ.
صبح 8:00 کان 1:30 بجي تائين
جمعو صبح 8:00 کان 12:00 تائين
اهو ئي ٽائمنگ 31 آڪٽوبر تائين برقرار رهندي.....

GBCHS Bello28/02/2024گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاء اسڪول ٻيلو جي اسٽاف پاران سابق ھيڊ ماستر محترم ھريش ڪمار جي مان ۾ پروقار ف...
28/02/2024

GBCHS Bello
28/02/2024
گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاء اسڪول ٻيلو جي اسٽاف پاران سابق ھيڊ ماستر محترم ھريش ڪمار جي مان ۾ پروقار فيئرويل تقريب رکي وئي ۽ نئين آيل ھيڊ ماستر محترم اصغر خواجا کي ويلڪم ڪيو ويو اسٽاف پاران کين ٽوپين،لُنگين ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا...
ان دوران سينئر استاد سائين امتياز احمد ميمڻ کي عمري تي روانگي لاء گل ارپي سندس سفر خير سلامتي سان ٿيڻ لاء ساڻس محبتن جي ونڊ ڪئي وئي...
تقريب ۾ آيل معززين کي ايف اي سينئر استاد محترم فاروق احمد ميمڻ آجياڻو ڏنو...

گسٽا ڊويزن حيدرآباد جي انفارميشن سيڪريٽري...
محترم شھزاد علي ميمڻ،
گسٽا تعلقي سجاول جي جنرل سيڪريٽري محترم عارف ميمڻ، نائب صدر محترم اقبال ميمڻ، سينيئر استاد محترم امتياز ميمڻ،نوجوان استاد jest مشتاق احمد ٻجورو، اسڪول جي مختلف شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران محترم ھريش ڪمار جي اداري لاء ڪيل خدمتن تي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي نوجوان استاد محترم غلام علي گل ٻجورو جي ھريش ڪمار جي محبت ۾ ڪيل شاعري شاگردن طرفان گيتن طور پيش ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ...
پروگرام ۾ سائنس فيسٽيول ۾ حصو وٺندڙ نوجوان استادن سائين رستم گل ۽ سائين، مشتاق ٻجورو سميت حصو وٺندڙ شاگردن کي بھترين ڪاڪردگي تي اسڪول انتظاميا پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا...
سينئر استاد محترم اقبال احمد ميمڻ ۽ نوجوان استاد محترم عبدالباري ٻجورو پروگرام جي ڪمپيئرنگ جا فرائض سر انجام ڏنا...

ڊپٽي ڪمشنر سجاول محترم عبدالواجد شيخ جو تعليمي عملدارن ڊپٽي ڊي اوز اسلم پرويز خواجه ،علي محمد گرماڻي سان گڏ ھاء اسڪول ٻي...
18/10/2023

ڊپٽي ڪمشنر سجاول محترم عبدالواجد شيخ جو تعليمي عملدارن ڊپٽي ڊي اوز اسلم پرويز خواجه ،علي محمد گرماڻي سان گڏ ھاء اسڪول ٻيلو جو سرپرائيز وزٽ جنھن دوران ڊي سي سجاول اسڪول ۾ ھلندڙ سڀني ڪلاسن ۾ شاگردن ۽ تدريسي عمل جو جائزو ورتو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو
ان موقعي تي...
گسٽا ڊويزن حيدرآباد جو انفارميشن سيڪريٽري شھزاد ميمڻ اسڪول جي ايف اي فاروق ميمڻ ۽ سينيئر استادن امتياز احمد ميمڻ ،اقبال احمد ميمڻ اسڪول ۾ تازو ڇِت جا چاپڙ ڪرڻ ۽ بلڊنگ جي زبون حالي ۽ سوھلتن جي کوٽ تي آگاھي ڏني جن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي سجاول بروقت ورڪس اينڊ سروس جي ايڪسيئن کي رپيئر اسڪيم رکڻ جو حڪم ڏنو...

ڪيمپس ھاء اسڪــول ٻيلـــــــــو....گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاء اسڪــول ٻيلـــــــــو جي طرفان محترم سائين صديق ميمڻ صاحب جي...
06/02/2023

ڪيمپس ھاء اسڪــول ٻيلـــــــــو....
گورنمينٽ بوائز ڪيمپس ھاء اسڪــول ٻيلـــــــــو جي طرفان محترم سائين صديق ميمڻ صاحب جي ڊي اي او سيڪنڊري سجاول طور بھترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سندس مان ۾ الوداعي ۽ نئين آيل ڊي اي او سيڪنڊري سجاول سائين پيار علي خواجه جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب رکي وئي جنھن ۾ ھاء اسڪول ٻيلو جي اسٽاف پاران مھمانن کي شيلڊ ،لونگين اجرڪن ۽ ڪتابن جا تحفا ڏنا ويا...
تقريب کي ھيڊ ماستر محترم ھريش ڪمار صاحب آجياڻي جي تقرير ڪندي آيل معزز مھمانن کي ڀليڪار ڪندي آجيان ڪئي...
تقريب ۾ گسٽا حيدرآباد ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري شھزاد ميمڻ تقريب ۾ پنھنجا خيال ونڊيندي آيل نئين ڊي او صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي اميدون آهن ته توهان اڳوڻن آفيسرن جي روايتن کي برقرار رکندي تعليم جي بھتري۽ سيڪنڊري استادن جي جائز مسئلن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪندا ...
تقريب ۾ ايف اي ... محترم فاروق ميمڻ
ٽي اي او مقبول کٽي
،اي اِي او اسلم پرويز خواجه ،سائين رفيق اڄڻ صاحب ...
آفيس سيڪريٽري گسٽا ضلع سجاول اڪبر لغاري
تعلقي جنرل سيڪريٽري محمد عارف ميمڻ
تعلقي نائب صدر اقبال احمد ميمڻ ھاء اسڪول ٻيلو جي سڀني معزز استاد صاحبان ھر ايونٽ جو ميزبان محترم بسنت ڪمار، سائين امتياز ميمڻ،ھارون سومرو،خليل ميمڻ،پرويز ميمڻ،مھر شاهه شيرازي،شڪيل ٻجورو،حبيب اللہ تيتري،عبيد الرحمان،غلام علي گل ٻجورو،عليم شاھ،عرفان شاھ،مشتاق ٻجورو،سارنگ شاهه ،عبدلباري ٻجورو، جي شرڪت...

جهان کي ڏيو مبارڪون  اسين پيا ڪاهيندا اچون ،نون سورن ۾ زندگيء جا گيت ڳائيندا اچون ..! *گورنمينٽ بوائز ڪئمپس هاء اسڪول ٻي...
12/01/2023

جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچون ،
نون سورن ۾ زندگيء جا گيت ڳائيندا اچون ..!

*گورنمينٽ بوائز ڪئمپس هاء اسڪول ٻيلو* اسٽاف طرفان گسٽا جي نئين چونڊيل باڊي... گسٽا حيدرآباد ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري محترم شھزاد ميمڻ ،
گسٽا تعلقي سجاول جي جنرل سيڪريٽري ، محترم محمد عارف ميمڻ ۽
گسٽا تعلقي سجاول جي نائب صدر محترم اقبال احمد ميمڻ صاحب جي مان ۾ زبردست آجياڻو ڏنو ويو.
ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز ڪئمپس هاء اسڪول ٻيلو جي سموري اسٽاف طرفان نون چونڊيل عهديدارن کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا ته ڄڻ ڀٽائيء جي ڀونء ۽ هاء اسڪول ٻيلو جي اڱڻ تي تازا گلاب ٽڙي پيا ۽ هر طرف مرڪون وکيرجي ويون.
اسڪول جي هيڊ ماستر محترم هريش ڪمار صاحب ۽ ايف ۔اي محترم فاروق احمد ميمڻ صاحب سميت اسڪول جي استادن مختصر تقريرون ڪندي چيو ته وڏي خوشي جي ڳالھ آھي جو ،گسٽا يونٽ ٻيلو جا دوست تعلقي کان ويندي ڊويزن ليول تائين پهتا آھن يقينن هنن دوستن جون ڪاوشون آھن اسان اميد ٿا ڪيون ته چونڊيل عهديدار تعليم جي فلاح و بهبود ۽ استادن جي هر جائز مسئلي لاء پتوڙيندا رهندا.
ان ڏس ۾ نون چونڊيل عهديدارن محترم شھزاد ميمڻ صاحب، محترم اقبال احمد ميمڻ صاحب ۽ محمد عارف ميمڻ صاحب پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته، اسان هاء اسڪول ٻيلو جي اسٽاف جا ٿورائتا آھيون جن محبتون ونڊيون۔ ۽ هنن چيو ته عهدا عارضي هوندا آھن اسان جيستائين گسٽا جو حصو هونداسين تيستائين تعليمي سرگرمين، استادن جي هر جائز مسئلي ۽ نون استادن جي پگهارن کان ويندي استادن جي هر مسئلي ۾ اڳيان اڳيان هونداسين ۽ سندن حقن لاء پتوڙيندا رهنداسين..
پروگرام جي ڪارروائي سينيئر استاد محترم محمد رمضان ميمڻ صاحب هلائي ۽ آخر ۾ محبتن جي سفير هن اسڪول جي محترم استاد بسنت ڪمار صاحب پروگرام جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو ۽ سموري اسٽاف کي رفرشمينٽ پڻ ڪرائي وئي..
(گل ٻجورو)
*گورنمينٽ بوائز ڪئمپس هاء اسڪول ٻيلو*

05/11/2020

جشن عيد ميلاد النبي جي پروگرام ۾ ڏھين ڪلاس جو شاگرد جنيدالرحمان تقرير ڪندي.

Address

Bello District Sujawal Sindh
Sindh

Telephone

+923002630294

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt Boys Campus High School BELLO posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Govt Boys Campus High School BELLO:

Share