Govt. Girls College Tharushah

Govt. Girls College Tharushah Principal Dr-Ali Raza Kazi Principal: PROF. NISAR AHMED SHAH

ٻهراڙيءَ جي عورت: ڌرتيءَ جي ڌڙڪن، زندگيءَ جي سونهن!15  آڪٽوبر — ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهنجاڳرتا رڳو تقريرن جي ترن...
15/10/2026

ٻهراڙيءَ جي عورت: ڌرتيءَ جي ڌڙڪن، زندگيءَ جي سونهن!

15 آڪٽوبر — ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن
جاڳرتا رڳو تقريرن جي ترنم ۽ لفظن جي ورجاءَ جو نالو ناهي، پر زندگيءَ کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ، محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ جو سفر به آهي.
ڏينهن جي مناسبت سان اهڙو ئي خيال کڻي شاگردياڻين کي وٺي ڀرواري ڳوٺ وڃي پهتاسين. سنڌ جا اهي ڳوٺ جيڪي حسن درس جي شاعريءَ جيان رڳو گهرن، گهٽين ۽ وڻن جا نالو ناهن، پر هڪ اهڙي احساس جو حوالو، جتي مٽيءَ مان محبت جي مهڪ، وڻن مان وڇوڙي جي ڇانوَ ۽ گهٽين مان زندگيءَ جا گيت ڦٽي نڪرن ٿا:
وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ ۾ ڳئون پئي آيون،
پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.
گروپ ۾ شامل 30 شاگردياڻيون، پروفيسر رضوانه خانزاده، پروفيسر عاتڪه تنوير، ’سيميز فوڪل پرسن‘ شاهد راڄپر ۽ ڳوٺ عظمت ديرو...
پهريون پَڙاءُ پرائمري اسڪول، مانواري هيڊ ماستر محترم عبدالجبار لانگاهه صاحب آجيان ڪئي. ڀر واري گرلز پرائمري اسڪول به وياسين، بعد ۾ شاگردياڻين کي ڳوٺ جي گهرن ۾ عورتن سان ملڻ جو موقعو ڏنو ويو.
نج ٻهراڙيءَ جو ماحول، ڪچين گهٽين جي سادگي، وڻن جا ڊگها پاڇا ۽ عورتن جي زندگيءَ جا اڻچيل داستان — سڀ ڪجهه نياڻين لاءِ حيرتن جو جهان هو. محسوس ائين ٿي رهيو هو، ڄڻ حسن درس جي شاعري، ڪتابن مان نڪري، ڳوٺ جي گهٽين ۾ جيئري جاڳندي گهمي رهي هجي.
هيءُ سفر رڳو هڪ وزٽ نه، پر علم ۽ احساس، مشاهدي ۽ ادراڪ، توڻي ڪاليج ۽ ڪچهرين وچ ۾ هڪ خوبصورت پل هو.
ڇو ته تعليم جو حقيقي حسن تڏهن ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن ڪتابن جا لفظ زندگيءَ جا منظر بڻجي اکين آڏو اچن
ڳوٺ رڳو ڏسبا ناهن، محسوس ڪبا آهن؛ ۽ ٻهراڙيءَ جي عورت رڳو سماج جو حصو ناهي، پر ان جي تهذيب، تربيت ۽ تسلسل جي سگهاري سڃاڻپ آهي.
________________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ پرنسپال، جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

14/10/2026

Government Girls Degree College Tharushah

Today, the students once again participated in PT and drill classes under the guidance of Professor Rizwana Khanzada.
Along with improving their physical fitness, these activities significantly boost students’ confidence, discipline, and self-esteem.
Physical fitness builds a strong body, while discipline and drill build confidence, character, and leadership.

— Dr. Ali Raza Kazi
Principal
GGDC T.SHAH

ستارا ته اورئين وکن ۾ ڇڏيا سينڪنڊياري ڪاليج جو مايه ناز پروفيسر آصف علي چنڙ صاحب، (ڪيمسٽري شعبو) جي ٽن ڏينهن لاءِ پوسٽنگ...
13/10/2026

ستارا ته اورئين وکن ۾ ڇڏيا سين

ڪنڊياري ڪاليج جو مايه ناز پروفيسر آصف علي چنڙ صاحب، (ڪيمسٽري شعبو) جي ٽن ڏينهن لاءِ پوسٽنگ بوائز ڪاليج ۾ آهي... پر هو جڏهن اڄ ڊاڪٽر نعمت الله سومري صاحب سان گڏ گرلز ڪاليج آيو ته شاگردياڻين گذارش ڪيس ته ڪلاس وٺي..
ڪمال جي انسان، شاندار استاد موٽ ۾ هاڪار ڪري اسان جون دليون کٽي ورتيون.. هن جا عظيم احسان، سدا ياد رهندا.. ڪڏهن به وَڙَ ناهن وڃائبا...
هن اداري تي وَڙَ ته رينجنل ڊائرڪٽر ڪاليجز ايس.بي.اي. عزت مآب پروفيسر ڊاڪٽر لالا رخ بلوچ صاحبه جا به آهن، جنهن جي مهربانين سان ساهتيءَ جي دل ٺاروشاه ۾ موجود نياڻين جو ادارو سڀني حوصلن ۽ همٿن سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پيو...
حسن درس چيو:
ستارا ته اورئين وکن ۾ ڇڏيا سين،
انھيءَ کان به پرتي اسين آھيون پھتا.
_____________________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ پرنيسپال، جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

اونداهين ۾ چمڪن پيون روشنايون...ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته گرلز ڪاليج ٺاروشاه ۾ بهترين استادن جي ٽيم اسان جي نياڻين ک...
13/10/2026

اونداهين ۾ چمڪن پيون روشنايون...

ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته گرلز ڪاليج ٺاروشاه ۾ بهترين استادن جي ٽيم اسان جي نياڻين کي تعليم و تربيت ڏيڻ ۾ سرگرم عمل آهي.
باٽني شعبي جو باصلاحيت، باڪمال ۽ محنتي پروفيسر خليل الرحمان لاڙڪ ۽ ميٿاميٽڪس شعبي جو بهترين ۽ تجربيڪار پروفيسر وحيد علي گوپانگ صاحب (ايم.فل) پنهنجون علمي ۽ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
بخاريءَ به چيو هو:
نـيـڪ نـيـت، هــوش، همـت شــرط هـو،
مرد سامهون ڪو به ڪم مشڪل نه هو.
هڪ وقت سائنس جا سڀ سبجيڪٽ خالي، هاڻي ته ايتري شاندار ٽيم جو ادارو مثالي لڳي ٿو. هي منظر اونداهين ۾ روشنين چمڪڻ جهڙا آهن. پنهجا ٻار هوشيار ڪرڻ جهڙا آهن. اچو اسان جو ساٿ ڏيو ته گرلز ڪاليج کي سڄي سنڌ جو شاندار ادارو جوڙي ڏيکاريون.
________________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ جي جي ڊي سي ٺاروشاه

11/10/2026
قـــوم ۾ لـيڪن مسلسـل ولــولو پـيـدا ڪـجيڏينهن رات ڪوشش آهي ته پنهنجا ٻار هوشيار بڻايون..سنڌ جي اوائلي تاريخ ۾ دودي جي د...
08/10/2026

قـــوم ۾ لـيڪن مسلسـل ولــولو پـيـدا ڪـجي

ڏينهن رات ڪوشش آهي ته پنهنجا ٻار هوشيار بڻايون..
سنڌ جي اوائلي تاريخ ۾ دودي جي دليريءَ کان جديد سائنس جي اهم مضمون زوالاجي ۽ ڪيمسٽريءَ جا خاص عنوان ملٽي ميڊيا پروجيڪٽر تي پڙهايون پيا. روز ٽن کان پنج ڪلاس ملٽي ميڊيا هال ۾ ٿين ٿا.
پروفيسر نثار احمد سهتي ۽ خليل احمد لاڙڪ جي اچڻ کانپوءِ شاگردياڻين ۾ پڻ سرهائي آهي... هو ساهتيءَ جا بهترين استاد آهن.
بقول استاد بخاري:
هـي ضـروري نـاهي هـر هـر زلــزلـو پـيـدا ڪـجي،
قـــوم ۾ لـيڪن مسلسـل ولــولو پـيـدا ڪـجي.
_____________________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ پرنيسپال، جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

هوشــيار پنـهنجا ٻـار بــنايو، بـــچي پئون!
06/10/2026

هوشــيار پنـهنجا ٻـار بــنايو، بـــچي پئون!

استادن جو عالمي ڏهاڙواڄ استاد جو عالمي ڏهاڙو هو، پر گرلز ڪاليج ٺاروشاه جي فرسٽ ايئر جي شاگردياڻين پنهنجي تخليقي صلاحيتن،...
05/10/2026

استادن جو عالمي ڏهاڙو

اڄ استاد جو عالمي ڏهاڙو هو، پر گرلز ڪاليج ٺاروشاه جي فرسٽ ايئر جي شاگردياڻين پنهنجي تخليقي صلاحيتن، همٿ ۽ حوصلي سان اڄوڪي ڏينهن کي پنهنجي ئي انداز ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو.
خاموشيءَ سان پروگرام جي رٿابندي، ذميوارين جي ورڇ ۽ پوءِ هڪ باڪمال پروگرام جي پيشڪش—واقعي داد طلب هئي. هيڊ گرلز، پرفيڪيٽ ۽ سڀني شاگردياڻيون جس لهڻن.
هڪ لمحي لاءِ دل چاهيو ته سامهون واري بينچ تي ويهي، پنهنجي ئي نياڻين جو هي تخليقي سفر ڏسان ۽ ٻڌان.
حيرت ان ڳالهه تي ٿي ته ٿورو اعتماد، ٿورو اعتبار ۽ ٿوري آزادي ڏني وڃي ته اسان جون ڌيئرون ڪهڙا نه شاندار نتيجا ڏئي سگهن ٿيون!
اڄ ڏينهن استاد جي نالي هو، پر گرلز ڪاليج ٺاروشاه جي انهن باهمت شاگردياڻين پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان ثابت ڪيو ته استاد جو اصل سرمايو سندس شاگرد آهن.

شاباس ڌيئرون!
توهان رڳو هڪ پروگرام نه ڪيو، اعتماد جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي لکي ڇڏي.
________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ پرنسيپال

هڪ خوبصورت تعليمي خيالاڄ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه ۾ پروفيسر منصور حيدر چنا صاحب، جديد تدريسي تصور Reverse  Role ...
02/10/2026

هڪ خوبصورت تعليمي خيال

اڄ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه ۾ پروفيسر منصور حيدر چنا صاحب، جديد تدريسي تصور Reverse Role کي عملي طور متعارف ڪرايو، جنهن تحت انٽر ڪلاس جي هونهار شاگردياڻي فريال ميمڻ کي استاد جو رول ڏنو ويو، جنهن ڪلاس کي سبق پڙهايو ۽ ساٿي شاگردياڻين سان تعليمي سرگرمي ۾ حصو ورتو. هي سرگرمي شاگردياڻين ۾ اعتماد، قيادت، اظهارِ خيال ۽ سکيا جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هڪ مثبت ۽ جديد قدم آهي
رِورس رول ڇا آهي؟
عام روايتي طريقي ۾ استاد پڙهائي ٿو ۽ شاگرد ٻڌي ٿو. رِورس رول ۾ صورتحال بدلجي وڃي ٿي:
استاد → شاگرد
شاگرد → استاد
مثال طور، ڪلاس ۾ استاد ڪنهن شاگردياڻي کي چوي ته هوءَ اڄ جي سبق جو موضوع باقي ڪلاس کي سمجهائي. شاگردياڻي موضوع جي وضاحت، مثالن ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. استاد آخر ۾ رهنمائي ۽ درستگي فراهم ڪري ٿو.
هن طريقي جا اهم فائدا
• شاگردن ۾ اعتماد ۽ خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي.
• سبق کي رڳو ٻڌڻ بدران سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
• Communication Skills ۽ Leadership Skills بهتر ٿين ٿيون.
• شاگردن جي تنقيدي ۽ تخليقي سوچ وڌي ٿي.
• استاد کي به خبر پوي ٿي ته شاگرد موضوع کي حقيقت ۾ ڪيترو سمجهي چڪو آهي.
• ڪلاس وڌيڪ Interactive ۽ Student-Centred بڻجي وڃي ٿو.
هڪ خوبصورت تعليمي خيال
جڏهن شاگرد استاد بڻجي ٿو، تڏهن هو صرف سبق نٿو پڙهائي؛ هو پنهنجي سکيا کي ٻيهر دريافت ڪري ٿو.
_________________________________
رپورٽ: شاهد راڄپر
جي.جي.ڊي.سي.ٺاروشاه

آخر مسلسل جدوجهد ڪامياب ٿي!ساهتي پرڳڻي جي ٻن بهترين ۽ قابلِ، پنهنجي سبجيڪٽ ۾ انتهائي ماهر استادن جون خدمتون گورنمينٽ گرل...
29/09/2026

آخر مسلسل جدوجهد ڪامياب ٿي!

ساهتي پرڳڻي جي ٻن بهترين ۽ قابلِ، پنهنجي سبجيڪٽ ۾ انتهائي ماهر استادن جون خدمتون گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، ٺاروشاه جي حوالي.

جي سج لٿو، چنڊ لڪو، ٿي اوندهه،
ته به عزم جي آڙاهه کي ٻاري اچبو.

ڪڏهن ڪڏهن ادارن جي بهتري لاءِ مسلسل جدوجهد، خلوص ۽ عزم سان کنيل هڪ قدم، ڪيترن ئي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿو.
___________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ پرنسيپال

Address

گرلز ڊگري ڪاليج، ويجهو ٺاروشاه جنڪشن
Tharu Shah
67080

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt. Girls College Tharushah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share