Govt. Girls College Tharushah

Govt. Girls College Tharushah Principal Dr-Ali Raza Kazi Principal: PROF. NISAR AHMED SHAH

10/08/2026

گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه جي شروعات ڌڻي تعالي جي حمد سان..
لطيف سائين جي بيت 'اول الله عليم' سان ابتدا..

09/08/2026
تــمنـا ۾ تحريڪ مــوجـود آ...استاد بخاريءَ چيو:تــمنـا ۾ تحريڪ مــوجـود آ،تــرقيءَ جـي تــاريخ مــوجـود آ.جـتي آرزو آ، ا...
09/08/2026

تــمنـا ۾ تحريڪ مــوجـود آ...

استاد بخاريءَ چيو:
تــمنـا ۾ تحريڪ مــوجـود آ،
تــرقيءَ جـي تــاريخ مــوجـود آ.
جـتي آرزو آ، اتــي جسـتـجو آ،
زمـــانـي جـي تــصديق مـوجود آ.
اسان به تمنا ڪئي ۽ ڪامياب وياسين...
شهيد بينظير آباد ريجن جي ڪاليجز ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه کي اهو اعزاز حاصل ٿيو، جو همٿ ۽ حوصلي سان ڪاليج جي ويب سائيٽ جوڙي لانچ ڪئي..
https://sites.google.com/view/ggdc-tharushah
هن سڄي مرحلي ۾ سڀني جون دعائون ۽ تمنائون محسوس ٿيون..
بس اهو ئي ڪافي آهي ته:

اعزاز وڏو آهي، جو لوڪ چوي ’راشد‘،
ھن سادڙي ماڻھو ۾ ڏات جبل جيڏي آھي.

ڊاڪٽر علي رضا قاضي/ پرنيسپال
جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

01/08/2026
31/07/2026
31/07/2026

ڪي.ٽي.اين. نيوز ٺاروشاه جي طرفان وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ گرلز ڪاليج ٺاروشاه ۾ مختصر پروگرام رکيو ويو. علائقي جي معزز شخصيتن محترم احمد نواز ڀرٽ صاحب، محترم زاويار خان بلوچ صاحب سميت محترم پروفيسر صاحبان سميت سٺي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پيغام اهو ئي هو ته ’هڪ وڻ سنڌ امڙ جي نانءُ‘ اميد ته هر شخص ذميداري جو احساس ڪندي وڻ پوکڻ جي ڪوشش ڪندو.

نئين کي پراڻو ڪجي، دل ڏجي،سندءِ دل کي ڄاڻو ڪجي، دل ڏجي.فرشتي، خدا جي ضرورت نه ڪا،رڳو خود کي ماڻھو ڪجي، دل ڏجي.__________...
31/07/2026

نئين کي پراڻو ڪجي، دل ڏجي،
سندءِ دل کي ڄاڻو ڪجي، دل ڏجي.

فرشتي، خدا جي ضرورت نه ڪا،
رڳو خود کي ماڻھو ڪجي، دل ڏجي.
___________________________________ حسن درس
______________________
گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه
جولاءِ جي آخري تاريخ، 2026
___________________________
سڄي ڪاليج جي صفائي ڪرائي...
عزم ۽ ڀرپور حوصلي سان سڀاڻي کان شروعات، ان جي تياري اڄ ئي ڪري ڇڏي....
_________________________
ڊاڪٽر علي رضا قاضي
پرنسيپال
جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!سُتي ساهه جاڳي،وڃي دور دور،ستارا لتاڙي اسان جو شعور،سوين چنڊ ساٿي،ڪتين جا سوين قافلا رهه گذر ...
27/07/2026

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
سُتي ساهه جاڳي،
وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا رهه گذر ۾،
سفر ۾،
اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين.
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
______________________
گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه
جولاءِ جي ستاويهين تاريخ، 2026

ڪم جون ڇهون ڏينهن
ڪميونٽي جي مدد سان ڪجهه ڏهاڙي تي...
پنهنجي ڪم سان ايترو پيار جو ڪوشش ڪري موسمن تي به ناهيون ڳالهائيندا
انهيءَ ڪري:

اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين.
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
_________________________

ڊاڪٽر علي رضا قاضي
پرنيسپال
جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو، صبح ٿئي ٿوصبح روشن کان گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه ۾ ڪم جو مسلسل پنجون ڏينهن... وڻن جي ڇانگهه کان ڊڀ...
25/07/2026

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو، صبح ٿئي ٿو

صبح روشن کان گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاه ۾ ڪم جو مسلسل پنجون ڏينهن... وڻن جي ڇانگهه کان ڊڀن جي صفائي ڪٽائي
تمام محدود وسلين هوندي، آباديءَ لاءِ زمين جي سنوارت...
والٽئير چيو ياد آهي نه ”اسان کي پنهنجي باغ جي سار سنڀال ڪرڻ گهرجي.“
مطلب: دنيا کي بدلائڻ جون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ کان بهتر آهي ته انسان پنهنجي حصي جي دنيا، يعني پنهنجي باغ، گهر، ڪم ۽ ڪردار کي سنواري.
اسان به بس اهو ئي ڪريون پيا...

شيخ اياز به اميد ۽ يقين سان ڳالهايو:

ڪارونجهر تي مور نچي ٿو،
صبح ٿئي ٿو.
موتين وارو مينهن وسي ٿو،
صبح ٿئي ٿو.

سٽون: ڊاڪٽر علي رضا قاضي
پرنسيپال
جي.جي.ڊي.سي. ٺاروشاه

Address

گرلز ڊگري ڪاليج، ويجهو ٺاروشاه جنڪشن
Tharu Shah
67080

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt. Girls College Tharushah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share