06/09/2023
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جا سمورا ڪئمپسز ڪربلا جي شھيدن جي چاليهي جي موقعي تي سڀاڻي بند رهندا: يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ اڳواٽ رٿيل پرچا معمول موجب منعقد ٿيندا: ترجمان
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئمپسز سڀاڻي 7 سيپٽمبر 2023ع تي ڪربلا جي شھيدن جي چاليهي جي موقعي تي بند رھندا. ان سلسلي ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ ضروري ڊيوٽين تي موجود عملو معمول موجب پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏيندو، جڏھن تہ مادرعلمي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ اڳواٽ رٿيل پرچا سڀاڻي معمول موجب منعقد ٿيندا.