College Of Technology Crushes and Confessions

College Of Technology Crushes and Confessions This page is all about college of technology students

22/09/2023

Love in university nowadays

09/05/2023

ھن دردن جي دانهن آخر ڪنھن در ڏجي بالا آفيسرن جو ضمير ٿو وڪاميل ڏسجي!!

لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام دين اڄڻ صاحب جي خدمت ۾ عرض تہ خدارا شاگردن کي ملندڙ اسڪالرشپ جا پئسا کائيندڙ انتظاميان طرفان شاگردن کي مسلسل ذهني ٽارچر ٿيڻ کان بچايو..
افسوس آ بلاول ميڊيڪل ڪاليج لمس جي ايڊمنسٽريٽر شيروز رند تي جيڪو شاگردن کي مسلسل ذهني ٽارچر ڪري شاگردن کي ملندڙ SEEF اسڪالرشپ جا فنڊ هڙپ ڪري رهيو آهي....
معاملي جي اصل حقيقت اها آهي ته سنڌ حڪومت طرفان مخصوص شاگردن کي هر سال SEEF جي نالي سان اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي. جنهن ۾ شاگردن کي هر سال سنڌ حڪومت طرفان ملندڙ فنڊن مان فيسون ادا ڪيون وينديون آهن ان جو طريقيڪار ڪجهه هن طرح آهي ته شاگردن جو اسڪالرشپ ۾نالو اچڻ کان پوءِ لمس يونيورسٽي بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا SEEF اداري ڏي انھن شاگردن جي GPA لکي موڪليندي آهي ٻيو شاگردن جي فيس لاءِ SEEf انتظاميا کي شاگردن جي فيس چيڪ لاء لکي موڪليندي آهي جنھن کان بعد سنڌ حڪومت طرفان انتظاميان ڏي شاگرد جي نالي تي ٽيوشن في سميت فيسن جو چيڪ موڪليو ويندو آهي...
پر افسوس آهي بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي ايڊمنسٽريٽر سر شيروز رند تي, جنهن جي آفيس ۾ شاگرد ڳالهائڻ ويا تہ سر شيروز طرفان اھو چئي واپس موٽايو ويو ته پهرين سالياني فيس ادا ڪيو پو چيڪ لاء لکي موڪليندم اگر فيس ادا نه ڪئي وئي تہ توهان جي لاء چيڪ جو نہ لکندس.
جيڪڏهن SEEF انتظاميان کي چيڪ لاء نہ لکيو ويندو تہ شاگرد هن اسڪالرشپ کان محروم ٿي ويندا پو اھي اسڪالرشپ وارا پئسا پاڻ کائي پيٽ ڀريندا!!
جنهن کان بعد شاگردن ايڊمنسٽريٽر شیروز کي اھو چيو تہ اسڪالرشپ ملندي ڇا جي لاءِ آ ان لاء ئي ته ملندي آ جو شاگرد ان اسڪالرشپ جي پئسن مان فيس اده ڪري سگهن. جيڪڏهن توھان SEEF انتظاميان کي لکي موڪليندا ته پو جڏھن اھي پئسا ايندا تہ ان مان ئي فيس ادا ڪري سگهجي ٿي جيڪڏهن پهرين فيس ادا ڪندا پو تہ شاگردن جي نالي تي ايندڙ اھي پئسا انتظاميان هڙپ ڪري ڇڏيندي😥😰
اسڪالرشپ ملندي ئي شاگردن جي فيس ادا ڪرڻ لاء آ ته پو شاگردن کي ذهني ٽارچر ڪري انهن جا پئسا ڇو ٿا کاڌا ونجن؟؟؟
لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام دين اڄڻ صاحب جي خدمت ۾عرض آ تہ SEEF انتظاميان کي شاگردن جي GPA لکي فيس لاء لکي موڪليو ته جيئن حقدار شاگرد پريشانين کان بچي پنهنجي پڙهائي جاري ڪري سگهن

هنر سکو - جهجهو ڪمایو - وري موٽايويونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ڄامشوروجو مفت داخلا ڊگري پروگرامآخري تاريخ 2 مئي 2023 آهي. ...
16/04/2023

هنر سکو - جهجهو ڪمایو - وري موٽايو
يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ڄامشورو
جو مفت داخلا ڊگري پروگرام
آخري تاريخ 2 مئي 2023 آهي.

-نه داخلا في -نه ٽيوشن في -نه هاسٽل في
چار سال ايڇ اي سي کان منظور ٿيل ڊگري وٺو.
داخلا لاءِ تعليمي ڪاغذ کڻي يونيورسٽي اچو.
گهر ويٺي آن لائن فارم ڀرڻ جي سهولت ناهي.
مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ %45 مارڪس هجڻ گهرجن.
داخلا کانپوءِ ڪلاسن ۾ 90 % حاضري لازمي شرط آهي.
ڪلاس نوين وڳي کان ٽي وڳي تائين هلندا.
سکيا جو سامان ۽ ذاتي خرچ شاگرد جي ذميواري هوندو.
حيدرآباد شهر کان ٽرانسپورٽ جي سهولت موجود آهي.

فائن آرٽ، ميڊيا آرٽ، ٽيڪسٽائل فيشن آرٽ، آرڪيٽيڪچر شعبي جا جديد سھولتن سان اسٽوڊيو موجود آهن.
يونيورسٽي ۾ سگريٽ، پان، ٻيڙي ڇڪڻ تی پابندی آهي.
يونيورسٽي ۾ بيڪار ويهڻ جی اجازت ناھی.
اعليٰ اخلاقي قدر سيکارڻ جي يونيورسٽي. آهي.
علم حاصل ڪرڻ لاءِ عمر جي حد مقرر ناهي.

يونيورسٽي جي وقف پروگرام مان فائدو وٺڻ لاءِ بنا دير پنهنجا سرٽيفڪيٽ کڻي اچي يونيورسٽي ۾ فارم ڀريو.
داخلا وٺڻ جي آخري تاريخ سومر 2 مئي 2023 آهي.

يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ڄامشورو،
ڪوهستان ويلي، گلشن شهباز, ڄامشورو
Contact us on WhatsApp:
03332777550
http://uac.edu.pk/official/contact/
Programs:
http://uac.edu.pk/official/department/
About Us:
http://uac.edu.pk/official/admission/

5th batch BSRT student 2023
11/04/2023

5th batch BSRT student 2023

09/04/2023

سونن چپن واري ڇُوڪري

بقلم اشفاق علي رند

هُوءَ هڪ معصوم حساس طبيعت رکندڙ پُوپٽ جيئان نازڪ ۽ نفيس ڇُوڪري هئي
هُوءَ هيسائيل هَرڻي وانگي لڳندي هئي هُن جي اکين ۾ لُڙڪ گلاب جي گُل تي مُوتي جيئان لڳندا هئا هُوءَ جڏھن ٽَھڪ ڏئي کِلندي هئي تہ سمورو آڪاش مُرڪي پوندو هو وڻن تي ويٺل پکي بہ خاموش ٿي ويندا هئا
هُن جي چهري تان هر طرف معصوميت جَرڪندي هئي
هُئي جڏھن اُداس ٿيندي هئي تہ تڏھن ائين لڳندو هو ڄڻ فِضاءَ ماٺ ۾ آهي چنڊ اڪيلو آهي ستارا سُمهي رهيا آهن آسمان يتيم ٿي ويو آهي مُور مري ويو آهي ڊيل سوڳ ۾ آهي
ڪوئل کان ڪوڪ کسجي وئي آهي
هُوءَ مون سان پهريون دفعو جڏھن لمس يونيورسٽي ۾ ملي هئي تڏھن هُن جي اکين مان لُڙڪ سانوڻ جي بي مُندائتي مينهن جيئان وسي رهيا هئا هُن جي مُرڪ زندگي کان خالي مُرڪ هُئي هُن کي ڏسي ائين لڳو هُو ڄڻ ڏُکن جو ڪو سيلاب هُن جون سڀئي خوشيون خواهشون ارمان حسرتون خواب ٻُهاري ويو هُجي
هُوءَ ڀريل سنسار ۾ پاڻ کي اڪيلو مَحسوس ڪندي هئي ۽ اندر ئي اندر ۾ گُھٽبي رهندي هئي
هُوءَ ٿر جي اُڃايل واري هُئي جنهن تي ڪڏھن پيار جي هڪ بوند بہ نہ وسي هئي
هُوءَ چوندي هُئي
اشفاق
آئون اُجڙيل باغ هئس جنهن کي تو ٻيهر آباد ڪيو آهي تو مُنهنجي ويران چمن کي وسايو آهي آئون واعدو ٿي ڪريان تہ توکان هڪ پل بہ پري نہ ٿيندس
آئون چوندو هُئس اهڙا واعدا نہ ڪر جيڪي پاڙي نہ سگهين واعدا اڪثر ڪچن ڍاڳن وانگي ٽُٽي ويندا آهن
اڄ هُوءَ سڀئي واعدا ٽُوڙي ورسٽي جي دوکيباز هوائن ۾ گُم ٿي وئي آهي
جڏھن ماضي جي مست ڳلين ۾ يادن جي نازڪ هيِر گُهلندي آهي تڏھن هُن سان گُذاريل پل مُنهنجي دل جي دُنيا تي ماتم ڪندا آهن
ڀلي تو مون سان نيڻن جو ناتو ڇِنو هُجي پر توسان گهاريل زندگي جا حَسين پل اڄ بہ مُنهنجي زندگي لاءِ عذاب مِثل آهن تون نہ رُڳو منهنجي سچي مُحبت جي قصور وار آهين پر اڌ رات جو هاسٽل جي ڇت تي ويهي تولاءِ لکيل غزلن جي بہ ڏوهاري آهين
مونکي پهريان ئي خبر هُئي تہ پيار جي پِيڙھ تي رکيل پٿر تي بيوفائي جو زوال ضرور ايندو
مُون تنهنجي اونڌاھ زندگي ۾ محبت جو ڏيئو ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي
پر تُو تہ مون کان ئي مُنهنجون روشنيون کسي ورتيون
تُنهنجي جُدائي جا ڏنل ڏنڀ اڃان تازا آهن جيڪي شايد ڪڏھن بہ پُراڻا ٿي نہ سگهن
تُنهنجي يادن جو سيلاب سدائين مُنهنجي اکين ۾ رهي ٿو
دل جو ويران گُلشن شايد ڪڏھن آباد ٿي نہ سگهي
مُون سدائين خُدا کان تُنهنجي خوش رهڻ جون التجائون ڪيون آهن
جڏھن منهنجي مرڻ جي خبر ٻُڌين تڏھن روئجان نہ ڇو تہ تُنهنجي معصوم ڳلڙن تي لُڙڪن جون ريکائون سُٺيون نٿيون لڳن
آخري لفظ
زندگي ۾ مون کان وڌيڪ پيار ڪندڙ شخص ملي وڃئي تہ اُن کي ايترو نہ آزمائجان ڇو جو سڀ هڪجهڙا نہ هوندا آهن
هر لهندڙ سج شام توسان گڏ گذاريل پل اڪثر ياد ايندا آهن وقت گُذرڻ سان انسان سڀ ڪُجھ وساري ڇڏيندو آهي
بس اها دُعا گهرجانءِ تہ ڪاش تون مون کان وسري وڃين.

هڪ چِٺي وي سي لمس جي نانءُهڪ يونيورسٽي ٻِٽو نظام مُحترم جناب وائيس چانسلر لمس يونيورسٽي ڊاڪٽر اڪرام الدين اُڄڻ صاحب جناب...
24/03/2023

هڪ چِٺي وي سي لمس جي نانءُ
هڪ يونيورسٽي ٻِٽو نظام
مُحترم جناب وائيس چانسلر لمس يونيورسٽي ڊاڪٽر اڪرام الدين اُڄڻ صاحب جنابِ اعلىٰ اوهان هڪ ئي يونيورسٽي ۾ ٻِٽو نظام آخر ڪهڙي بُنياد تي قائم ڪري رکيو آهي؟ اوهان هميشہ ڪاليج آف ٽئڪنلاجي جي شاگردن سان نا انصافيون ئي ڪيون آهن ڪاليج آف ٽئڪنالاجي جي نہ عمارت آهي نہ ئي وري ٽيچينگ فئڪلٽي وزيٽنگ فئڪلٽي گُذريل 4 سالن کان انڌو منڊو پڙهائي رهي آهي اُنهيءِ وزيٽنگ فئڪلٽي جو شاگردن سان سُلوڪ هميشہ ناروان ئي رهيو آهي قبلا اوهان ڪاليج آف ٽئڪنالاجي جي شاگردن کان صِرف ڳريون فيئون وصول ڪرڻ وقت مالڪ آهيو باقي اُنهن جو ڪو بہ جائز مطالبو اڄ ڏينهن تائين حل ڪرڻ کان قاصر ئي رهيا آهيو شاگردن کان لکين روپيا فيس وصول ڪرڻ بعد اوهان اُنهن کي سواءِ ناجائز سپلين ذھني ٽارچر اذيئت ذلت کانسواءِ ڪُجھ بہ نہ ڏنو آهي جڏھن کان اوهان وي سي جو تاج پنهنجي مٿي تي رکيو آهي تڏھن کان ڪاليج آف ٽئڪنالاجي جي شاگردن سان رُڳو ناانصافيون ئي ڪيون آهن نرسنگ جي 4 ڪلاس روم ۾ هلندڙ هن ڊپارٽمنٽ ۾ ڪڏھن اوهان قدم مُبارڪ رکڻ جي زحمت بہ نہ ڪئي آهي اوهان زميني حقيقتن کان الائي ڇو پاڻ کي بي خبر رکيو ويٺا آهيو يا اهو بہ ممڪن آهي تہ اوهان هر حال کان باخبر هوندي بہ هن ڊپارٽمنٽ جي شاگردن کي شايد ڪُجھ سمجهو ئي نٿو قبلا جن 4 ڪلاس روم ۾ اوهان ايڏو وڏو ڊپارٽمنٽ هلائي رهيا آهيو جنهن جي انرولمينٽ لڳ ڀڳ 1000 شاگردن جي آهي اُنهي ڪلاس روم ۾ صرف هڪ ئي ڪمري ۾ ايئر ڪنڊيشن آهي شديد گرمي ۾ باقي ڪلاس روم ۾ ڪلاس وٺڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي جنابِ اعلىٰ اوهان سميسٽر فيس 3050 وصول ڪيو ٿا جڏھن تہ باقي ڊپارٽمنٽ جي سالياني فيس 2700 روپيا ورتي وڃي ٿي سهولتن جي اڻھوند نظام درهم ڀرم عمارت سميت ٽيچينگ فئڪلٽي جو نہ نالو نہ نشان سپلين جا هر سميسٽر ۾ درجن لکين روپيا فيس جي وصولي آخر ڪهڙي بنياد تي هي عمل رائج ڪيو ويو آهي؟
2018 جي بئچ اڃان تائين پاس آئوٽ ناهي ٿي سگهي
2019 جي بئچ کي جولاءِ 2023 ۾ پاس آئوٽ ٿيڻو هو جيڪا اڃان تائين 6 سيمسٽر ۾ آهي ۽ تازو ئي اوهان نئين بئچ جي داخلا مڪمل ڪري ڇڏي آهي آخر هي ظلم جبر ناانصافي ڪيستائين هلندي رهندي؟ هزارين شاگردن جي مُستقبل سان راند ڪڏھن بند ٿيندي؟
اسان اوهان جي جواب جا مُنتظر رهنداسين.

03/12/2022

Ok🙂

23/11/2022

- Then she su***de 🙂💔
But still su***de is Haram - su***de is not solution 🥀🙏

قابلِ غور.هن اشتهار ۾ نظر ايندڙ ''ڪاليج آف ٽئڪنالاجي'' ۾ بيچلر ۽ ڊپلومہ پروگرام جي داخلائن لاءِ فارم جاري ڪيا ويا آهن ها...
23/11/2022

قابلِ غور.
هن اشتهار ۾ نظر ايندڙ ''ڪاليج آف ٽئڪنالاجي'' ۾ بيچلر ۽ ڊپلومہ پروگرام جي داخلائن لاءِ فارم جاري ڪيا ويا آهن
هاڻي اچو ڪُجھ زميني حقيقتن کان عوام کي آگاھ ڪيون جيئن انتظاميہ جي چالاڪين کان غريب شاگرد بچي سگهن

ڪاليج آف ٽئڪنالاجي 19 2018 ۾ قائم ڪيو ويو شروع ۾ ڪُجھ مهينا ڪلاسس بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ هلايا ويا بعد ۾ پيپلز نرسنگ اسڪول جي عمارت ۾ منتقل ڪيا ويا جتي گذريل 3 سالن کان 5 ڪمرن تي 8 ڊپارٽمنٽ جا ڪلاسس هلي رهيا آهن جيڪي ڪلاس روم گهٽ ۽ بورچي خانا وڌيڪ لڳن ٿا نہ ائير ڪنڊيشن آهن نہ ئي وري پروجيڪٽر هلن ٿا نہ ئي مياري ڪُرسيون آهن
انتظاميہ وٽ هنن پروگرامن کي هلائڻ لاءِ نہ ڪلاسس آهن ۽ نہ ئي وري ٽيچينگ فئڪلٽي آهي 800 روپيا تاريخ تي ٽيچر ايندا آهن جيڪي پنهنجي تاريخ ٺاهي هليا وڃن ٿا ۽ شاگردن جا هٿ مٿي تي هوندا آهن
2 بئچون ڪلاس وٺن ٿيون تہ 2 بئچون ٻاهر انتظار ڪنديون آهن
ڪو نظام ناهي سيمسٽر پيپر 7 کان 9 مهينن ۾ ٿيندا آهن ڪڏھن ڪڏھن يونيورسٽي جا پيپر پرائمري اسڪول وانگي ورتا وڃن ٿا مطلب روز پيپر ۽ بورڊ جي پيپر ۾ بہ ائين ناهي ٿيندو پر هتي ائين ٿيندو آهي ائگزم فارم اچي ويندا آهن پر ڪورس ختم ناهي ٿيندو ڪلاسس ختم ٿيندا ئي ناهن تہ پيپر شروع ٿي ويندا آهن
انتظاميہ صرف شاگرن کان پئسا وصول ڪرڻ ۾ مصروف هوندي آهي هڪ ئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڊپارٽمنٽ کان سالياني ائگزم في 1330 روپيا سيمسٽر ورتي ٿي وڃي تہ ڪاليج آف ٽئڪنالاجي جي شاگرن کان سيمسٽر في 3050 روپيا وصول ڪئي ويندي آهي مطلب سهولت کان آڱوٺو باقي فيس اسٽريڪچر سڀني کان وڌيڪ.
هنن سڀني مسئلن تي جڏھن اسان آواز اُٿاريو تہ اسان کي انتظاميہ حراسان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ھن پوسٽ کانپوءِ ممڪن وڌيڪ ذهني ٽارچر ڪري پر سچ کي لڪائڻ آئون ضمير جي سوديبازي ٿو سمجهان انڪري مونکي ڪنهن جو ڪو خوف ناهي
هڪ سال پهريان وي سي صاحب سان ڪاليج آف ٽئڪنالاجي جي مسئلن تي گڏجاڻي ٿي پر اُن جو بہ ڪو کڙ تيل نہ نڪتو
هي آهن اُهي حقيقتون جيڪي انتظاميہ ڳجهيون رکيون
آهن.
No building
No classes
No teacher faculty
No labs
High fees

04/09/2022
20/08/2022
Nobody:Me & My Friend in Exam Hall.😂
17/08/2022

Nobody:

Me & My Friend in Exam Hall.😂

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when College Of Technology Crushes and Confessions posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share