Osar Education System

Osar Education System اوسر تعليمي سرشتي جو شعبو اوسر پيڙهڪا امانتاڻي اندر ول Osar Foundation Trust

20/08/2026
تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" جي مهورتي تقريب(مڪمل رپورٽ)تعليمي نظام بابت تنقيدي ۽ فڪري مضمونن تي مشتمل امتياز احمد عرساڻي جي...
11/08/2026

تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" جي مهورتي تقريب
(مڪمل رپورٽ)
تعليمي نظام بابت تنقيدي ۽ فڪري مضمونن تي مشتمل امتياز احمد عرساڻي جي ڪتاب "تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" جي مهورتي تقريب ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي آڊيٽوريم، گل عرساڻي هاير سيڪنڊري اسڪول قاسم آباد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ تعليم سان لاڳاپيل عملدارن، استادن، پروفيسرن ۽ تعليمي ماهرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب شام 6 وڳي کان رات 9 وڳي تائين جاري رهي.
اوسر پيڙھڪا امانتاڻہ جي علمي، ادبي ۽ تعليمي سرگرمين جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هن تقريب جو مرڪزي مقصد رڳو ڪتاب جي مهورت نہ، پر تعليم بابت انهن بنيادي سوالن ۽ بحثن کي اڳيان آڻڻ هو، جيڪي سماج ۾ گهڻي وقت کان نظرانداز ٿيندا رهيا آهن. پروگرام جي مرڪزي خيال موجب، ڪتاب جي مهورتي تقريب تعليم بابت اٿاريل سوالن ڪي فڪري بحث جو حصو ٻڌائڻ ۽ تعليم جي جوڙجڪ بابت نئين سوچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم علمي ويهڪ هئي.
تقريب جي شروعات، محترم آفاق کوکر جي نظامت ھيٺ تعارفي ڪلمات سان ٿي. ان کان پوءِ اوسر پيڙھڪا جي جنرل سيڪريٽري محترمہ غزالہ عرساڻي مهمانن ۽ تعليم سان واڳيل سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو تہ تعليم بابت سنجيدہ فڪر، سوالن ۽ بحثن کي سماج ۾ اڳتي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن پنهنجي افتتاحي ڀليڪار ۾ تعليم کي صرف تدريسي سرگرمي تائين محدود رکڻ بدران سماجي رهنمائي، ذهني پختگي ۽ مستقبل جي تعمير جو بنيادي ذريعو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو تہ اهڙيون تعليمي سرگرميون جيڪڏهن فڪري تبديليءَ لاءِ زير بحث اچن تہ اهي سماجي سڌاري لاءِ اثرائتو وسيلو بڻجي سگهن ٿيون.
ان موقعي تي امتياز احمد عرساڻي پنهنجي ڪتاب جي پسمنظر ۽ بنيادي فڪر تي روشني وجهندي چيو تہ "تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" سندس ذاتي تجربي، مطالعي ۽ تحقيق جو نچوڙ آهي. هن واضح ڪيو تہ ڪتاب جو مقصد ڪنهن حتمي راءِ کي مڙهڻ نہ، پر تعليم بابت موجود روايتي سوچ، طريقن ۽ تصورن تي سوال اٿاري پڙهندڙ کي سوچڻ، اختلاف ڪرڻ، بحث ڪرڻ ۽ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪرڻ آهي. سندس خيال موجب ڪتاب جي معني اتي ختم نٿي ٿئي، جتي ڪتاب ختم ٿئي ٿو؛ ڪتاب جو اصل سفر اتي شروع ٿئي ٿو، جتي پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ نئون سوال ۽ نئين سوچ جنم وٺي ٿي. امتياز احمد عرساڻي پنهنجي خطاب ۾ تعليم کي تبديليءَ جو بنيادي ذريعو قرار ڏيندي چيو تہ جيڪڏهن سماج ۾ بنيادي تبديلي آڻڻي آهي تہ ان جو آغاز تعليم کان ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو تہ تحقيق جو بنيادي مقصد اڳواٽ طئي ٿيل نتيجي کي صحيح ثابت ڪرڻ نہ، پر حقيقت تائين پهچڻ هجڻ گهرجي. هن تحقيق جي ٻن مختلف طريقن جو ذڪر ڪندي زور ڏنو تہ نتيجو اڳواٽ مقرر ڪري پوءِ ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ مواد ڳولڻ بدران، سوال اٿاري، ڊيٽا گڏ ڪري، ان جو تجزيو ڪري ۽ پوءِ نتيجي تائين پهچڻ ئي تحقيق جو حقيقي روح آهي. هن تعليمي سرشتي، نصاب ۽ تدريسي عمل ۾ بہ اهڙي تحقيقي ۽ تنقيدي سوچ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
بعد ۾ "تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" ڪتاب جي باضابطہ مهورت ڪئي وئي. مهورتي تقريب ۾ محترم رسول بخش شاھہ، محترم ممتاز کھرو، ڊاڪٽر احسان عرساڻي، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، ڊاڪٽر الله ڏنو ابڙو، سائين زين العابدين لغاري، محترم بخشل ٽلهو، محترمہ زاهدہ ابڙو، محترمہ سردار خاتون، محترمہ عزرہ ميمڻ، محترمہ رباب چانڊيو، محترم نور احمد چانگ، ڊاڪٽر آريان، ڊاڪٽر سمبل، پروفيسر لقمان ميرجت، پروفيسر غلام محمد ميرجت، پروفيسر عمران ٻگھيو، محترم حسن شاھہ، محترم فدا سولنگي، محترم عامر ٻگھيو، پروفيسر عبدالقدير جکراڻي، پروفيسر عبدالحميد ابڙو، پروفيسر دين محمد ڪلهوڙو، محترم روشن سولنگي، محترم يوسف جويو، پروفيسر اعجاز جسڪاڻي، پروفيسر فاروق نظاماڻي، محترم شير گل ٻلال، محترم رحمت الله ٻلال، محترم عبدالغفار ڀلائي، محترم حسين بخش خميساڻي، محترم عبدالستار شيخ، ڊاڪٽر عبدالفهيم نوناري، پروفيسر خالد ميرجت، ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، محترم اعظم ڀٽي ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.
تقريب دوران شرڪت ڪندڙ تعليمدانن ۽ مهمانن کي ڪتاب جون اعزازي ڪاپيون پڻ پيش ڪيون ويون، جنهن جو مقصد ڪتاب ۾ پيش ڪيل تعليمي فڪر کي وڌيڪ وسيع علمي حلقن تائين پهچائڻ ۽ تعليم بابت سنجيدہ مطالعي ۽ بحث کي اڳتي وڌائڻ هو.
ڪتاب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، ڊاڪٽر احسان عرساڻي، محترمہ زاهدہ ابڙو، محترم بخشل ٿلھو، محترم اعظم ڀٽي، محترم زين لغاري، پروفيسر ممتاز کھرو ۽ محترم رسول بخش شاھہ چيو ته "تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" روايتي تعليمي سوچ بابت اهم سوال اٿاري ٿو ۽ شاگردن، استادن، تعليمي منتظمن ۽ نصاب سازن کي پنهنجي موجودہ سوچ ۽ طريقن تي ٻيهر غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. مقررن ڪتاب کي تعليم ۾ تبديليءَ جي ضرورت بابت هڪ اهم فڪري دستاويز قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي تہ ان ۾ موجود بحث مان پاليسي ساز ادارا ۽ حڪومتي حلقا پڻ رهنمائي حاصل ڪري سگهندا.
تقريب ۾ ڳالهائيندڙن ان ڳالھہ تي پڻ زور ڏنو تہ تعليم بابت بحث کي صرف اسڪول، ڪلاس روم يا امتحاني نظام تائين محدود نہ رکڻ گهرجي، پر ان کي سماج جي فڪري، سماجي ۽ مستقبل جي تعمير سان ڳنڍڻ ضروري آهي. پروگرام جي مرڪزي فڪر ۾ بہ ان ڳالھ کي نمايان ڪيو ويو تہ تعليم بابت غير معمولي ۽ روايتي سوچ کان مٿاھان سوال ئي سماج کي نئين فڪري واٽ ڏيکاري سگهن ٿا. آخر ۾ اوسر اشاعتاڻہ جي منتظمہ محترمہ سنڌيا عرساڻي سمورن مهمانن، تعليمدانن، استادن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي تقريب جي پڄاڻي ڪئي.
مجموعي طور تي "تعليمي سجاڳي ۽ فڪري واٽ" جي مهورتي تقريب هڪ روايتي ڪتابي مهورت کان اڳتي وڌي تعليم بابت سنجيدہ سوالن، تحقيق، تنقيدي سوچ ۽ سماجي تبديليءَ جي ضرورت تي ٻڌل علمي ۽ فڪري ويهڪ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ۾ تعليم جي موجودہ صورتحال کي نئين نظر سان ڏسڻ ۽ مستقبل جي تعليمي واٽ بابت سوچڻ تي زور ڏنو ويو.

26/07/2026

(Elon Musk)
> 2036ع ۾ پئسي جي ڪا اهميت نہ رهندي.
(Zanny Minton Beddoes)
> مون کي نٿو لڳي تہ جن ماڻهن توهان جا شيئرز خريد ڪيا آهن، اهي اهو سوچيندا تہ 2036ع ۾ پئسي جي ڪا اهميت نہ رهندي.
(Elon Musk)
> توهان کي پئسا ڇو کپندا لاءِ آھن؟ توهان کي سامان ۽ خدمتن لاءِ پئسا ملندا آھن، صحيح؟ توهان طعام، رهائش، آمدورفت ۽ تفريح لاءِ پئسا چاهيندا آھيو
> جيڪڏهن اهي شيون ايتريون وافر مقدار ۾ موجود هجن يعني روبوٽس ۽ اي آءِ (AI) هر انسان جي گهرج کان وڌيڪ سامان ۽ خدمتون فراهم ڪري رهيا هجن تہ ان صورت ۾ توهان کي پئسي جي ڪهڙي ضرورت پوندي؟

(Zanny Minton Beddoes)
> اچو تہ ان ڳالهہ تي متفق ٿيون تہ اها اها منزل ٿي سگهي ٿي جتي اسان پهچنداسين. مون کي ان رستي بابت پريشاني آهي. اسان جمهوريتن ۾ رهون ٿا ۽ ماڻهو ان بابت تمام پريشان آهن.
> تنهن ڪري منهنجا ٻہ سوال آهن: پهريون، ڇا توهان جهڙن ماڻهن کان انهن ماڻهن ڏانهن وڏي پئماني تي وسيلا منتقل ڪرڻا پوندا جن جو روزگار ختم ٿي رهيو آهي؟ ڇا توهان کي وڌيڪ ٽئڪس ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرمائي تي تمام وڏا ٽئڪس جيئن توهان هڪ قسم جي عالمگير آمدني (Universal Income) جا فنڊ فراهم ڪري سگهو؟ ٻي صورت ۾ ماڻهو ڪيئن گذارو ڪندا؟ (Elon Musk):
> منهنجي خيال ۾ خزاني کي صرف ماڻهن کي چيڪ جاري ڪرڻ گهرجن.
(Zanny Minton Beddoes)
> پر اها آمدني ڪٿان ايندي؟ مطلب، مان به هڪ معاشيات دان آهيان جيڪڏهن توهان صرف چيڪ جاري ڪندا تہ افراط زر (مستقبل ۾ مهانگائي) ٿيندي. (Elon Musk)
> اهي شيون ماضي ۾ اهم هيون، مستقبل ۾ اهم نہ هونديون. مهانگائي صرف سامان ۽ خدمتن جي موازني ۾ پئسي جو تناسب آهي.
> تنهن ڪري، جيڪڏهن سامان ۽ خدمتن جي پيداوار ۾ بي حد واڌارو ٿئي ٿو تہ پوءِ 1000 سيڪڙو توهان ڊيٽابيس ۾ پئسا پيدا ڪري سگهو ٿا. بشرطيڪہ پئسي جي پيداوار جي شرح سامان ۽ خدمتن جي وڌڻ واري شرح کان گھٽ هجي، تہ توهان وٽ مهانگائيءَ جي بجاءِ قيمتن ۾ گهٽتائي (Deflation) ٿيندي.
> تنهن ڪري مان هڪ اڳڪٿي ڪندس ته مهانگائي نہ، پر قيمتن جي گهٽتائي (Deflation) اصل مسئلو هوندي. چوي تہ، جيئن سامان ۽ خدمتن جي پيداوار پئسي جي رسد کان وڌيڪ تيزيءَ سان وڌندي، توهان وٽ قيمتن جي گهٽتائي ٿيندي.
(Zanny Minton Beddoes)
> مان ان ڳالهہ تي يقين ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان، توهان درست بہ ٿي سگهو ٿا. پر مان واقعي ان ڳالهہ تي اٽڪيل آهيان تہ اسان موجوده غصي ۽ خوفزده سياسي ماحول مان ان نئين دنيا تائين ڪيئن پهچنداسين.
> مان سمجهان ٿي تہ توهان اهڙي تصوير بہ ڏسي سگهو ٿا جتي ماڻهو ان کان ايترا خوفزده آهن تہ اهي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا. ٿي سگهي ٿو اهي نہ روڪي سگهن، پر توهان کي قومي تحويل ۾ ورتو ويندو، هڪ سخت ڏاهپ واري حڪومت ايندي، بي تھاشا ٽئڪس وڌايا ويندا ۽ اقتصاديات برباد ٿي ويندي ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مستقبل بابت پريشان آهن. جهڙي طرح توهان بيان ڪيو آهي، اهو ڪافي خوفناڪ لڳي ٿو. توهان هاڻي ان سياست کي ڪيئن سنڀاليندا؟
(Elon Musk)
> اهو پرجوش بہ آهي ۽ خوفناڪ بہ. سچ پڇو تہ جيڪڏهن توهان مون کان ڪنهن بہ ڏينهن يا هڪ ئي ڏينهن اندر پڇو، تہ مان AI جي باري ۾ جوش کان وٺي خوف تائين هليو ويو آهيان.

Address

Gul URSANI HIGHER SECONDARY School, Honda Palace Jamshoro Road
Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Osar Education System posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Osar Education System:

Shortcuts

Share