University Of Palijo

University Of Palijo Rasool Bux Palijo a great thinker, Politician, writer and lawyer.

‘رسول بخش پلیجو کے نام’گھنِ سیام سے لڑنے والا عالمِ نظِیر تھا وہ شخص۔طوفان کے سُمُور بھی فراضِ حصِیر تھا وہ شخص۔ہے  قوم ...
20/01/2020

‘رسول بخش پلیجو کے نام’

گھنِ سیام سے لڑنے والا عالمِ نظِیر تھا وہ شخص۔
طوفان کے سُمُور بھی فراضِ حصِیر تھا وہ شخص۔

ہے قوم کو یہ منقبت اُس کے جمال و کردار سے
ہر دلِ کبیدہ کی دھڑکن میں مانُوسِ اجِیر تھا وہ شخص۔

نا روک سکا اُسے، کسی ظلم و زنجیر کا نرفہ کبھی
بیدار جہاں کی بستی میں روحءتغِیر تھا وہ شخص۔

حب وطن سے تھی آشنا ، اُس کے لہُو کی آگ
وطن مانوف کی اُنس میں جانِ اثِیر تھا وہ شخص۔

اُس کے الفاظ میں تھیں لرزشیں جاوداں تحریر کی
سیاہ بخت زمانے کی ، روشن تقدِیر تھا وہ شخص۔

زندہ دلی کا حوصلا تھا سانسِ قانت میں بھرا ہُوا
اندھیری ہر شام میں چلمن کا تنوِیر تھا وہ شخص۔

قامُوسِ تعلیم رہا ، اُس کی حیات کا ہر صفح
دلِ شجاع قوم کا استوارء ضمِیر تھا وہ شخص۔

لڑتے لڑتے جھُلس نا پایا اُس کے ارادوں کا تاب
تھا حسرتوں کا بُلبُلا، چاہتِ پذِیر تھا وہ شخص۔

کیسے ہوگا سطوت کی، بدحالی کا اب سامنا
آتش کدہ کی محفلوں میں ماہ مُنِیر تھا وہ شخص۔

سو گئی ہے نِیند بھی اُسے جہاں سے جاتا دیکھ کر
غیرت و نفس کے خُواب کی تعبِیر تھا وہ شخص۔

‘مسافر’
Poet: Umesh Dharmani (Musafar)

هُو نه ڪنهن جاگيردارَ جو پُٽُ هو، جنهن کي وڏڙن جي لاڳاپن سبب سياست ۾ اسپيس مليو هجي ۽ نه ئي هُو ڪنهن مشهور ۽ معروف گاديء...
20/01/2020

هُو نه ڪنهن جاگيردارَ جو پُٽُ هو، جنهن کي وڏڙن جي لاڳاپن سبب سياست ۾ اسپيس مليو هجي ۽ نه ئي هُو ڪنهن مشهور ۽ معروف گاديءَ جو اڪيلو وارثُ ۽ ذات جو سيدُ هو جنهن مٿان پير پرست ۽ سيد پرست سنڌُ قُربان قُربان ٿيندي هجي. هُو پليجو هو ۽ منگر پليجي ۾ رهندڙ هڪ غير معروف تپيدارَ جو پُٽُ هو. هُو سماجي ۽ معاشي طور تي ڪجهه ڪونه هو، پر ذهني علمي ۽ فڪري طور تي هن جهڙو ڪو ڪونه هو. سندس کيسا خالي هئا، پر سندس دماغُ ڀريل هو، علم سان، ذهانت سان، ڏاهپَ، فهم ۽ فراست سان. اهم ڳالهه ته انتهائي اَملههُ ۽ بيش بها خوابن سان؛ پنهنجي ديسَ واسين سميت پوري عالَمَ جي محڪومُ، مجبورُ ۽ مظلومُ عوامَ جي ڦٽل نصيبن کي سنوارڻ جا خوابَ. ڏُکَن، تڪليفن ۽ اهنجاين سان ڀريل هن جهانَ کي بدلائي ڪو سُکن ڀريو سَنسار قائم ڪرڻَ جا خوابَ. پنهنجي عوامَ جي اُجڙيل سِينڌَ سنوارڻَ جا خوابَ. پنهنجي وطنَ جي انچَ انچَ اندر سُونهنَ ۽ سينگارُ پيدا ڪرڻ جا خوابَ.
هُو ان خوابَ کي ساڀيان بڻائڻ لاءِ پنهنجي عمر جو ڳَچُ حصو سياسي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ فڪري محاذن تي هڪ ئي وقت بي مثل جدوجهد ڪندو رهيو. پاڻَ کان اڳ سياست، علم ۽ ادبَ جي ميدانَ ۾ موجود وڏن وڏن ديوتائن سان تن تَنها اَٽڪندو، مٿن تنقيدون ڪندو، ساڻن اختلافَ رکندو، پنهنجي الڳ واٽَ وٺندو ۽ ٻين کي اها واٽَ وٺائيندو، سنڌَ جي جديد تاريخَ اندر پنهنجو منفرد ۽ ممتاز مقامُ ٺاهيندو ويو.
اڄ سنڌ جي هن سياسي ۽ فڪري استادَ، محترم سائين رسول بخش پليجي صاحبَ، جو جنم ڏينهن آهي. سندس جنم ڏڻ تي سموري سنڌ کي واڌايون.
((جاويد لاڙڪ))

تاريخ جي هن ڏاڪي تائين ماڻهن جي وڏي اڪثريت جي دنيا ڏکن جي دنيا آهي، ان ڪري دنيا ۾ سڀ کان وڏو انساني رشتو سک جو نه، ڏک جو...
20/01/2020

تاريخ جي هن ڏاڪي تائين ماڻهن جي وڏي اڪثريت جي دنيا ڏکن جي دنيا آهي، ان ڪري دنيا ۾ سڀ کان وڏو انساني رشتو سک جو نه، ڏک جو آهي. اڄ تائين ڏک ئي انساني سماجي زندگي بابت ڄاڻ ۽ سمجهه جو وڏي ۾ وڏو وسيلو بڻيو آهي. جنهن سڌي يا اڻ سڌي طرح ڏک نه ڏٺو آهي، تنهن کي ڏکويل ماڻهن جي هن دنيا جي ڪهڙي خبر..!!! روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ انقلابيت معنيٰ ماڻهن جي اڪثيريت لاءِ ڏکن جي دنيا بدلائي سکن جي دنيا بنائڻ، جن ڏکن جي دنيا جو عذاب ئي برداشت نه ڪيو هوندو، سو ان کي بدلائڻ جي ڪهڙي ضرورت محسوس ڪري سگهندو.

((رســول بـخــش پـلـيـــجو))




17/01/2020
10/07/2019

جئين عاشق حساب ڪتاب ڪونه ڪندا آھن , تئين انقلابي ڪارڪن به حساب نه ڪندا آھن . تنهن ڪري واپار , ڪاروبار , فائدي , نفعي , حساب ڪتاب جو ڌنڌو ڪري پوء انقلابي ڪارڪن ٿيو , اها مناسب ڳالھ نه آھي . انقلابي ڪارڪن جو پنهنجي پارٽي , پنهنجي عوام سان ڪو حساب ڪتاب ائين فضول آھي , جئين عاشق پنهنجي محبوب سان حساب ڪري ته هيترو مون توتي خرچ ڪري ڇڏيو , اهو ڀري ڏي . خرچ ڀرائي ڪونه وٺبو آھي . عشق جي ڪا به حد مقرر نه آھي .

((عظيم قائد رسول بخش پليجو))

14/06/2018

لوگ اسے سندھ کا منی مائو کہتے۔ دانشور سیاستدان۔ انتہائی پڑھا لکھا۔ زیرک۔ یگانہ روزگار۔ ہر فن مولا ادیب،...

10/06/2018

____انڌا_اونڌا_ويڄ___


ڪجهہ ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽولي موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ڪو سامهون ٿو اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن.
وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياَ، ڪاني ڪرامت جا ڌڻي، ٿئي ٿيندي جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، “اسلام! اسلام!” “مذهب! مذهب!” “اخلاق! اخلاق!” جا نعرا، “بچايو! بچايو!”، “جهليو! پڪڙيو!” جا واڪا ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سڪي ويا آهن. ڪير آهي جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُڦٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف “الامان” ۽ “نفسي! نفسي!” جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقمن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جلسا لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعري جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراري مان هڪدم اٿندي وڃي افلاطون ۽ سقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هي مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پيدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندس انهيَء هاِء گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

(ڪتاب: انڌا اونڌا ويڄ)

((رسول بخش پليجو))

انڌا اونڌا ويڄاٽڪل 400 ورهيه ٿيا ته اٽليءَ جي هڪڙي شهر ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. هن کي نين نين شين جي کوجنا جو ڏاڍو شوق هو...
10/06/2018

انڌا اونڌا ويڄ

اٽڪل 400 ورهيه ٿيا ته اٽليءَ جي هڪڙي شهر ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. هن کي نين نين شين جي کوجنا جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن هڪڙو اوزار ٺاهيو، جنهن سان هو پري پري ڏسي سگهندو هو. هو رات جو اهو اوزار اکين تي رکي، چنڊ ۽ تارن کي جاچيندو هو ، ۽ انهن بابت عجيب ۽ نيون ڳالهيون سوچيندو هو. ڏينهن جو جڏهن سندس ٽهيءَ جا نوجوان ڌنڌا ڌاڙيون ڪري گذر سفر ڪندا هئا، کيل تماشا ڏسندا هئا ۽ عشق ۽ محبتون ڪندا هئا، تڏهن هيءُ زمين تي ڪاٺيون کوڙي، انهن جا پاڇا ويهي ماپيندو هو. پوءِ پنن تي عجيب آڏيون اُبتيون شڪليون ڪڍندو هو ۽ پينسل وات ۾ وجهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويندو هو. ماڻهو هن جي حالت ڏسي، عجب ۽ افسوس ڪندا هئا. هڪ ڏينهن هن وٺي خوشيءَ جي رڙ ڪئي. ماڻهو ڇرڪي ويا ۽ پڇيائونس ته ڇا ٿيو؟ چيائين ته “مون حساب ڪري ڏٺو آهي ته هيءَ ڌرتي گول آهي، چؤڪنڊي ناهي!” ماڻهن چيو ته اسان سمجهيو ته تو ڪو خزانو ڳولي لڌو آهي! آخر ڳالهه وڃي پادرين جي ڪنن پئي، تن کيس گهرايو.
“اسان ٻُڌو آهي ته تون مذهب کان ڦري ويو آهين ۽ چوين ٿو ڌرتي گول آهي؟”
هن چيو ته، “مون برابر حساب لڳائي ڏٺو آهي ته ڌرتي گول آهي.” چيائونس، “ڪل ته ڪانه ٿڙي اٿئي؟” ڌرتي گول هجي ها ته پاڪ انجيل ۾ ڪونه لکيو پيو هجي ها! ڏيکار ڪٿي لکيل آهي ته ڌرتي گول آهي؟” هن چيو ته انجيل ۾ برابر لکيل ڪونهي، باقي مون سڄي زندگي خاطريءَ جهڙي جاچ ڪئي آهي، تجربا ڪيا اٿم ۽ بلڪل ٺيڪ ٺيڪ حساب لڳايو اٿم ته ڌرتي گول آهي.” چيائونس ته “توکي ڪير ٿو پڇي؟ ڀلا ٻُڌاءِ ته تون سچو يا خدا جو ڪلام، انجيل سچو؟” هن چيو ته “انجيل سچو، پر ڌرتي گول آهي!” بس، پوءِ ته هڪ زبردست مذهبي عدالت قائم ٿي وئي، جنهن ۾ وڏا وڏا مقدس پيشوا، فقه جا صاحب، علم جا بحر، الاهي اسرارن جا يگانا ڄاڻو ۽ دانائيءَ جا اٿاهه سمنڊ اچي گڏ ٿيا. هو پاڻ سان ديني ۽ دنيائي علمن جي ڪتابن جا اُٺ ڀرائي کڻي آيا. هنن نيڪ انسانن ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن ڪتابن جو اکر اکر ڪري جاچي ڏٺو، پر ڪنهن به پاڪ ڪتاب ۾ لکيل ڪونه هو ته ڌرتي گول آهي. هنن پنهنجا مقدس ڪنڌ لوڏيا، معاملو صاف هو، ڌرتي هرگز گول نٿي ٿي سگهي. ڪتابن ۾ اهڙي ڳالهه ئي ڪانهي! هن نوجوان زبردست ڪفر جو ڪم ڪيو آهي! پوءِ کيس حڪم مليو ته، “هي ڪپڙا لاهي، ڳوڻ جا ڪپڙا پاءِ! پير ۽ مٿو اُگهاڙو ڪري 3 مهينا عبادتخاني ۾ پنهنجي گناهه لاءِ پڇتاءِ ۽ توبهه زاري ڪر، ۽ چوندو رهه ته ڌرتي گول ناهي، مون ڪفر بڪيو آهي، پوءِ تنهنجو ڏوهه معاف ڪرائڻ لاءِ مفتي اعظم کي عرض ڪيو ويندو!” هن بيواهه شخص ڳوڻ جا ڪپڙا پاتا ۽ وڏيءَ درگاهه جي دروازي تي ڪِري، چوندو رهيو ته “توبهه ٿو ڪريان، پاڪ انجيل سچو، آءٌ ڪوڙو، ڌرتي گول ڪانهي.” آخر 3 مهينا پورا ٿيا، هو واپس موٽيو. پڇيائونس ته “ڪيئن هاڻ ٺيڪ ٿيو آهين؟ وري متان اهڙو ڪم ڪرين!” تڏهن ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيائين ته “مون توبهه ڪئي، آءٌ ڪوڙو ۽ انجيل سچو... پر ڀانيان ٿو ته ڌرتي پڪ گول آهي!” آخر هن چرياڻ مان جند ڇُٽڻ جو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، مقدس پادرين فتويٰ ڏني ته هن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو وڃي. هن کي پوءِ جيئري باهه جي آڙاهه ۾ اُڇليو ويو، ۽ هو ان ۾ سڙي شهيد ٿي ويو. ان ماڻهوءَ جو نالو گئارنڊونو برونو هو، جنهن کي دنيا اڄ انسانذات جو عظيم محسن ڪري ليکي ٿي. اڄ اسڪول جي شاگردن کي به خبر آهي ته ڌرتي گول آهي، سڄيءَ دنيا جو ڪاروبار انهيءَ ڄاڻ تي هلي ٿو. اڄ برونو جا ڳولي ڪڍيل اُصول سائنس لاءِ قانون جي حيثيت رکن ٿا، پر ان وقت ڪتابن ۾ جو لکيل ڪونه هو، سو ڀلا ان زماني جا ماڻهو ڪيئن مڃين ته ائين ڪو ٿي سگهي ٿو!

((رسول بخش پليجو))

 #ماضيءَ_جو_ادبعوام دشمنن هميشه پنهنجي دؤر جي هر سچائيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي ڇتي مخالفت پئي ڪئي آهي. اها مخالفت “اڄ” جي ڪو...
09/06/2018

#ماضيءَ_جو_ادب
عوام دشمنن هميشه پنهنجي دؤر جي هر سچائيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي ڇتي مخالفت پئي ڪئي آهي. اها مخالفت “اڄ” جي ڪوڙ، ناحق ۽ رجعت پرستيءَ جي وسيلي به ڪئي اٿن ۽ “ڪالهه” جي مُدي خارج سچائي ۽ سابق ترقي پسنديءَ سان به ڪندا رهيا آهن.
هُو هميشه ڪالهوڪي سچ، ڪالهوڪي حق ۽ ڪالهوڪي ترقي پسنديءَ تي زور ڏيندا ۽ ان کي اڄوڪي سچ، اڄوڪي حق ۽ اڄوڪي ترقي پسنديءَ ۽ انقلاب کي دٻائڻ لاءِ کڙو ڪندا رهيا آهن. بلڪل ايئن جيئن ڪالهوڪي ڏاڍي مڙس کان پوليس پڳيءَ، پيراڍي ۽ لال جو ڪم وٺندي آهي.
جڏهن ڪالهه “اڄ” هو ۽ جڏهن ڪالهوڪي ترقي پسندي، ان وقت جي “اڄ” جي ترقي پسندي هئي، تڏهن اهي ساڳيون سماجي قوتون، جيڪي اڄ انهن جي ساراهه مان نٿيون ڍاپن، سي ڪات ڪهاڙا کڻي، سندن پويان پيل هيون.
اڄ عوام دشمن چون ٿا، “ڇا جو عوامي ادب، ڇا جو عوامي دشمن ادب؟ ڪهڙو پورهيتن جو ادب، ڪهڙو سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جو ادب؟ ادب، ادب آهي. دنيا جو عظيم ادب ڏسو! هر قسم جي ماڻهن ان کي لکيو آهي. غريب کان غريب ۽ شاهوڪار کان شاهوڪار اديبن ان کي لکيو آهي، پر مجال آهي جو ان ڪري ڪو تِر جو به فرق پوي؟ عظيم ادب عظيم آهي، چاهي ان کي غريب لکيو هجي يا شاهوڪار. ادب ۾ اهو غريب شاهوڪار، سرمايه دار پورهيت جو ڏڦيڙ وجهڻ جهالت ۽ بيهودگي آهي.”
عوام جو دشمن هڪڙو ٽولو نه، گهڻا ٽولا آهن. جيڪڏهن سُرت نه ڪبي ته ماڻهو هڪڙي دشمن جي ڳالهين کي مُنهن ڏيڻ ۾ اهڙو محول ٿي ويندو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويهندو، جو هڪڙي دشمن کان پاڻ بچائيندي ٻين دشمنن جو آسان شڪار ٿي پوندو. هڪڙي ٽولي جي وڇايل ڪوڙڪيءَ کان پاڻ بچائيندي، ازخود ٻين ٽولن جي وڇايل ڪوڙڪين ۾ ڦاسي پوندو!
جاگيردار رجعت پرست ادبي ٽولو سدائين فرمائيندو رهندو آهي ته فقط “پنهنجو” يعني جاگيردار رجعت پرست “ادب” پڙهو! “پرائو” يعني ترقي پسند سرمايه دار ادب يا پورهيت ادب نه پڙهو. اُهو آمريڪا، يورپ، روس ۽ چين وارن ڪافرن جو ادب آهي. ان سان پنهنجو ڪهڙو واسطو؟ ان جي جواب ۾ ترقي پسند چوندا آهن ته، “ادب نه ‘پنهنجو’ ٿيندو آهي نه ‘پرائو’. ادب سڄيءَ دنيا جي انسانن جي، سموري انسانيت جي گڏيل ميراث آهي.”
جاگيردار رجعت پرستن جي اُٿاريل دليلن جي جواب جي حد تائين اهو جواب صحيح آهي، پر مڪمل طرح ۽ غيرمشروط طرح صحيح ڪونهي. مثلاً ماضيءَ جي ادب ۽ فن کي وٺو.

Address

Sindh
Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when University Of Palijo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to University Of Palijo:

Share