09/05/2026
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري اعلان ڪيو آهي تہ جن شاگردن اڃا تائين پنهنجي سيمسٽر فيس جمع نه ڪرائي آهي، انهن کي بہ امتحانن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو تہ فيس جمع ڪرائڻ شاگردن جي ذميواري ضرور آهي، پر رڳو فيس جي ڪري ڪنهن به شاگرد کي تعليم ۽ امتحان جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر فتح مري جو چوڻ هو تہ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي تعليمي مستقبل کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو آهي، جيئن ڪو به شاگرد پنهنجي پڙهائيءَ کان پري نه رهي. هن وڌيڪ چيو تہ شاگردن کي جلد کان جلد فيس جمع ڪرائڻ گهرجي، پر امتحانن ۾ شرڪت کان روڪڻ مناسب عمل ناهي.
شاگردن ۽ والدين طرفان وائيس چانسلر جي ان فيصلي کي ساراهيو پيو وڃي، جڏهن تہ ڪيترن ئي شاگردن ان قدم کي تعليمي دوست فيصلو قرار ڏنو آهي.