Government College University Hyderabad “Official"

Directions Website Contact the university

Government College University Hyderabad “Official" An Emerging Brand of Higher Education in Sindh. Serving Education since 1917. Official Page.

Government College University Hyderabad “Official" is pleased to announce a two-day short training on “Climate Change & ...
30/09/2026

Government College University Hyderabad “Official" is pleased to announce a two-day short training on “Climate Change & Artificial Intelligence: Data-Driven Solutions” scheduled for 14–15 October 2026.

Interested participants are kindly requested to click on the registration form and complete their registration.

Link is in comment section.

Registration Fee: Rs. 2,000/-

We look forward to your participation!

25/09/2026
25/09/2026

📢 Self-Finance Admissions – Undergraduate 2027

Candidates interested in Self-Finance Admissions are informed that they may submit the Application Form along with a Demand Draft of the prescribed fee at the Admissions Office, Government College University Hyderabad.

💳 Demand Draft in favour of:
“GOVERNMENT COLLEGE UNIVERSITY HYDERABAD ADMISSION FEES (UG)”

📄 Application Now!

📌 Admissions will be made strictly on merit, subject to the prescribed eligibility criteria and admission policy.

Admissions Open 2027Students are directed to apply for the admissions of 2027, if there is any problem or guidance you n...
18/09/2026

Admissions Open 2027

Students are directed to apply for the admissions of 2027, if there is any problem or guidance you need you may message as on our official Facebook messenger.

Apply Now!!
17/09/2026

Apply Now!!

شاهه لطيف جي شاعري ۾ طبقاتي شعور ۽ جديد فڪري ابلاغ تي جي سي يونيورسٽي ۾ شاندار ڪانفرنس منعقد گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حي...
10/09/2026

شاهه لطيف جي شاعري ۾ طبقاتي شعور ۽ جديد فڪري ابلاغ تي جي سي يونيورسٽي ۾ شاندار ڪانفرنس منعقد

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ طبقاتي شعور ۽ جديد فڪري ابلاغ“ جي عنوان سان سنڌي شعبي پاران شاهه لطيف ڀٽائي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان ڪيو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪانفرنس جي صدارت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ علمي ادبي ادارن سان لاڳاپيل عالمن، اديبن، محققن، يونيورسٽي جي ڊينز، ڊائريڪٽرز، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

يونيورسٽي جي تاريخي اسيمبلي هال ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ اديب ۽ دانشور تاج جويو، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڊاڪٽر سيد امير علي شاهه، ڊاڪٽر شازيه پتافي، سنڌيالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر ڦُلو سندل مينگهواڙ، فيڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر مخدوم محمد روشن صديقي، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر احسان دانش، يونيورسٽي جي المنائي جي صدر ڊاڪٽر اشفاق قريشي ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي انساني جدوجهد جو وسيع فڪري پسمنظر پيش ڪري ٿو ۽ سندس شاعري ۾ انھن طبقن ۽ ڪردارن جي آواز نمايان نظر اچي ٿي، جيڪي طاقت کان پرڀرو رهيا آهن. سسئي، مارئي ۽ ٻين ڪردارن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته شاهه لطيف انھن ماڻھن کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻايو، جن پنهنجي سڃاڻپ، عزت ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هن چيو ته شاهه لطيف وٽ سسئي صرف محبت ۽ وڇوڙي جي داستان ناهي، پر اها جدوجھد، عزم ۽ منزل حاصل ڪرڻ جي علامت پڻ آهي. مارئي پنهنجي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ عزت سان وفاداري جو اهڃاڻ آهي. شاهه لطيف جو مطالعو صرف ادب تائين محدود نه هجڻ گھرجي، پر کيس سماجيات ۽ سياست جي پسمنظر ۾ پڻ پڙهڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان چيو ته جديد تحقيق جي روشني ۾ شاهه لطيف جي فڪر کي سمجھڻ ضروري آهي ۽ شاگردن کي گھرجي ته ڀٽائي کي تنقيدي شعور سان پڙهن ۽ اهو ڏسن ته شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙين آوازن کي اهميت ڏني. هن چيو ته شاهه لطيف هر دور جو شاعر آهي ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن سماج عدم مساوات سميت مختلف مسئلن کي منھن ڏئي رهيو آهي، تڏهن سندس پيغام جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيورسٽي ۾ اهڙي ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي ۽ هي ڪانفرنس هڪ مسلسل علمي ۽ فڪري مڪالمي جي شروعات ثابت ٿيندي.

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته جي سي يونيورسٽي حيدرآباد کي اهڙي اهم علمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا. هن چيو ته تاريخي حيثيت رکندڙ هن اداري ۾ شاهه لطيف جي فڪر تي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالھ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان جو ذاتي طور تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته شاهه لطيف ڪلاسڪ شاعر هجڻ سان گڏ جديد دور جو به شاعر آهي. سندس شاعري ڪنهن هڪ طبقي يا دور تائين محدود ناهي، جڏهن ته اڄ جي ”جنريشن زي“ لاءِ پڻ شاهه لطيف جي پيغام کي سمجھڻ بنھ ضروري آهي. هن چيو ته شاهه لطيف جو پيغام اڄ به اوترو ئي لاڳاپيل آهي، جيترو پنهنجي دور ۾ هو. پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران نومبر ۾ ڀٽائي تي عالمي ڪانفرنس پڻ منعقد ڪرائي ويندي، جنهن ۾ شاهه لطيف ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت علمي تحقيق کي اڳتي وڌايو ويندو.

نالي واري اديب، محقق تاج جويو چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۾ فڪري جاڳرتا جو علمبردار آهي ۽ سندس فڪر اڄ به سماج لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي. هن چيو ته شاهه لطيف جي فڪر ۾ هر دور لاءِ نئون پيغام موجود آهي. هن چيو ته شاهه لطيف پورهيت طبقي جو شاعر هو، جنهن لوهر جي حمايت ڪئي، سُٽ ڪٽيندڙن ۽ ڪورين، موچين، پورهيتن کي ساراهيو ۽ هارين جو ذڪر ڪندي انھن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو. ڀٽائي پنهنجي دور جي حڪمرانن ۽ جاگيردارن جي روين جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته شاهه لطيف حڪمرانن جو شاعر نه، پر پورهيت ۽ عام ماڻھن جو شاعر هو. ھو بادشاھ کي مھاڻو بڻائي ٿو ته ڪٿي جت، هن بادشاهه کي به پنهنجي فڪر ۾ عام ماڻهن جي برابر آڻي بيھاريو ۽ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ جو پيغام ڏنو.

سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شازيه پتافي چيو ته شاهه لطيف پاڻ کي سماج آڏو جوابده سمجھي شاعري ڪئي ۽ سماج جي هر طبقي جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ڀٽائي جي شاعري ۾ سماج جي مختلف طبقن، انهن جي مسئلن ۽ احساسن جي عڪاسي ملي ٿي.

ڊاڪٽر ڦُلو سندل مينگهواڙ چيو ته شاهه لطيف هر طبقي جي ڳالھ ڪئي ۽ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ جو سبق ڏنو. هن چيو ته ڀٽائي طاقتور کي ڪمزور سان گڏ ويھڻ جو سبق ڏئي ٿو ۽ ڪمزور کي طاقتور سان گڏ بيھڻ جو حوصلو ڏئي ٿو. طبقاتي فرق ختم ڪرڻ لاءِ ڀٽائي جو فڪر انتهائي اهم آهي. هن چيو ته شاهه لطيف مظلوم طبقي کي بادشاهي ڪردارن سان گڏ بيھاريو آهي، پر بدقسمتي سان اڄ اسان وٽ مظلوم طبقي کي هيٺيون طبقو چيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ غلط سوچ آهي. اهڙي سوچ سبب اهو طبقو پاڻ کي محروم سمجھڻ لڳي ٿو.

ڊاڪٽر فياض چيو ته شاهه لطيف مسند پرست شاعر نه هو، سندس شاعري ۾ محبوب جو تصور به منفرد آهي ۽ سندس ڪردار به روايتي ڪردارن کان مختلف آهن. هن چيو ته لطيف جا ڪردار پڙهندڙن کي جدوجهد، عزم ۽ حوصلي جو درس ڏين ٿا ۽ شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ هر قسم جي سماجي حيثيت کي ٽوڙي انسان کي انسان جي حيثيت سان ڏٺو، لطيف اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙيو آھي.

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين شاعر ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو ته شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ طبقاتي شعور کي واضح انداز ۾ سمجھايو آهي. هن چيو ته ڀٽائي جي شاعري ۾ اهڙا بيت موجود آهن، جن ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي سماج جو تصور ملي ٿو، جتي انسانن وچ ۾ طبقاتي بنيادن تي فرق نه هجي، ھن نوري ڄام تماچي جو مثال ڏنو. اڳي ائين ھياس جو پنھون ڌوتئ ٿي ڪپڙا، ائين ٿياس جو جت به نه نيئم پاڻ سين، ڀٽائي ڪلاس ليس سوسائٽي جو خيال ڏنو.

ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته ڀٽائي بنيادي طور هيٺين طبقي جو شاعر آهي ۽ سندس سورما ۽ سورميون پڻ عام ماڻھن مان آهن. هن چيو ته ”جيھا جي تيھا مون مارو مڃيا“ جهڙن بيتن ذريعي ڀٽائي عام ماڻهن کي پنهنجي شاعري جو مرڪز بڻايو. هن چيو ته ڀٽائي مظلومن جي پاسي بيٺل شاعر آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ به ڀٽائي جي چيچ وٺي اڳتي وڌڻ ۽ منزل تائين پھچڻ جي ضرورت آهي. شاهه لطيف جو اهو فڪر اهم آهي ته ذات نه پر عمل انسان کي بلند ڪري ٿو. هن چيو ته ڀٽائي وٽ عظمت ان شخص لاءِ آهي، جيڪو پنهنجي ڪم ۽ ڪمٽمينٽ سان اڳتي وڌي ٿو. ڀٽائي حاڪم ۽ ظالم کي به رد ڪيو آهي. ڄام تماچي جهڙي حڪمران کي به تخت کان لاهي ناري ۽ عام طبقي سان جوڙڻ ڀٽائي جي فڪري عظمت جو ثبوت آهي.
ڪانفرنس ۾ مھمانن کي سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته مھمانن کي سووينيئر پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪتاب شاھ لطيف جي عالمگير شاعري جي مھورت پڻ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شاگرد بيبي حليمه ڀٽائي جا بيت پيش ڪيا. ڪانفرنس ۾ نذير احمد سيال پاران مقالو پڻ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ علمي ادبي ادارن سان تعلق رکندڙ ٻين اسڪالرن شاهه لطيف جي شاعري، طبقاتي شعور، جديد فڪر ۽ موجوده دور ۾ ڀٽائي جي پيغام جي اهميت بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. مقررن چيو ته شاهه لطيف جي شاعري سنڌ جي فڪري، سماجي ۽ ثقافتي شعور جو اهم حصو آهي ۽ سندس ڪلام ۾ مظلوم، پورهيت، عورت، هاري ۽ عام انسان جي زندگي، جدوجهد ۽ حقن جي ترجماني ملي ٿي. هنن چيو ته جديد دور جي مسئلن کي سمجھڻ لاءِ شاهه لطيف جي فڪر کي نئين علمي ۽ تنقيدي نظر سان پڙهڻ جي ضرورت آهي.

ڪانفرنس جي ميزباني جا فرض ليڪچرارن پرويز ٻگھيو ۽ ڪائنات چانڊيو سرانجام ڏنا. ٻنهي ميزبانن سھڻي انداز سان ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ مھمانن، مقررن ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو.

ڪانفرنس جي آخر ۾ ڊين فيڪلٽي آف آرٽ اينڊ هيومنٽيز پروفيسر ڊاڪٽر مخدوم محمد روشن آيل مھمانن، عالمن ۽ اسڪالرن جي شرڪت تي سندن ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظھار ڪيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ سنڌي ادب بابت اهڙيون علمي سرگرميون مستقبل ۾ پڻ جاري رکيون وينديون.

Government College University Hyderabad “Official"
fans

Admissions Open | Undergraduate and Postgraduate Programs 2027
06/09/2026

Admissions Open | Undergraduate and Postgraduate Programs 2027

GCUH Admission Portal

Government College University Hyderabad “Official"  pays tribute to the courage, sacrifices and unwavering commitment of...
05/09/2026

Government College University Hyderabad “Official" pays tribute to the courage, sacrifices and unwavering commitment of Pakistan’s Armed Forces and remembers with profound respect the martyrs who laid down their lives in defence of the motherland.

On this Defence Day, we reaffirm our commitment to unity, resilience and service to Pakistan.

Pakistan Zindabad! 🇵🇰

Address

Government College University
Hyderabad
71000

Opening Hours

Monday 08:00 - 18:00
Tuesday 08:00 - 18:00
Wednesday 08:00 - 18:00
Thursday 08:00 - 18:00
Friday 08:00 - 18:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government College University Hyderabad “Official" posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Government College University Hyderabad “Official":

Shortcuts

Share