12/12/2025
ھڪ پروفيسر سماج جي لاءِ ڏيئي جو ڪردار ادا ڪندو آهي، پر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پروفيسرن جي اڪثريت سماج بجاءِ پنهنجو گهر ڀرڻ ۾ مشغول آهي. ان صورتحال جو هڪ مثال سنڌ يونيورسٽيءَ جا اهي پروفيسر صاحبان آهن ، جن کي گذريل ٻن سالن کان عدالت مسلسل ڪلاسن ۾ وڃڻ جي هدايت پئي ڪئي. پر مجال آهي جو هڪ پروفيسر به عدالتي فيصلن تي عمل ڪيو هجي. نيٺ اڄ عدالت جي صبر جو امتحان ختم ٿي ويو ۽ ان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظامي ڪرسين تي ويٺل 34 پروفيسرن کي زوريءَ ڪلاس رومن ۾ موڪلي ڇڏيو.