17/05/2025
نئين مقرر ٿيل ماروي گرلز هاسٽل جي پرووسٽ ڪير آهي؟
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد کنڀاٽي طرفان ڊاڪٽر فرحت ميمڻ کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماروي گرلز هاسٽل جو پرووسٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن چارج پڻ سنڀالي ورتي آهي، ڊاڪٽر فرحت ميمڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ڪمپيوٽر سائنس جي پروفيسر آھي، پاڻ ڪجهه وقت اڳ پڻ پرووسٽ رهي چڪي آهي، ڪجهه وقت اڳ ڊاڪٽر فرحت پاڪستان ڇڏي سعودي عرب هلي وئي هئي، جتي پن کيس هڪ يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿي هئي، 2024ع ۾ واپس اچي هن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪئي، اسان جي ويجهن ۽ با اعتماد ذريعن دعوي ڪئي آهي ته ڊاڪٽر ميمڻ شاندار ڪردار جي مالڪ هجڻ سان گڏ باهمت استاد آهي، جڏهن ته ڪمپيوٽر سائنس جي ڪجهه شاگردن سان ڳالھ ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر ميمڻ ڪلاس ۾ پڻ هوشيار، شفيق، سٻاجھي ۽ شاگردن لاءِ ماءُ جيان مھربان رهي آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته هو ماروي گرلز هاسٽل ۾ شاگردياڻين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي.
Copy