07/07/2026
فنگر پرنٽس (آڱرين جا نشان):
انساني جسم جي آڱرين تي موجود لڪيرون تڏهن ٺهڻ شروع ٿينديون آهن، جڏهن ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ لڳ ڀڳ چوٿين مهيني ۾ هوندو آهي. اهي لڪيرون آهستي آهستي ٺهنديون آهن، ۽ هر انسان جا فنگر پرنٽ هڪ ٻئي کان منفرد هوندا آهن. اڄ تائين سائنس به اهو تسليم ڪري ٿي ته هڪجهڙا فنگر پرنٽ ملڻ انتهائي ناياب آهن، تنهنڪري انهن کي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي -
اهو منظر انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اهڙي بي مثال ۽ منفرد بناوٽ ڪنهن عظيم حڪمت واري خالق جي قدرت جو اظهار ۽ شاھڪار آهي - هر نئين انسان کي الڳ سڃاڻپ ڏيڻ، بي مثال ترتيب سان پيدا ڪرڻ ۽ ان ۾ اهڙي نفاست رکڻ يقيناً وڏي حڪمت جي نشاني آهي جيڪا خداوند عالم جي وڏائي ۽ عظمت کي ظاهر ڪري ٿي- جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري فنگر پرنٽ جي مٿاڇري کي معمولي نقصان پهچي، ۽ چمڙي جي اندروني پرت محفوظ رهي، ته اهي لڪيرون ٻيهر ساڳئي نموني ظاهر ٿي سگهن ٿيون. پر جيڪڏهن اندروني پرت کي شديد نقصان پهچي وڃي، ته فنگر پرنٽ مستقل طور تبديل به ٿي سگهن ٿا- هي سڀ ڪجهه انسان کي پنهنجي خالق جي قدرت، حڪمت ۽ ڪمال تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو-
بيشڪ، الله پاڪ ئي هر شيءِ جو خالق، مالڪ ۽ بهترين مصور آهي.
ڪاپي