19/06/2026
ڪربلا: هڪ تهذيب، عقل، منطق ۽ دائمي شعور
ڪربلا جو معرڪو رڳو هڪ جنگ يا تاريخي حادثو نه، پر انساني شعور، عقل، منطق ۽ اخلاقيات جي بھترين تهذيب آهي - تهذيب جو مفهوم صرف شهرن، سلطنتن يا حڪمرانيءَ تائين محدود ناهي ھوندو؛ پر اهو علم، فڪر، دليل، انصاف ۽ انساني ضمير جي تعمير سان جڙيل آهي. ڪربلا انهيءَ معنيٰ ۾ هڪ اهڙو تمدن آهي، جيڪو مختصر وقت لاءِ ظاهر ٿيو، پر پنهنجي فڪر ۾ دائميت ماڻي ويو -
دنيا جي تهذيبن ۾ لاطيني تھذيب عقل ۽ فلسفي جي بنياد رکي، جتي سقراط (Socrates) ۽ ارسطو (Aristotle) منطق ۽ استدلال کي انساني فڪر جو محور بڻايو. پر ڪربلا عقل کي فقط نظريي تائين محدود نه رکيو، بلڪه عملي منطق ۾ بدلائي ڇڏيو. امام حسين ع جو قيام جذباتي بغاوت نه، پر هڪ عقلي ۽ منطقي فيصلو هو؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن نظام ظلم، جبر ۽ باطل تي بيهي وڃي، تڏهن خاموشي عقل جي شڪست ۽ مزاحمت عقل جي فتح بڻجي وڃي ٿي -
قرآن ڪريم به عقل ۽ تدبر تي زور ڏئي ٿو: “أَفَلَا تَعْقِلُونَ” (ڇا اوهان عقل نٿا ڪريو؟) ۽ “أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ” (ڇا اوهان غور نٿا ڪريو؟). ڪربلا انهن قرآني حڪمن جي عملي تفسير آهي - امام حسین ع جي منطق واضح هئي: جيڪڏهن حڪمران حق کان هٽي وڃي، ته ان جي بيعت / (مڃڻ) ڪرڻ ظلم کي جائز ڪرڻ آهي.
ادب ۾ ڪربلا عقل ۽ احساس جو ڳانڌاپو بڻجي ظاهر ٿئي ٿي- مير انيس ۽ مولانا جلال الدین ڪربلا کي فقط روئڻ ۽ ماتم نه، پر شعور جي بيداري سمجهيو -
آخرڪار، ڪربلا اهو سيکاري ٿي ته عقل جو اصل ڪم فقط سوچڻ نه، پر حق کي سڃاڻڻ ۽ ان لاءِ بيهڻ آهي. جيڪڏهن يونان عقل جي تهذيب هئي، ته ڪربلا عقل ۽ ضمير جي گڏيل تهذيب آهي—جتي منطق قربانيءَ ۾ بدلجي تاريخ کي امر بڻائي ٿو -
عرفان علي ٻرڙو