Sindh United Students Federation

Sindh United Students Federation Sindh United Students Federation; (SUSF) Students Front of Sindh United Party.

11/08/2026

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف متاثر شاگردن پاران هيڊ آفيس آڏو جاري احتجاجي ڪئمپ تي ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن اڳواڻ زبير حسن پنهور تنظيمي موقف رکندي.

10/08/2026

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي متاثر شاگردن پاران ميرٽ جي لتاڙ خلاف جاري جدوجھد جي سلسلي ۾ نڪتل مشعل بردار ريلي جي اختتام سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن اڳواڻ زبير حسن پنهور شاگردن سان مخاطب.

نوٽيفڪيشن9 آگسٽ 2026عسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن تعلقي ڪنڌڪوٽ جي ٽي رُڪني آرگنا...
09/08/2026

نوٽيفڪيشن
9 آگسٽ 2026ع

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف)

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن تعلقي ڪنڌڪوٽ جي ٽي رُڪني آرگنائيزنگ ڪابينا جوڙي وئي آهي

چيف آرگنائيزر رضوان علي نوناري
ڊپٽي چيف آرگنائيزر شھباز علي ڀيو
آرگنائيزر عدنان خان

آرگنائيزنگ ڪابينا جو مدو ٽي مھينا هوندو ٽن مھينن دوران تعلقي ۾ شاگردن جي مسئلن تي جدوجھد، بھتر تعليمي نظام لاءِ عملي جاکوڙ ۽ تنظيم کي وڌيڪ مظبوط بڻائڻ لاءِ سرگرميون ڪندي مدو پورو ٿيڻ تي جھموري نظام ذريعي اليڪشن ڪرائي صدارتي ڪابينہ چونڊي ويندي.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز

09/08/2026

ڪرکڻا لاھي سُک نہ سُتا ڪڏھن
اوسيئڙو آھي کاھوڙين کي پنڌ جو

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) جي مرڪزي چيف آرگنائيزر جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ٻاھران لڳل احتجاجي ڪيمپ کي خطاب.

پريس رليز! 8 آگسٽ 2026عسياف سيڪريٽريٽ حيدرآباد. سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪزي آرگنائيزنگ ڪابينہ جو اجلاس ح...
08/08/2026

پريس رليز!
8 آگسٽ 2026ع
سياف سيڪريٽريٽ حيدرآباد.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪزي آرگنائيزنگ ڪابينہ جو اجلاس حيدرآباد ۾ سياف ڪوآرڊينيٽر امير آزاد پنھور جي نگراني ۾ ٿي گذريو جنھن جي صدارت مرڪزي چيف آرگنائيزر راجا سوڻيکي ڪئي.
مرڪزي آرگنائيزر صفت ﷲ پتافي
مرڪزي آرگنائيزر دانش کوسو
اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنھور شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سياف جي تنظيمي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ آئيندي جو لائي عمل پڻ جوڙيو ويو جنھن دوران هيٺيان فيصلا ڪيا ويا.

1 عمرڪوٽ ڪيمپس تالا بندي خلاف سياف جي ميزباني هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي ويندي.
2 سياف جي متحرڪ ساٿين ايڊووڪيٽ عرض محمد لھر ۽ ظھير ميمڻ جي ورسي تي سڀني تنظيمي ضلعن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
3 سمورن تنظيمي ضلعن جا دورا ڪري نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي.
4 نون صوبن ۽ ڪينالن جي مخالفت ۾ جدوجھد ڪئي ويندي.

پريس ترجمان
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز.

پريس رليز! 7 آگسٽ 2026عسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) جي اڳوڻي مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو سياف جي سياسي مورچي تان سن...
07/08/2026

پريس رليز!
7 آگسٽ 2026ع

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) جي اڳوڻي مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو سياف جي سياسي مورچي تان سنڌ جي شاگردن جو پرپور آواز بڻيو آھي امر آڪاش جو سياف کي ڏنل وقت جدوجھد، بھادري، ثابت قدمي ۽ سنجيده اڳواڻي جو عظيم مثال آھي، سياف مرڪز امر آڪاش جي شاگرد جدوجھد کي مڃتا پيش ڪري ٿو آڪاش لاکو سياف مان ٽرانسفر وٺڻ بعد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع نوابشاھ جو نائب صدر چونڊيو ويو آهي اميد تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پليٽ فارم تان خودمختيار سنڌ جي ساڀيان تائين مثالي جدوجھد ڪندو.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز

پريس رليز! 05 آگسٽ 2026عسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز پاران مرڪزي چيف آرگنائيزر راجا سوڻيکي جي صدارت هيٺ سي...
05/08/2026

پريس رليز!
05 آگسٽ 2026ع

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز پاران مرڪزي چيف آرگنائيزر راجا سوڻيکي جي صدارت هيٺ سياف ضلعي عمرڪوٽ ۽ سياف ضلعي زرعي ڪيمپس جو گڏيل طور اجلاس ٿي گذريو، اجلاس دوران سياف ضلعي عمرڪوٽ جي چيف آرگنائيزر جيسونت پرمار، ڊپٽي چيف آرگنائيزر دودو امراڻي، آرگنائيزر لڇمڻ داس، آرگنائيزر دسرت ڪمار، سياف ضلعي زرعي ڪيمپس جي صدر قادر جوڻيجو، نائب صدر عزيز نھڙيو، جنرل سيڪريٽري سھراب رونجھو، ڌنيش سوٽھڙ، نظر علي رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ڪيل فيصلا ۽ هدايتون.

1 علي نواز نھڙي کي سياف ضلعي زرعي ڪيمپس جو فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو.
2 زرعي ڪيمپس ۾ تالا بندي خلاف مختلف تعلقن ۾ ٿيندڙ مظاھرن ۾ ڀرپور شريڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.
3 ڪيمپس جي تالا بندي خلاف تحريڪ جي آغاز لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
4 سنڌ جي ورھاڱي ۽ نون صوبن جي مخالفت ۾ ٿيندڙ مظاھرن ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي وئي.
5 سياف ضلعي عمرڪوٽ کي تعليمي ادارن ۾ تنظيم ڪاري جون هدايتون ڪيون ويون.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ وحدانيت جي خلاف ٿيندڙ فيصلن خلاف ڀرپور جدوجھد جو وچن ڪري ٿي.

جاري ڪندڙ،
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز

پريس رليز! 3 آگسٽ 2026عسنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي عمرڪوٽ جو اجلاس مرڪزي چ...
03/08/2026

پريس رليز!
3 آگسٽ 2026ع

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف)

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي عمرڪوٽ جو اجلاس مرڪزي چيف آرگنائيزر راجا سوڻيکي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس دوران ضلعي عمرڪوٽ جي آرگنائيزنگ ڪابينا جوڙي وئي.

چيف آرگنائيزر جيسونت پرمار
ڊپٽي چيف آرگنائيزر دودو امراڻي
آرگنائيزر لڇمڻ داس بجير
آرگنائيزر دسرت ڪمار بجير

آرگنائيزنگ ڪابينا جو مدو ٽي مھينا هوندو ٽن مھينن دوران ضلعي ۾ شاگردن جي مسئلن تي جدوجھد، بھتر تعليمي نظام لاءِ عملي جاکوڙ ۽ تنظيم کي وڌيڪ مظبوط بڻائڻ لاءِ سرگرميون ڪندي مدو پورو ٿيڻ تي جھموري نظام ذريعي اليڪشن ڪرائي صدارتي ڪابينہ چونڊي ويندي.

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز

پريس پڌرائي 3 آگسٽ 2026ع(گھوٽڪي)سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ( سياف ) جي مرڪزي آرگنائيزر صفت پتافي جو تعلقي گھوٽڪي ۾ تن...
03/08/2026

پريس پڌرائي
3 آگسٽ 2026ع
(گھوٽڪي)

سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ( سياف ) جي مرڪزي آرگنائيزر صفت پتافي جو تعلقي گھوٽڪي ۾ تنظيمي دورو ڪيو، جنھن ۾ ساڻس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي اڳواڻ عمران سوڍو ۽ سياف ضلعي اڳواڻ آفاق لغاري پڻ گڏ رھيا، جنھن دوران تعلقي جي ساٿين، ڪارڪنن ۽ مختلف نوجوانن سان ملاقاتون ٿيون,
انھي موقعي تي مرڪزي اڳواڻ صفت پتافي چيو ته سياف سنڌ جي شاگردن توڙي جي نوجوانن جي نمائنده تنظيم آھي، جيڪا تعليم، شاگرد سياست، سماجي انصاف، قومي حقن لاءِ جدوجھد جاري رکندي پئي اچي، ھاڻ نوجوانن کي درپيش ايندڙ مسئلن کي ڏسندي وڌيڪ منظم، مضبوط ٿيڻ جي اھم ضرورت آھي،
انھي موقعي تي تعلقي گھوٽڪي جي نئين آرگنائيزنگ باڊي پڻ جوڙي وئي جنھن ۾ ھيٺين دوستن کي تعلقي جي ذميواري ڏني وئي.

چيف آرگنائيزر : واحد ڀيري
ڊپٽي آرگنائيزر : شاهزيب سومرو
آرگنائيزر : فيصل جھٽيال

جاري ڪندڙ
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (سياف) مرڪز

Day 8:Ex-president Sindh United Students Federation (SUSF) Amar Akash Lakho visited the sit-in camp and extended his ful...
31/07/2026

Day 8:
Ex-president Sindh United Students Federation (SUSF) Amar Akash Lakho visited the sit-in camp and extended his full support to students protesting against murder of meritocracy by SPSC.

Address

Karachi, Sindh
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh United Students Federation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Sindh United Students Federation:

Shortcuts

Share