21/09/2026
Date.21-9-2026
(رپورٽ سيد مهراڻ شاھ) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سنڌي ٻٽڙا ۾ ميلادالنبي جي مناسبت سان هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي. تقريب جي صدارت ڊگري ڪاليج سنڌي ٻٽڙا جي پرنسيپال پروفيسر مهر علي سومرو صاحب ڪئي. جڏهن تـ مهمان خاص ڊگري ڪاليج سنڌي ٻٽڙا جا باصلاحيت پروفيسر صاحبان هئا.
تقريب جو باقاعده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو. تلاوت ڪلام پاڪ ڪرڻ جو شرف ڪاليج جي هونهار شاگرد محمد عمر ماڻيو. پروگرام جي ڪمپيرنگ ڪرڻ جا فرائض ڪاليج جي پروفيسر سيد مهراڻ شاھ سرانجام ڏنا. ڪاليج جي هونهار شاگردن نعت شريف جي سيگمينٽ ۽ تقريري مقابلن ۾ ڀرپور حصو وٺي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ڪاليج جي پروفيسر سيد مهراڻ شاھ ڳالهائيندي چيو تـ اسان الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪري پنهنجي زندگي گذاريون تـ جيئن اسان دنيا ۽ آخرت جي زندگيء ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون. الله رب العزت هن سنسار جي تخليق بـ رسول جي صدقي ڪئي آهي. اشرف المخلوقات جي ڏوهن، گناهن جي معافي بـ محبت رسول سان مشروط آهي. انسان کي پنهنجي دل الله جي ذڪر طرف مائل ڪرڻ گهرجي. الله جو ذڪر ڪرڻ سان انسان جي اندر جو ڪينو ۽ ڪدورت صاف ٿي وڃي ٿو. جنهن انسان جي دل ۾ الله جي ذات سمائجي وڃي اهو انسان ڪيڏو تـ خوشنصيب هوندو. الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو تـ انسان سڀ خساري ۾ آهن پر جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا. ۽ صبر ڪيو اهي ڪامياب ٿيا.
ڪاليج جي پروفيسر زوهيب سومرو صاحب ڳالهائيندي چيو تـ اسان جي ڪاليج ۾ ميلادالنبي جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي. اهڙا پروگرام منعقد ٿيڻ گهرجن. اهڙن پروگرامن جي منعقد ٿيڻ سان شاگردن کي پنهنجن صلاحيتين کي مڃائڻ جو بـ موقعو ملندو. حضور ڪريم جن اعلي اخلاق جا مالڪ هئا. پاڻ ڪريم جن تـ دشمنن سان بـ سهڻو سلوڪ رکندا هئا. جنگين ۾ قيد ٿيل قيدين سان بـ سهڻو سلوڪ رکندا هئا. امن جي خاطر ميثاق مدينـ جو معاهدو بـ قابل تعريف آهي. اسان کي گهرجي تـ پاڻ عملي طور رسول جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪري پنهنجي دنياوي زندگيء ۽ آخرت جي زندگيء کي بـ ڪامياب بڻايون.
ڪاليج جي پروفيسر اعجاز علي چنا ڳالهائيندي چيو تـ آقا دو جهان حضور ڪريم جن دين اسلام جا سچا پيروڪار آهن. پاڻ ڪريم جن دين اسلام جي بقا لاء پنهنجو سمورو خاندان دين اسلام جي راھ تان فدا ڪري ڇڏيو. هن سنسار جي تخليق بـ صدقي رسول جي ٿي آهي. اسان کي گهرجي تـ پاڻ رسول جي سيرت تي عمل ڪري، صراط المستقيم تي هلي پنهنجي آخرت کي سنواريون.
صدارتي خطاب ڪندي ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر مهر علي سومرو صاحب ڳالهائيندي چيو تـ آء پنهنجي ڪاليج جي باصلاحيت ٽيچنگ فيڪلٽي جو تھ دل سان شڪرگذار آهيان جن مون سان گڏجي ميلادالنبي جي پروقار تقريب جو انعقاد ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. جيڪي هونهار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيا آهن. آء انهن جو بـ مشڪور آهيان. حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم خاتم النبي آهن. حضرت آدم کان نبوت جو سلسلو شروع ٿي حضور ڪريم جن جي ذات تي پورو ٿيو. پاڻ ڪريم جن اعلي اخلاق ۽ خوبين جا مالڪ هئا. پاڻ هر ماڻهو سان سهڻي سلوڪ سان پيش ايندا هئا. پاڻ سموري زندگيء الله سائين جي ڏنل احڪامن مطابق بصر ڪيائون. قرآن شريف ۾ سڀ کان گهڻو ذڪر نماز جي متعلق آيو آهي. اسان کي گهرجي تـ پنج وقت نماز پابندي سان ادا ڪيون. ڇو تـ نماز دين جو ٿنب آهي. نماز ئي تـ آهي جيڪا بندي ۽ خدا وچ ۾ ويجهي ٿيڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. اسان کي گهرجي تـ رسول جي سيرت تي عمل ڪري پنهنجي آخرت جي زندگيء ۾ ڪاميابي ماڻيون. ڇو تـ دنيا جي زندگيء آخرت جي کيتي آهي.