30/07/2026
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪَرِين. شاهه سائين
جيئي سنڌ🚩
جيئي لطيف ❤️
14 صفر المظفر
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جو 283هون عرس مبارڪ
سنڌ جي عظيم صوفي شاعر، مفڪر، فلسفي، انسان دوست ۽ روحاني رهنما حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي 283هين عرس مبارڪ جي پُرمسرت موقعي تي، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل، دي يونيورسٽي آف لاهور جي طرفان کين نهايت عقيدت، احترام ۽ محبت سان خراجِ عقيدت پيش ڪجي ٿو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي لازوال تصنيف "شاهه جو رسالو" وسيلي محبت، رواداري، انسانيت، قرباني، حق، صبر ۽ استقامت جهڙن اعليٰ انساني قدرن کي امر بڻايو. سندس شاعري نه رڳو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي سڃاڻپ آهي، پر اها هر دور جي انسان لاءِ اخلاقي، روحاني ۽ فڪري رهنمائي جو سرچشمو پڻ آهي.
اڄ جي هن بابرڪت موقعي تي اچو ته شاهه سائين جي فڪر، فلسفي ۽ تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون ۽ محبت، ڀائيچاري، انصاف ۽ انسانيت جي پيغام کي سماج جي هر ڪنڊ تائين پهچائڻ جو عزم ڪريون.
شاهه لطيف جو پيغام اسان جي سڃاڻپ،
۽ سندس فڪر اسان جي رهنمائي آهي.
🌹 عرس مبارڪ 🌹
پاران:
سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل
دي يونيورسٽي آف لاهور
On the blessed occasion of the 283rd Urs of Hazrat Shah Abdul Latif Bhittai (R.A.), the great Sufi poet, philosopher, humanitarian, and spiritual guide of Sindh, the Sindh Students' Council, The University of Lahore, pays its heartfelt tribute with profound respect, admiration, and reverence.
Through his timeless masterpiece, Shah Jo Risalo, Hazrat Shah Abdul Latif Bhittai (R.A.) immortalized the universal values of love, tolerance, humanity, sacrifice, truth, patience, and resilience. His poetry is not only the embodiment of Sindh's rich cultural identity but also an enduring source of moral, spiritual, and intellectual guidance for people across generations.
On this blessed occasion, let us renew our commitment to embracing Shah Latif's teachings and spreading his timeless message of love, brotherhood, justice, tolerance, and humanity throughout society.
"His words are our heritage, and his wisdom remains our everlasting guiding light."
Urs Mubarak🌹
Presented by:
Sindh Students' Council
The University of Lahore