LATIF Institute Of Skills Development

LATIF Institute Of Skills Development Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from LATIF Institute Of Skills Development, College & University, Murtaza Khan Jatoi, Moro.

📢 اعلانِ عامسڀني شاگردن ۽ اسٽاف کي اطلاع ڏجي ٿو ته📅 1 مئي (ليبر ڊي) جي مناسبت سانسڀاڻي لطيف اسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ(LI...
30/04/2026

📢 اعلانِ عام

سڀني شاگردن ۽ اسٽاف کي اطلاع ڏجي ٿو ته
📅 1 مئي (ليبر ڊي) جي مناسبت سان
سڀاڻي لطيف اسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ(LISD) بند رهندو۔

هي ڏينهن مزدورن جي محنت، جدوجهد ۽ قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي 🙌

🌹 اچو ته هن ڏينهن تي پنهنجن محنتي ڀائرن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون۔

مهرباني
انتظاميا
لطيف اسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ(LISD)

🌟 LATIF INSTITUTE OF SKILL DEVELOPMENT (LISD) – NEW JATOI 🌟Quality Education is Our Mottoالحمدلله، نيو جتوئي ۾ معياري تع...
08/03/2026

🌟 LATIF INSTITUTE OF SKILL DEVELOPMENT (LISD) – NEW JATOI 🌟
Quality Education is Our Motto
الحمدلله، نيو جتوئي ۾ معياري تعليم ۽ اسڪل ڊولپمينٽ لاءِ هڪ قابلِ اعتماد ادارو، جتي شاگردن جي بهتر مستقبل لاءِ تجربيڪار ٽيچرز جي نگراني هيٺ تعليم ڏني وڃي ٿي.
📚 ڪورسز ۽ ڪلاسن جو آغاز: ✔ Nursery to Five (Special ECE Teacher)
✔ Six to Intermediate (All Subjects)
✔ D.I.T & C.I.T
✔ A.D.E Classes
✔ Early Child Education (ECE)
👨‍🏫 قابل ۽ تجربيڪار اسٽاف: • Naveed Hussain Mallah (M.B.A & M.D of LISD)
• Sadam Sarwar Parhyar (B.Ed Hons English)
• Mujeeb Rehman Khoso (B.Sc Entomology)
• Madam Direshwar (E.C.E & A.D.E)
• Zahid Hussain (BBA Hons)
📍 بهتر تعليم، بهتر تربيت ۽ روشن مستقبل لاءِ اڄ ئي داخلا وٺو.
📞 Contact: Yar Muhammad Mallah
0300-9230089 | 0319-9230089
🎓 پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن کي معياري تعليم ڏياريو ۽ ڪاميابي جي راهه تي گامزن ڪريو.

08/03/2026

🌸 عورت طاقت آهي – عورت سماج جي سڃاڻپ آهي 🌸
عورتن جو عالمي ڏينهن – 8 مارچ
اڄوڪو ڏينهن دنيا جي سڀني عورتن جي عزت، همت ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي۔ عورت ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جي صورت ۾ محبت، قرباني ۽ حوصلي جو خوبصورت مثال آهي، جيڪا سماج جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي۔
لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ نيوجتوئي هميشه ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جيڪڏهن عورت کي تعليم ۽ هنر جا موقعا ملن ته هو نه صرف پنهنجي زندگي سنواري سگهي ٿي پر پنهنجي خاندان ۽ سڄي سماج جي ترقي جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔
اسان جي اداري ۾ نياڻين ۽ عورتن کي ڊريس ميڪنگ ۽ ٻين مهارتن جي تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن هو بااختيار بڻجن، پنهنجي پيرن تي بيهن ۽ باعزت روزگار حاصل ڪري سگهن۔
اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اچو ته عزم ڪريون ته عورتن کي عزت، تعليم ۽ ترقي جا وڌيڪ موقعا ڏئي هڪ بهتر، بااختيار ۽ خوشحال سماج جي تعمير ڪنداسين۔
✨ بااختيار عورت، مضبوط ۽ ترقي يافته سماج جي ضمانت آهي۔
ڊائريڪٽر
لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ نيوجتوئي

Report on the Successful Opening Ceremony of BBSHRRDB Phase XVIVenue: Lateef Institute of Skill Development (LISD), New ...
05/01/2026

Report on the Successful Opening Ceremony of BBSHRRDB Phase XVI
Venue: Lateef Institute of Skill Development (LISD), New Jatoi
Date & Time: 05-01-26, 11:00 AM
The opening ceremony of the Benazir Bhutto Shaheed Human Resource Research & Development Board (BBSHRRDB) Training Program Phase XVI was successfully held at the Lateef Institute of Skill Development (LISD), New Jatoi.
The event was well-organized and witnessed the participation of honorable guests, faculty members, and a large number of enrolled trainees.
The ceremony formally commenced at 11:00 AM with the Tilawat-e-Kalam Pak, which provided a spiritual and respectful beginning to the program. This was followed by the ribbon-cutting ceremony, marking the official inauguration of BBSHRRDB Phase XVI.
The ribbon was cut by Mr. Abdul Waheed Mallah and Mr. Abdul Hakeem MallaH, whose gracious presence added great value and dignity to the ceremony.
A welcome address was delivered by Mr. Yar Muhammad Mallah, Director LISD New Jatoi, who warmly welcomed all distinguished guests and trainees. In his speech, he highlighted the objectives of BBSHRRDB, the importance of skill development, and LISD’s strong commitment to providing quality technical and vocational training to women.
A motivational speech was delivered by Mr. Abdul Waheed Malla, who emphasized discipline, hard work, and dedication as the key elements of success. His words greatly inspired the trainees and encouraged them to acquire skills for a brighter and self-reliant future.
The Chief Guest, Mr. Abdul Hakeem Mallah, Headmaster (GHSS), delivered an impactful address. He especially encouraged women to believe in themselves, develop professional skills, and play a positive role in the development of society. His presence proved to be a great source of motivation and honor for the event.
During the ceremony, offer letters and training materials were distributed among the BBSHRRDB trainees, marking the formal commencement of their training journey.
The opening ceremony concluded in a positive and pleasant atmosphere. The event was highly successful and well-appreciated by all participants. As a gesture of respect and appreciation, Ajrak and books were presented as gifts to the honorable guests.
The event was further graced by the presence of Principal Naveed Hussain Mallah, Management Director LISD Mr. Dost Muhammad Soomro, Badar Din Panhwar, and Abdul Aziz Mallah, whose participation added great charm and significance to the ceremony.
Overall, the ceremony reflected strong coordination, effective planning, and a sincere commitment toward youth empowerment and skill development.

05/01/2026

BBSHRRDB فيز XVI جي ڪامياب افتتاحي تقريب بابت رپورٽ
جڳهه: لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ (LISD) نيوجتوئي
تاريخ ۽ وقت: 05-01-26، صبح 11:00 وڳي
بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ (BBSHRRDB) ٽريننگ پروگرام فيز XVI جي افتتاحي تقريب لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ (LISD)، نيوجتوئي ۾ ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي.
تقريب انتهائي بهتر نموني سان ترتيب ڏنل هئي، جنهن ۾ معزز مهمانن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ داخلا ورتل شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
افتتاحي تقريب جو باقاعده آغاز صبح 11:00 وڳي تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، جنهن سان تقريب کي روحاني ۽ باوقار شروعات ملي. ان کان پوءِ ربن ڪٽنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن سان BBSHRRDB فيز XVI جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو.
ربن عبدالوحيد ملاح ، سائين عبدلحڪيم ملاح، جن پنهنجي شاندار موجودگي سان تقريب کي چار چنڊ لڳايا.
ان موقعي تي مسٽر يارمحمد ملاح، ڊائريڪٽر LISD نيوجتوئي طرفان آجيان تقرير ڪئي وئي، جنهن ۾ هن سڀني معزز مهمانن ۽ شاگردن کي ڀليڪار چيو. هن BBSHRRDB جي مقصدن، اسڪل ڊولپمينٽ جي اهميت ۽ LISD جي نياڻين کي معياري فني ۽ فڪري تربيت فراهم ڪرڻ واري عزم تي روشني وڌي.
عبدالوحيد ملاح طرفان حوصلا افزائي خطاب ڪيو ويو، جنهن ۾ هن شاگردن کي نظم و ضبط، محنت ۽ لگن کي ڪاميابي جون ڪنجيون قرار ڏنو. سندس تقرير شاگردن جي حوصلي کي بلند ڪيو ۽ کين روشن مستقبل لاءِ اسڪل سکڻ تي زور ڏنو.
تقريب جي خاص سائين عبدالحڪيم ملاح ايڇ ايم (GHSS) طرفان اثرائتو خطاب ڪيو ويو. هن خاص طور عورتن کي پاڻ تي اعتماد رکڻ، پيشاورانه مهارتون حاصل ڪرڻ ۽ سماج جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. سندس موجودگي تقريب لاءِ اعزاز ۽ همٿ جو سبب بڻي.
تقريب دوران BBSHRRDB جي شاگردن ۾ آفر ليٽر ۽ ٽريننگ مواد ورهايو ويو، جنهن سان سندن تربيتي سفر جو باقاعده آغاز ٿيو.
افتتاحي تقريب خوشگوار ۽ مثبت ماحول ۾ اختتام پذير ٿي. مجموعي طور تقريب ڪاميابي سان منعقد ٿي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن ۽ معزز مهمانن کي اجرڪ ۽ ڪتاب جا تحفا ڏنا ويا
هن تقريب ۾ پرسنپل نويد حسين ملاح مينيجمنٽ ڊائريڪٽر (LISD) دوست محمد سومرو ، بدر الدين پنهور عبدالعزیز ملاح چار چنڊ هڻي ڇڏيا
هي تقريب نوجوانن جي بااختياري ۽ مهارتن جي ترقي لاءِ مضبوط رابطي، موثر منصوبه بندي ۽ اداري جي خلوص واري عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

خوشخبري!الحمدالله، لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ، نيوجتوئي کي حڪومتِ سنڌ جي اداريبينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اي...
26/12/2025

خوشخبري!
الحمدالله، لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ، نيوجتوئي کي حڪومتِ سنڌ جي اداري
بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ طرفان هڪ اهم پروجيڪٽ ڏنو ويو آهي.
هن پروجيڪٽ تحت هيٺيان 100٪ مڪمل طور مفت ڪورسز ڪرايا پيا وڃن:
پيش ڪيل ڪورسز، اهليت ۽ مدت
هيئر اينڊ بيوٽي سروسز (بيوٽيشين ڪورس)
تعليمي اهليت: ميٽرڪ
مدت: 10 مهينا

ڊريس ميڪنگ
تعليمي اهليت: ميٽرڪ
مدت: 7 مهينا

ڪمپيوٽر آءِ ٽي اسسٽنٽ
تعليمي اهليت: انٽر
مدت: 5 مهينا

انهن سڀني ڪورسز جا فارم لطيف انسٽيٽيوٽ آف اسڪل ڊولپمينٽ، نيوجتوئي ۾ ڀريا پيا وڃن.
نيوجتوئي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي سمورن خواهشمند شاگردياڻين کي گذارش آهي ته هو جلد کان جلد پنهنجا فارم ۽ ضروري دستاويزن سان گڏ انسٽيٽيوٽ سان رابطو ڪن.
عام اهليت
عمر جي حد: 18 سالن کان 35 سالن تائين
گهربل دستاويز
4 عدد پاسپورٽ سائيز تصوير
سڃاڻپ ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي
والد جي سڃاڻپ ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي
ميٽرڪ مارڪ شيٽ جي فوٽو ڪاپي
انٽر مارڪ شيٽ جي فوٽو ڪاپي
اهم نوٽ
حڪومتِ سنڌ طرفان هر شاگرد کي 2500 رپيا ماهوار وظيفو ڏنو ويندو.
سيٽون محدود آهن، تنهنڪري وقت سر رجسٽريشن کي يقيني بڻايو.
وڌيڪ معلومات ۽ رابطو
واٽس ايپ: 03009230089
آفيس نمبر: 03199230089

BBSHRRDB – Phase XVI (CBTA-Based Training Program)  Launch Announcement 📣📢The Benazir Bhutto Shaheed Human Resource Rese...
21/12/2025

BBSHRRDB – Phase XVI (CBTA-Based Training Program) Launch Announcement 📣📢

The Benazir Bhutto Shaheed Human Resource Research & Development Board (BBSHRRDB) is pleased to announce Phase XVI of its CBTA-Based Training Program, aimed at equipping unemployed youth of Sindh with job ready, industry-aligned skills along with monthly financial support.

*Program Highlights*

_Training Model:_ Competency-Based Training & Assessment (CBTA)

_Eligibility:_ Sindh CNIC holders, 18–35 years

_Courses_ : Short-term, market driven skills

_Support_ : Monthly stipend for selected trainees

📅 Last Date to Apply: 5 January 2026
🌐 Apply Online: www.bbbshrrdb.gos.pk

18/12/2025
18/12/2025

اے آئی کی جدید ٹریننگ کے لیے ملک بھر سے طلبہ کو یورپ بھجوایا جائےگا
وزیراعظم شہباز شریف

Address

Murtaza Khan Jatoi
Moro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when LATIF Institute Of Skills Development posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share