Department of Statistics SBBU SBA

Department of Statistics  SBBU SBA Connecting the world with Data we can trust.

11/12/2025
Many Many Congratulates to Miss Sakina Kamboh, Lecturer, Statistics, on her research paper publication.
25/11/2025

Many Many Congratulates to Miss Sakina Kamboh, Lecturer, Statistics, on her research paper publication.

Success Stories...تلھار ۾ سال 2000ع ۾ ڏھن ھزار روپين کان ڪاروبار شروع ڪندڙ رياض ميمڻ جو عزيز رائيس مل تائين جو سفر؟  عاج...
24/10/2025

Success Stories...
تلھار ۾ سال 2000ع ۾ ڏھن ھزار روپين کان ڪاروبار شروع ڪندڙ رياض ميمڻ جو عزيز رائيس مل تائين جو سفر؟

عاجز انور لاشاري

بدين سان تعلق رکندڙ رياض ميمڻ ھڪ غريب ۽ محنتي پريوار جو فرد آھي۔ سندس والد عزيز ميمڻ بدين شھر ۾ مزدوري ڪري اولاد جو پيٽ گذر ڪرڻ سان گڏوگڏ نه رڳو پڙھايو، پر سٺي تربيت سان به نوازيو۔ رياض ميمڻ جو ماضي ڪنھن کان لڪل ناھي؛ ھو 15 سالن جي ڄمار کان محنت، ايمانداري ۽ حلال روزي تي يقين رکندي مزدوري ڪندو رھيو۔ اھڙي محنت سان ھن پنھنجي سڃاڻپ جو سفر شروع ڪيو ۽ تلھار ۾ پاڻ کي تعمير توڙي متعارف ڪرايو۔

سن 2000ع ۾ صرف ڏھ ھزار روپين سان ۽ سترھن سالن جي ڄمار ۾ رياض ميمڻ تلھار پھتو، جتي ھن مسواڙ تي ھڪ ننڍڙو دڪان وٺي “پي ڊي ٽائيپ” ڪاروبار شروع ڪيو۔ ان دڪان ۾ ھو ساري، ڪڻڪ، آريو، توريو ۽ خاص طور تي ڦٽين جو ڪاروبار ڪندو ھو۔ ان ئي سال کان سندس ڪاروباري سفر جي شروعات ٿي، جيڪا لڳاتار محنت، جاکوڙ ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌندي وئي۔

اُن وقت تلھار جي مرڪزي روڊ، يعني مين بدين–حيدرآباد روڊ، اڄ جيان آباد ۽ رونق واري نه ھئي۔ فقط ٻن ٽن دڪانن تي رونق ھوندي ھئي، جھڙوڪ لاشارين جي ھوٽل، سيد شاھ جي ھوٽل ۽ ڪاڪا ڏيون جو دڪان۔ سمن پيٽرول پمپ واري جاءِ تي لوڪل بسون بيھنديون ھيون، جيڪي وڍ، ماڇاري ۽ مورجھر تائين ھلنديون ھيون، ۽ ڦٽين جي موسم ۾ واپس اينديون ھيون ته ڦٽين سان ڀريل ٿينديون ھيون۔ اُن وقت مسافرن لاءِ ٽانگا ۽ لوڪل بسون ئي سواري جو ذريعو ھيون، ڇو⁠تہ تيز رفتار ڪوچ ۽ ڪوسٽر اڃا تلھار ۾ انوقت ڪون آيون ھيون۔

رياض ميمڻ شروعاتي ڏينهن کان ئي نه رڳو ڪاروبار ۾ دلچسپي ورتي، پر ھر مھيني خيرات جو سلسلو پڻ شروع ڪيو، جيڪو سال 2025ع تائين لڳاتار جاري آھي — اھو سندس سماجي ذميواريءَ جو بهترين مثال آھي۔ اُن وقت سندس ڀرسان ماڻڪ ريٻاري، نظير لغاري ۽ ٻين دوستن جا دڪان ھئا، جن سان سندس دوستاڻو تعلق اڄ تائين برقرار رکيل آھي۔

رياض ميمڻ 29 مارچ 1983ع تي بدين ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد عزيز الله ميمڻ محنت مزدوري سان خاندان جو گذر ڪندو ھو۔ سترھن سالن جي عمر ۾ رياض بدين مان تلھار ايندو ھو، مسافر بسن ۾ روزانو اچ وڃ سندس معمول بڻيل ھو۔ ساڳئي سال ھن ميرواھ موري ڏانھن پي ڊي ٽائيپ دڪان کوليو، جتان سندس ڪاروباري دنيا ۾ سڃاڻپ جو سفر شروع ٿيو۔

ڪاروبار ۾ ڪاميابي لاءِ لاڳاپن، ساک، زبان ۽ اعتماد جو وڏو ڪردار ھوندو آھي۔ رياض ميمڻ ايمانداري، سٺي ڳالهائڻ ۽ سٺي ساک سان پاڻ کي مارڪيٽ ۾ مڃرايو۔ 2008ع کان 2009ع تائين ڦٽين جي ڪاروبار ۾ سندس وڏي ڪاميابي ملي؛ ھر روز چار کان پنج ٽرڪون سندس دڪان تان ڦٽين سان ڀرجي ٻاھر وڪرو لاءِ نڪرنديون ھيون۔

2010ع ۾ رياض ميمڻ حاجي مير حسن لغاري کان پلاٽ خريد ڪري ساڳئي جاءِ تي پنھنجو مستقل دڪان تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ به موجود آھي۔ اتي سندس ڀائر ڪاروبار جاري رکن ٿا، ۽ اڃا تائين ھر مھيني خيرات جو سلسلو قائم آھي۔

محنت جي تسلسل سان رياض ميمڻ 2021ع ۾ پنھنجي والد جي نالي سان “عزيز رائس مل” قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ بدين روڊ تي پلاٽ خريد ڪري، 2022ع ۾ رائس مل جو افتتاح ڪيو، جتي ھاڻي ھو پاڻ ۽ سندس ڀائر گڏجي ڪاروبار هلائين ٿا۔ اھا ڪاميابي والدين جي دعائن ۽ سندس سٺي اخلاق جو نتيجو آھي، جنھن سان ھو ننڍڙي سرمايي مان اڄ وڏن واپارين جي صف ۾ شامل ٿي ويو آھي۔

رياض ميمڻ جي ڪاميابيءَ جو ذڪر انھن نوجوانن لاءِ مثال آھي، جيڪي محنت، ايمانداري ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻ چاھين ٿا۔ سندس مامي غلام حسين ميمڻ ھر مرحلي تي کيس رهنمائي ۽ مدد ڏني، جنھن جو ھو اڄ به ٿورائتو آھي۔ اھڙي سپورٽ سان رياض ميمڻ ننڍڙي واپار مان وڏو ڪاروبار بڻائي ڏيکاريو، جيڪو عزم ۽ ايمان سان ڪيل محنت جو نتيجو آھي۔

سال 2013ع ۾ رياض ميمڻ شادي ڪئي، ۽ ڇھن سالن کان پوءِ کيس ھڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو۔ سندس خاندان ۾ چار ڀائر آھن: الطاف حسين، ديدار علي، اشفاق ۽ پاڻ رياض ميمڻ۔ تلھار وارو پراڻو دڪان ھاڻي الطاف حسين سنڀالي ٿو، جڏھن ته “عزيز رائس مل” رياض ۽ اشفاق گڏجي هلائين ٿا، ۽ ديدار علي بدين ۾ پي ڊي ٽائيپ ڪاروبار ڪري رھيو آھي۔

رياض ميمڻ جو سفر ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته محنت، ديانت ۽ مستقل مزاجي سان شروع ڪيل ننڍڙو ڪاروبار به وقت سان وڏي ڪاميابيءَ ۾ بدلجي سگھي ٿو۔ سندس ڪردار ۽ جدوجهد نئين ٽهيءَ لاءِ الهام بڻيل آھي۔

Department of Statistics Organized One Day seminar on German Scholarships and Career Pathways for SBBU Graduates.
23/10/2025

Department of Statistics Organized One Day seminar on German Scholarships and Career Pathways for SBBU Graduates.

عالمي شماريات واري ڏينهن 2025 جي موقعي تي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد جي شماريات واري شعبي هڪ اهم آگاهي...
20/10/2025

عالمي شماريات واري ڏينهن 2025 جي موقعي تي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد جي شماريات واري شعبي هڪ اهم آگاهي واڪ جو انعقاد ڪيو ته جيئن پائيدار ترقي ۽ باخبر فيصلي سازي کي فروغ ڏيڻ ۾ انگ اکر ۽ ڊيٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي. هن تقريب جو مقصد عالمي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ انگن اکرن جي ڪردار بابت آگاهي وڌائڻ هو، جنهن جو ڌيان مختلف شعبن ۾ ڊيٽا جي رسائي ۽ معيار کي فروغ ڏيڻ تي هو.

آگاهي واڪ کي قابل قدر وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر مدد علي شاهه، ڊينز، مختلف شعبن جي چيئرمينس، فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي۔

يونيورسٽي جي شاگردن جي وڏي تعداد، تقريب جي وڏي ڪاميابي ۾ پنهنجي جوش ۽ حمايت جو مظاهرو ڪيو.

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS) ۽ سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (SBS) جي وفدن پڻ آگاهي واک ۾ حصو ورتو.

Address

Nawabshah

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Department of Statistics SBBU SBA posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Department of Statistics SBBU SBA:

Share