Laar Public School & College Nindo Shaher

Laar Public School & College Nindo Shaher Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Laar Public School & College Nindo Shaher, Community College, Kadhan Road, Nindo Shahar.

21/11/2022

آگاھي !
انھن سڀن والدين / شاگردن جي سڌ لاء پڌرو ٿو ڪجي تـ جيڪي بـ اسڪول سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪيا آھن انھن جي فوٽو ڪاپي انتظاميـ کي ڏيکاري رڪارڊ جي ويريفيڪيشن / تصديق ڪرايو تـ آيا سندن ٻار جو جاري ڪيل سرٽيفيڪيٽ اسڪول جي جي آر مطابق آھي يا جي آر مان نڪتل آھي ؟ جئين تـ اسڪول مستقل طور تي بند ڪيو ويو آھي ۽ شاگردن جو رڪارڊ بھتر نموني سان محفوظ ڪري رکجي ۽ مستقبل ۾ ڪابـ پريشاني يا ڏکيائي پيش نـ اچي ـ
ياد رکو شاگرد جو اسڪول جي آر رڪارڊ خراب ڄڻ زندگي خراب ـ ان ڪري ٻار اسان جو اولاد آھن ۽ سندن تعليم جو رڪارڊ صاف / درست محفوظ رھي ـ جڏھن بـ ضرورت پوي تـ اصل صورت ۾ درست ملي ـ
اميد تـ ڏنل آگاھي تي عمل ڪندي اسڪول انتظاميـ سان لھ وچڙ ۾ ايندا ـ
ھي آگاھي انھن سمورن شاگردن / شاگردياڻين لاء آھي جيڪي ميٽرڪ / مڊل / پرائمري يا ٻي ڪنھن درجي مان سرٽيفيڪيٽ جاري ڪرائي ويا آھن ـ
رابطو ـ
واحد بخش رند
ذين العابدين رند
03342525877

14/11/2022

اطلاع !
نجي اسڪول ھميشـ شاگرد جي في تي ئي تعليم و تدريس وارو عمل جاري رکي ٿو ـ جيڪڏھن پڙھندڙ ٻار جي في ادا نـ ٿي تـ ادارو بھتر نتيجا ڏيڻ بجائي خساري جي ور چڙھي وڃي ٿو ـ لاڙ اسڪول انتظاميـ والدين جي عدم دلچسپي ڪري گزريل سال کان مسلسل خساري جو شڪار رھيو ـ اداري کي بھتر نموني ھلائڻ لاء آخري ڪوشش ڪئي وئي ـ والدين ڏي واجب الادا لاء بار بار نوٽيس ڏيڻ باوجود ڪوبـ تعاون نـ ٿيو ـ ھن وقت اداري تي بلڊنگ جي مسواڙ جي رھت رقم ڪافي ڳري ھجڻ ڪري جاء مالڪ بلڊنگ خالي ڪرڻ لاء بار بار نوٽيس ڏيندو رھيو آھي ـ
اداري جا فنڊ نـ ھجڻ ۽ والدين پاران عدم دلچسپي جو مظاھرو ڪرڻ تي اسڪول انتظاميـ نـ چاھيندي بـ دل تي پٿر رکي ڪري سخت فيصلي ڪرڻ تي مجبور ٿي نيٺ ادارو بند ڪرڻ جو پروگرام ڪري ورتو آھي جنھن ڏس ۾ پھرين جنوري 2023 ع تي بلڊنگ مالڪ حوالي ڪئي ويندي ـ
پڙھندڙ شاگردن جي والدين لاء اھو ضرور نوٽيس اماڻجي ٿو تـ تعليم و تدريس بغير ڪنھن رڪاوٽ جي نومبر مھيني 2022 ع تائين جاري رکي آھي ـ ڪورس نومبر مھيني تائين باقائدا ڪرايو ويو آھي ـ ڊسمبر مھيني دوران پنھنجن ٻارڙن تي رھت في ادا ڪري اسڪول سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪيا وڃن ـ
اسڪول انتظاميـ
رابطي لاء ـ واحد بخش رند 03342525877

18/10/2022

سرڪيولر :
لاڙ پبلڪ اسڪول نندو شھر ۾ ڪلاس پھرين کان ميٽرڪ ڪلاس تائين پڙھندڙ اھڙن شاگردن / شاگردياڻن جن تي اسڪول في واجب الادا بقايا جي صورت ۾ آھي تن جي والدين کي بار بار ٻار / شاگرد جي ڊائري توڙي ڪاپي تي آخري نوٽس لکڻ باوجود والدين رھت في ادا ڪرڻ جي بجاء ڪنٽار ڪئي آھي ـ اھڙن والدين / سندن سنڀاليندڙ والدين لاء پڌرو ڪجي ٿو تـ ھفتي جي اندر انتظاميـ آڏو پيش ٿي ٻار تي واجب الادا في جمع ڪرائي رسيد حاصل ڪيو ـ ھفتي بعد رھتون ادا نـ ڪندڙ ٻارن جا نالا ڪلاس بشمول والدين جا نالا اسڪول پيج توڙي نوٽيس جي صورت ۾ نوٽس بورڊ تي لڳايا ويندا ـ
ياد رھي تـ مختلف ڪلاسن ۾ پڙھندڙ ٻارن جو وڏو انگ سيشن شروع ٿيندي في جمع نـ ڪرائي آھي جنھن سبب اسڪول بلڊنگ جي رينٽ اداري ادا نـ ڪرڻ جي صورت ۾ ڏيڍ لک جي بقاياجات ٿي چڪي آھي ـ عمارت مالڪ پاران رھتون ادا ڪرڻ بعد مھيني اندر بلڊنگ خالي ڪرڻ جي تنبيھ ڏني وئي آھي ـ
ادارو چاھي ٿو تـ جلد از جلد والدين رھتون ادا ڪن تـ جئين اسڪول رينٽ بقاياجات ادا ڪري سگھجن ۽ تعليم و تدريس جو عمل جاري رکي سگھجي ـ
ھوڏانھن سال 2022 جو امتحان ڏيندڙ ميٽرڪ جي ٻارن تي ھڪ لک 40 ھزار بقايا رھيل آھي ـ انھن پاس ڪندڙ سابقـ ميٽرڪ جي ٻارن کي پڻ ھفتي جي مھلت ڏجي ٿي پنھنجي رھت في ادا ڪن ـ
اسڪول انتظاميـ
03342525877

11/10/2022

ميٽرڪ سالياني امتحان 2022 جا نتيجا الرٽ !
تعليمي بورڊ حيدرآباد ميٽرڪ سال 2022 ۾ لاڙ پبلڪ اسڪول نندو شھر جي شاگردن جي رزلٽ سو سيڪڙو آئي آھي . شاگردن ، استادن ۽ والدين کي کوڙ ساريون مبارڪون.
A1. 13
A . 10
B . 01
Total .24

24/07/2022

سڀني شاگردن ۽ والدين کي اطلاع ڏجي ٿو ته بدين ضلعي جي مختلف علائقن سميت نندو شھر ۾ پوندڙ برسات سبب اسڪول ۾ تعليمي ۽ تدريسي عمل جاري نه ٿو رکي سگھجي ،تنھن ڪري بروز سومر ۽ اڱاري يعني 25 ۽ 26 جولاء تي ڪوچنگ ڪلاسز جي موڪل جو اعلان ڪجي ٿو . اربع کان ٻيهر تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو انشاالله
مھرباني : غلام مصطفي جمالي پرنسيپال

محمد اويس جنھن نائين ڪلاس جي سالياني امتحان ۾ 550 مارڪن مان 514 مارڪون کڻي آسپاس جي مڙني پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولس کي مات...
02/04/2022

محمد اويس جنھن نائين ڪلاس جي سالياني امتحان ۾ 550 مارڪن مان 514 مارڪون کڻي آسپاس جي مڙني پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولس کي مات ڏئي پهرين پوزيشن حاصل ڪري پنهنجو ۽ پنهجي اسڪول ۽ استادن جو نالو روشن ڪيو. کيس کوڙ ساريون مبارڪون

Day 2 . Mid term
22/02/2022

Day 2 . Mid term

Second term day 1st
21/02/2022

Second term day 1st

Result of first term Laar public school .
10/01/2022

Result of first term Laar public school .

ثقافتي ڏهاڙي جون ڪجھ تصوير جهلڪيون.
05/12/2021

ثقافتي ڏهاڙي جون ڪجھ تصوير جهلڪيون.

گهارو ۾ ڊنر ڪندي @ karachi tour
24/11/2021

گهارو ۾ ڊنر ڪندي @ karachi tour

24/11/2021

ٻار انجوائي ڪندي @ karachi tour

Address

Kadhan Road
Nindo Shahar
7250

Telephone

03153432055

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Laar Public School & College Nindo Shaher posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Laar Public School & College Nindo Shaher:

Share