Government Higher Secondary School Noor Bozdar

Government Higher Secondary School Noor Bozdar GHSS Noor Bozdar is one of the finest school, produced so many talented, recognized & well reputed personalities in the field of medical and eng. Science

اڄ گورنمينٽ ھائیر سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار ضلع خيرپور ميرس ۾ مڊ ٽرم امتحان جي رزلٽ ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورھا...
12/02/2026

اڄ گورنمينٽ ھائیر سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار ضلع خيرپور ميرس ۾ مڊ ٽرم امتحان جي رزلٽ ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورھائڻ جي تقريب ٿي گذري،
پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارن کي اسڪول جي پرنسپال پروفيسر عابد حسين بوزدار،
ايڇ ايم محترم ذوالفقار علي بوزدار ۽ ٻين سڀني استادن انعام ورھايا.

9th Class Physics test was conducted by Sir Muhammad Yousif Bozdar, Cash prize, Medals was distributed among position ho...
10/02/2026

9th Class Physics test was conducted by Sir Muhammad Yousif Bozdar, Cash prize, Medals was distributed among position holders

30/01/2026
30/01/2026

اطلاع عام
گورنمينٽ بوائز ھائیر سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار ۾ پڙھندڙ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ڪامرس گروپ سان سلهاڙيل شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ھن پوسٽ جي ذريعي اطلاع ڏنو ٿو وڃي ته سندن امتحاني فارم ڀرجي رھيا آھن آخري تاريخ 20 فيبروري 2026 آھي
پاران:
پرنسپال
گورنمينٽ بوائز ھائیر سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار.

21/01/2026

ڪلاس نائين ۽ ڏھين جي امتحاني فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 22 جنوري 2026 آهي

28/12/2025

نوٽيس (اطلاع عام)
​گورنمينٽ بوائز ھائیر سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار جي سمورن شاگردن کي اطلاع ڏجي ٿو ته بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (BISE) سکر پاران تعليمي سيشن 2025-2026 لاءِ يارهين ڪلاس (HSC-I) جي آن لائن انرولمينٽ/رجسٽريشن جي عمل جو آغاز ڪيو ويو آهي.
​ان سلسلي ۾، سمورا شاگرد ايندڙ ھفتي کان اسڪول پهچي پنهنجا انرولمينٽ فارم ڀرائي جمع ڪرائين ته جيئن بروقت رجسٽريشن کي يقيني بڻائي سگهجي.
​پاران:
پرنسپل،
گورنمينٽ بوائز ھائیر سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار

15/12/2025

محترم والدينِ گرامي!

السلام عليڪم

ھن خط وسيلي اسان اوھان جو توجھ ھڪ نھايت اھم ۽ سنجيده حقيقت ڏانھن ڇڪائڻ چاھيون ٿا۔ تہ اھا نسل جيڪا سن 2000 کان پوءِ پيدا ٿي، اڄ 24 ـ 25 ورھين جي عمر تائين پھچي چڪي آھي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ھي نسل ھن صدي جو سڀ کان وڌيڪ ڪمزور، نفسياتي دٻاءَ ۽ ذھني انتشار جو شڪار ٿيندو پيو وڃي۔

ھي نوجوان جسماني طور ڪمزور، ذھني طور منتشر ۽ فڪري لحاظ کان بي سمت نظر اچن ٿا۔ سندن تربيت بزرگن جي صحبت ۽ تجربن مان نه، پر موبائل فون جي اسڪرين، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ سنئپ چيٽ جھڙن پليٽ فارمن مان ٿي رھي آھي۔ نتيجي طور ڳچيءَ ۽ اکين جون بيماريون، جسماني ڪمزوري ۽ رشتن ۾ برداشت جي کوٽ عام ٿي چڪي آھي۔

ھي اھو نسل آھي جيڪو چند ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کان لاچار آھي، اس ۾ اڌ ڪلاڪ بيھي گذارڻ ان لاءِ امتحان بڻجي ويو آھي، ۽ معمولي اختلافن تي بلاڪ ڪرڻ، اَن فالو ڪرڻ ۽ لاڳاپا ختم ڪرڻ کي ئي حل سمجھي ٿو۔ پاڪستان ۾ ھن نسل کي اڄ “ٽڪ ٽاڪ جنريشن” چيو وڃي ٿو، جنھن وٽ نه ٻوليءَ جي تہذيب جو شعور آھي، نه مقصدِ حيات جو فڪر، نه غيرت جو احساس ۽ نه ئي ايمان جي گھرائي۔

محترم والدين!
ذرہ۔۔۔!! ھڪ لمحي لاءِ سوچيو، جيڪڏھن خدانخواستہ اسان جي قوم کي ڪڏھن غزہ، شام، عراق، ايران يا يمن جھڙين آزمائشن کي منھن ڏيڻو پوي، ته ڇا ھي نسل ان جو مقابلو ڪري سگھندو؟ ڪاٺ مان باھ ٻارڻ ته پري جي ڳالھ آھي، ھنن کي ته اوڀر ۽ اولهه جي سڃاڻپ به مشڪل لڳندي۔ بقا جي جدوجھد کان اڳ ، سوشل ميڊيا بند ٿيڻ سان ئي ھي ذھني توازن وڃائي ويھن ٿا۔

انھيءَ لاءِ اڃا وقت آھي—بيداريءَ جو، سنڀالڻ جو ۽ پنھنجي نسل کي بچائڻ جو۔ پنھنجن ٻارن جي بھتر تربيت ڪيو، کين غيرت، حياء، قرباني، صبر ۽ جدوجھد جو مفهوم سيکاريو۔ کين زندگيءَ جي سختين کي منھن ڏيڻ جو حوصلو ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن اڄ اسان توجھ نه ڏنو، ته ھي دنيا کين راھِ راست کان ڀٽڪائي ڇڏيندي۔

الله پاڪ اسان کي پنھنجي ذميواري سڃاڻڻ ۽ ايندڙ نسلن جي صحيح رھنمائي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

Today, the Principal of Higher Secondary School Noor Bazdar, Abid Hussain Bazdar, and senior teachers welcomed the newly...
12/11/2025

Today, the Principal of Higher Secondary School Noor Bazdar, Abid Hussain Bazdar, and senior teachers welcomed the newly appointed Subject Specialist Mr Adalat Ali Mehrani , honoring him with floral garlands.

گورنمينٽ ھائيرسيڪنڊري اسڪول نوربوزدار ۾ پاڪستان جي اٺھتر سالہ جشن آزادي ۽ بنيان المرصوص (معرڪہ حق) ۾ پاڪستاني فوج جي شان...
13/08/2025

گورنمينٽ ھائيرسيڪنڊري اسڪول نوربوزدار ۾ پاڪستان جي اٺھتر سالہ جشن آزادي ۽ بنيان المرصوص (معرڪہ حق) ۾ پاڪستاني فوج جي شاندار ڪاميابي جي خوشي ۾ بھترين پروگرام منعقد ڪيو ويو.پروگرام ۾ اسڪول جي استاد صاحبان ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.پروگرام جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو.تلاوت کان پوء سمورن اٿي بيھي گڏجي قومي ترانو پڙھيو.
شاگردن حمد باري تعالا،نعت رسول مقبول ﷺ خوبصورت انداز ۾ چئي ناظرين جي دلين کي گرمائي ڇڏيو.
ان کان پوء شاگردن ۽ شاگردياڻين دل موهيندڙ انداز ۾ ملي نغما چئي سامعين تي سحر طاري ڪري ڇڏيو ۽ انھن جي دلين کي وطن جي محبت جي جذبي سان سرشار ڪري ڇڏيو.
شاگردن ۽ شاگردياڻين جشن آزادي جي حوالي سان ۽ معرڪہ حق ۾ پاڪستاني فوج جي شاندار ڪارڪردگي جي حوالي سان پنھنجون تقريرون ٻڌائي ماحول کي پرجوش بڻائي ڇڏيو،سامعين انھن جي پرجوش تقريرن تي انھن کي تاڙيون وڄائي ڀرپور داد ڏنو.
اسڪول جي
پرنسيپال عابد حسين بوزدار پنھنجي تقرير ۾ پاڪستان جي جشن آزادي جي حوالي سان ۽ پاڪستاني فوج جي ھندستاني فوج کي ڏنل عبرتناڪ شڪست تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني.

05/08/2025

گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار مان ھن سال مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪندڙ شاگردن کي اطلاع ٿو ڏجي تہ اوھان جا سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪ شيٽ اسڪول ۾ تيار آھن،
اسڪول ٽائيم تي اچي مئٽرڪ ڪلاس جا اوھان کي ڏنل ڪتاب واپس ڏيئي پنھنجا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندا .

31/07/2025

پڙھندي سنڌ،وڌندي سنڌ
علم آزادي آھي،جھالت غلامي آھي.
استاد عظيم آھي ،شاگرد مستقبل آھي.
ضرور اطلاع::گورنمينٽ ھايرسيڪنڊري اسڪول نوربوزدار ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آگاھ ڪجي ٿو ته اونھاري جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ پھرين آگسٽ 2025 جمع تي اسڪول تعليمي سرگرمين جي لاء کلي رھيا آھن.اسڪول انتظاميه ۽ استاد صاحبان انھن ٻارڙن کي خوش آمديد ڪرڻ لاء پوري طرح تيار آھن.اسڪول جي عمارت کي بھترين نموني سان پوري طرح صاف ڪرايو ويو آھي.ڪلاس روم به پوري طرح صاف ۽ شاگردن جي پڙھائي لاء تيار آھن.
تمام والدين کي گھرجي ته پنھنجي اولاد جي بھترين مستقبل جي لاء صبح جو يونيفارم پارائي ڪتابن جي ٿيلھي سميت مقرر وقت تي اسڪول پھچائين.اسڪول کلڻ جو ٽائيم صبح جو اٺ بجہ آھي.شڪريہ
توھان جي تعاون جو طلبگار
عابد حسین بوزدار
پرنسيپال
گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول نوربوزدار
تعلقه ڪوٽ ڏجي ضلع خيرپور ميرس

Address

Taluka Kotdiji, District Khairpur Mir's Sindh
Noor Bozdar

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:00 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 13:30

Telephone

+923013245547

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Higher Secondary School Noor Bozdar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share