جامعه راشديه خانقاه عاليه پيرجوڳوٺ

جامعه راشديه خانقاه عاليه پيرجوڳوٺ حضرت پیرسید شاھ مردان شاھ اول کوٹ دہنی رحمۃ اللہ علیہ نے1322ه مطابق 1901ع میں جامعہ کی بنیاد رکھی.

9 مئي يومِ وصال  عظيم  قابلِ احترام استادِ محترم قاري القراء حضرت استاد قاري محمد حنيف سعيدي  رحمتہ اللہ تعاليٰ عليہجامع...
09/05/2026

9 مئي يومِ وصال عظيم قابلِ احترام استادِ محترم قاري القراء حضرت استاد قاري محمد حنيف سعيدي رحمتہ اللہ تعاليٰ عليہ

جامعہ راشديہ خانقاهه عاليه پير جو ڳوٺ جي شعبه قرائت جو هڪ روشن ستارو، قاري القراء حضرت استد قاري محمد حنيف سعيدي رحمتہ اللہ تعاليٰ عليہ جو اڄ 14 هون يومِ وصال آهي. حضرت استادِ محترم پنهنجي پوري زندگي درس و تدريس لاءِ جامعه راشديه ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري اسان جهڙن بيشمار شاگردن جي تربيت فرمائي، علمِ دين جي روشنيءَ سان اسان جي دلين کي منور ڪيو.
پاڻ پهرين مئي 1967ع تي درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ۾ شعبه قرائت ۾ پنهنجي فرضن جو آغاز فرمايو لڳ ڀڳ 45 سالن تائين هن عظيم اداري جي خدمت ڪرڻ کانپوءِ 9 مئي 2012ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو فرمايائون. اڄ استادِ محترم کي اسان کان وڇڙي چوڏهن سال گذري ويا آهن، پر سندن شفقتون، دعائون، محنتون ۽ تربيت جو اهو مخلصانه انداز اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي.
بلاشبہ اهڙا استاد صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪردار، علم ۽ اخلاص سبب هميشه جاويد رهجي ويندا آهن. جامعه راشديہ جا استاد ۽ شاگرد کين عظيم خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪن ٿا.
الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي محبوب ٻانهي، استاد محتر قاري محمد حنيف سعيدي رحمتہ اللہ تعاليٰ عليہ جي قبرِ انور تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي، سندن قبر کي نور سان ڀري ۽ ڪشادگي عطا فرمائي، درجات بلند ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ بي حساب مغفرت و بخشش سان نوازي. آمين.
اللّٰهُمَّ اغْفِرْ لَهٗ وَارْحَمْهُ وَأَدْخِلْهُ فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ۔

28/04/2026

توهان اڃا ڪوتاهي ڪيو ٿا پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ اها ڪوتاهي ختم ڪيو. ٻارن کي پڙهايو.

📝
آپ اب بھی اپنے بچوں کو تعلیم دلوانے میں کوتاہی کر رہے ہیں۔ اس کوتاہی کو ختم کریں۔ بچوں(لڑکے/لڑکیوں) کو پڑھائیں۔

📝
You are still showing negligence in providing education to your children. End this negligence. Educate your children (boys/girls).



https://www.facebook.com/share/v/1HLFRdZvoB/

اڄ درگاه شريف پيرجو ڳوٺ ۾ سابقه مھتمم مدرسہ جامعه راشديه حضرت علامه استاد سائين علامه فقير مولوي محمد صالح مهر رحمته الل...
24/04/2026

اڄ درگاه شريف پيرجو ڳوٺ ۾ سابقه مھتمم مدرسہ جامعه راشديه حضرت علامه استاد سائين علامه فقير مولوي محمد صالح مهر رحمته الله عليه جن جو 50 هون ساليانه ٻارهائو چونڪي گمهه جي خليفي فقير احمد صالح مهر ۽ سڪندري عالمن طرفان وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.

جنهن ۾ مھتمم جامعہ راشديه سائين حضرت مفتي دوست علي سڪندري، نائب مھتمم حضرت علامه سائين مفتي غلام شبير سڪندري، حر جماعت جي چونڪي جيسلمير جي مک فقير قادر بخش منگريو، چونڪي پار جي مک خليفي فقير محمد اڪرام کوسو، مفتي محمد اسماعيل سڪندري ،مولوي مولابخش مهر سڪندري، مفتي عبدالطيف سڪندري،انجنيئر مولوی عبدالباسط سڪندري، مولوي الھورایو سڪندري، مولانہ حافظ اميد علي سڪندري، مولوي آدم علي سڪندري ،مفتي عنايت ﷲ سڪندري،مولانه محمد حسن سڪندري، فقیر محمد الیاس منگریو، فقير غلام حيدر منگریو ۽ ٻين گهڻن سڪندري عالمن سميت شهر جي معززین وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي مقررين چيو ته مولوي محمد صالح مهر جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن، سندس اخلاص جو واحد مثال اهو آهي ته جميعت علماء سڪندريه پاڪستان هن وقت سنڌ ۾ دين جي آبياري لاء سوين مدرسه قائم ڪري خدمت ڪري رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته فقير استاد سائین مولانہ محمد صالح مهر سموري زندگي درگاھ شريف جي خدمت ڪئي ۽
آزادي جي جنگ ۾ حصو ورتو، آزادي جي جنگ دوران فقير استاد سائین مولانہ محمد صالح مهر کي قيد پڻ ڪيو ويو هو
عالمن وڌيڪ چيو ته اڄ مولوي محمد صالح مهر جي زندگي اسان سڀني لاء بهترين مثال آهي، ۽ اسان کي گهرجي ته ان جي نقش قدم تي هلي دين اسلام جي خدمت ڪندي پنهنجي وقت گذاريون

آخر ۾ سندس ايثال ثواب پيش ڪري اجتماعي دعا گهري وئي.

فقير ، مفتي ۽ قاضي استاد العلماء مولانا محمد صالح مهر عليه الرحمة 6 ذولقعد يوم وفات جي مناسبت سان    ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪو...
24/04/2026

فقير ، مفتي ۽ قاضي استاد العلماء مولانا محمد صالح مهر عليه الرحمة
6 ذولقعد يوم وفات جي مناسبت سان

ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪونهي ، هن جهان ۾ مڻيادار ماڻهن جي ڪڏهن ڪمي ڪانه رهي آهي، اهڙن ئي موتين جهڙن ماڻهن مان استاد العلماءِ مولانا محمد صالح مهر به هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي فقيري ۽ اخلاص سان گڏ دين مبين جي خدمت ۾ بسر ڪئي، مرڻ گهڙيءَ تائين تعليم جي اشاعت لاءِ پنهنجون ڪوششون صرف ڪيائين، انتهائي ڏکن ڏاکڙن سان پاڻ پڙهيو، ان بعد خلق جي هڪڙي وڏي حصي کي علم مان فيضياب ڪيائين، خانقاهه راشديه جي فياضي ۽ شفقت هيٺ هڪڙي ماڻهو ادارن جهڙو ڪم ڪيو.
ولادت:
استاد العلماءِ مولانا محمد صالح مهر جن 1913 ع مطابق 1331 هجري ۾ ڳوٺ درڙ (هاڻوڪي نئون آباد) لڳ قاضي بادل مهر ، ضلع گهوٽڪي ۾ ميان مصري مهر عليه الرحمة جي گهر پيدا ٿيا، سندن والد ميان جي مصري نيڪ ۽ پارسا شخص هو، پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين ۽ ڇوڪرن کي قرآن پاڪ پاڙهيندو هو، ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي ڪيترن ئي ماڻهن قرآن پاڪ جي تعليم ورتي، ان ڪري کين “ميان” جي نالي سڏيندا هئا. استاد سائين ڇهن سالن جي ڄمار ۾ پير پاتو ته سندن والد ڦوهه جواني ۾ 35 سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا کي ڇڏي هُن پار روانو ٿيو، ميان صاحب گهوٽڪي جي جيلاني سيدن جو مريد هو، جن ڏانهن ڀٽائي صاحب ڀيرا ڀريندو هو. سندن والده ماجده پيرسائين تخت ڌڻي جي دعوتي فقير ڏاتر ڏنو مهر جي ڌيءَ هئي، خليفو احمد درس استاد سائين جو ماسات هو.
ميان جي وفات بعد سندن نيڪ صالحه اهليه ، جيڪا صوم و صلواة جي پابند هئي ، پنهنجي ٻچي کي وضوءَ بنا کير پيارڻ به عار محسوس ڪندي هئي ، تنهن پنهنجي ننڍڙي فرزند کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ واسطي ڪوششون ڪيون، ان لاءِ سڀ کان پهرين ميان جي مصري جي شاگرد حاجي سهراب فقير مهر وٽ ڇڏيائين،فارسي مولوي محمد موسى سومري وٽ پڙهيو،ان کان پوءِ استاد احمد فقير رحمةالله جا شاگرد ٿيو، احمد فقير حضرت پيرسائين تخت ڌڻي جو بيعت يافته ۽ اهل الله شخص هو ، جنهن حضرت پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه ”ڇٽ ڌڻي“ (پيرپاڳارو ستون) ۽ سندن برادر ميان نادر علي شاهه رحمةالله کي پڻ شروعاتي سبق پاڙهيا هئا.
پيرپاڳاري ڇهين شمس العلماءِ پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه رحمةالله جن سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جي تفسير ڪوثر ۽ ٻين اسلامي ڪتابن جي اشاعت ۽ مفت تقسيم سان گڏ عام مسلمانن جي ڀلي لاءِ پنهنجي خرچ تي خانقاهه عاليه راشديه تي هڪ ديني مدرسي جو اجراء ڪيو هو، جنهن ۾ مولانا مير محمد کاهوڙي، مولانا عبدالرحمان ڌامراهه ۽ ٻين نامور عالمن سان گڏ شيعه فرقي جي خلاف ڪتاب لکندڙ مفتي سعد الله خيرپوري به معلم هو. حسن اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ استاد سائين جا ناناڻا پنهنجي اصل ڳوٺ کان درگاهه شريف (پيرجوڳوٺ) لڏي آيا ، جن سان استاد سائين به والده ماجده سميت آيو. اتي اچڻ سان ئي درگاهه جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. اتان کان پوءِ مفتي محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري وٽ پڙهيو، جنهن استاد سائين جي اهليت ۽ قابليت جي ڪري پنهنجي هٿن سان “سند الفراغ” تحرير ڪري ڏني. قبلا مفتي محمد رحيم سڪندري جي بقول ته ان وقت مفتي محمد ابراهيم جن هي تاريخي جملا چيا:
” مولانا محمد صالح جهڙي شخصيت کي مان سَنَد ڏيان، منهنجي لاءِ فخر ، اعزاز ۽ سعادت آهي.“
اوڻيهه سؤ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ حر مارشل لا دوران استاد سائين جوهي واري لوڙهي (constriction Camps) ۾ بند هو ته اتي به تعليم جو سلسلو روان رکيائين، مولانا محمد يوسف کان “شرفِ تلمذ” ورتائين، 1947 ع ۾ پاڪستان آزاد ٿيو، حر اڃان به لوڙهن ۾ قيد هئا، درگاهه شريف جي گادي بحال نه ٿي هئي، حضرت پيرسائين سورهيه شهيد جا صاحبزادا جلاوطن هئا، انهن سڀني حوالن سان گادي جي بحالي واري تحريڪ جي واڳ استاد سائين جي هٿ ۾ هئي، ڪراچي ۾ رهائش وارن انهن ڏينهن ۾ پاڻ ڪافي پنڌ ڪري مفتي اعظم پاڪستان مولانا صاحبداد خان جمالي وٽ پڙهڻ لاءِ ويندو هو. ان سان گڏ نوابشاهه جي ضلع مسجد جي پيش امام مولانا محمد هاشم انصاري جي شاگرديءَ جو شرف به حاصل هو. مولوي شهاب الدين ڪٽوهر به سندن استادن مان هو.
جامعه راشديه جي نئين اجراءِ بعد عظيم استادن جي سبقن ۾ سماعت ڪندو هو.
خدمات:
استاد سائين پنهنجي والده ماجده جي ڪري درگاهه شريف جي مريديءَ ۾ داخل ٿيو، جماعت ۾ پڙهيل ماڻهن جي ڪمي هئي، پاڻ اڃان پڙهندو ئي هو جو حضرت پيرسائين سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جن درگاهه شريف جو پيش امام مقرر ڪيو، ان وقت پاڻ بالغ ته هو پر ڏاڙهي اڃان ڪانه لٿي هئس، ان ڪري مٿس اعتراض ٿيو ته نماز نه ٿو پڙهائي سگهي، پوءِ پيرسائين سورهيه بادشاهه جن دهلي مان فتوى آندي ته سندس پويان نماز ٿي ويندي. ان بعد اعتراض ختم ٿيو.
1930 کان بعد سورهيه سائين جن انگريزن خلاف تحريڪ کي زور وٺرايو ته درگاهه سان وابسته ڪافي سلسلن ۾ تعطل اچي ويو، خاص ڪري 1942 ۾ سندن گرفتاري ۽ حر ايڪٽ تحت مارشل لا جي نفاذ بعد ڄڻ ته سڀ سلسلي رڪجي ويا، انهن ۾ مدرسو به ڪافي متاثر ٿيو. 1937 ۾ پيرسائين سورهيه بادشاهه جن جيسلمير جي طرف ڇهن مهينن جو ڊگهو سفر فرمايو ته استاد سائين پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ هڪ صادق مريد جيان گڏ هيو. 1938 ۾ درگاهه شريف لڳ ڪانهر ن جي ڳوٺ ۾ نجدي مولوي هاشم ڪنڀر وعظ لاءِ آيوٿي، ان وقت نجدين وهابين جي تحريڪ سنڌ ۾ زورن تي هئي ته درگاهن تان قبا ڏاٺا ويندا. استاد سائين ، پيرسائين سورهيه بادشاهه جي حڪم سان پندرنهن ويهه فقيرن سان گڏ اوڏانهن ويو ته جيڪڏهن ملان ڪا گستاخي يا بي ادبي جي ڳالهه ڪري ته ان کي سيکت ڏجي.
1943 ۾ 20 مارچ تي پيرسائين سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪري، سندن خاندان کي نظربند ، صاحبزادن کي جلاوطن ۽ جماعت کي لوڙهن ۽ جيلن ۾ قيد ڪيو ويو، درگاهه شريف تي روضي شريف ۽ مسجد کان علاوهه هر عمارت بمباري سان ختم ڪئي وئي، مال ملڪيت ضبط ڪيا ويا، درگاهه شريف جو ڪتب خانو ۽ ٻيا تبرڪات نيا ويا. هڪڙي امتحان ۽ ڪرب جو دور هو، استاد سائين پاڻ به جيلن ۽ لوڙهن ۾ قيد هو، اتان آزادي مليس ته درگاهه شريف جي بحالي صاحبزادن جي واپسي ۽ جماعت جي آبادي لاءِ استاد سائين چناهه شريف (پنجاب) جي بزرگ سيد افضل شاهه گيلاني، جماعت جي خليفن ، معززن سان گڏ ڪوششون شروع ڪيون، اڳواڻي ڪندي اهو وفد ان وقت جي گورنر دين محمد ڪشميري ۽ ٻين اڳواڻن سان مليو، گورنر صاحب چناهه شريف واري بزرگن جو مريد هو، جيڪو درگاهه شريف جي گادي نشين بزرگن جو مرشد هو، قائد ملت لياقت علي خان ان معاملي ۾ دلچسپي وٺي حل ڪرايو، 4 فيبروري 1952 تي حضرت پيرسائين سورهيه بادشاهه جي وڏي فرزند پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه ثاني کي ستين پاڳاري طور پڳ ٻڌرائي وئي. اپريل 1952 تي حرجماعت لوڙهن مان آزاد ٿي، نئين پيرپاڳاري جن پنهنجي جماعت جي تربيت ۽ تعليم واسطي دستاربندي کان صرف ٽي مهينا پوءِ درگاهه شريف جي مدرسي کي ”جامعه راشديه“ جي نالي سان کولڻ جو حڪم فرمايو، ان کان اڳ شهر جي مخير حضرات جي تعاون سان شهر ۾ مدرسي جي تعليم هلندي هئي، جنهن ۾ استادالعلماءِ مفتي تقدس علي خان رحمةالله جن تعليم ڏيندو هو، پوءِ پيرسائين شاهه مردان شاهه جي حڪم سان اهو مدرسو درگاهه شريف جي مدرسي ڏي منتقل ٿيو، جنهن جي انتظام ۽ درگاهه شريف جي امامت جي ذميواري استاد مولانا محمد صالح مهر جي حوالي ٿي، استاد سائين نئين مدسي جي تعليمي ترقي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، استاد تقدس علي خان ، جيڪو استاد مفتي محمد صاحبداد خان جي مشوري سان درگاهه شريف تي آيو هو، وري ان جي ڪوششن سان مفتي اعظم پاڪستان استاد مفتي محمد صاحبداد خان پاڻ درگاهه شريف تي استاد مقرر ٿيو، ان کان علاوه فن معقولات جي ماهر سيد حسين امام اختر، استاد مولانا محمد علي ازهري ، استاد عبدالصمد ميتلو،استاد مولانا ڪريم بخش دايو، حافظ محمد رمضان پنهور، قاري محمد حنيف سعيدي جهڙا نامور استاد جامعه راشديه ۾ مقرر ٿيا. جيڪي علم ،ا خلاص سان گڏ انتهائي نيڪ طينت ، پارسا ۽ باعمل عالم هئا، جن جي دور ۾ جامعه راشديه ملڪ جي ممتاز ادارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جامعه جي انهن قابل استادن جامعه کي نئين رخ سان شروع ڪيو، تعليمي ترقي لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون ڪم آندائون، اهڙن ناميارن استادن سان استاد مولانا محمد صالح مهر هڪ ”مهتممم“جي بجاءِ ”خادم“ جي حيثيت ۾ پيش ايندوهو، حضرت پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه ثاني جي فياضي ۽ شفقت ، استاد سائين جي محبت ۽ اخلاقي رويي ڪري مٿيان سڀئي استاد هميشه لاءِ جامعه جا ٿي رهيا. استاد سائين جيترو جامعه جي استادن سان ادب سان پيش ايندو ، جامعه جي شاگردن سان به ايڏو پيار ۽ شفقت هوندي هئي جو هرشاگرد کيس پنهنجو ”بابو“ سمجهندو هو، جماعت جا فقير سندس محبت ۾ قيد هئا.
استاد سائين جامعه راشديه ۾ پاڻ به سبق ڏيندو هو، بخاري شريف جو درس آخري عمر تائين ڏيندو رهيو.
استاد سائين جي دور ۾ جامعه راشديه جي فاضلن اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون، مدرس، اديب، خطيب، ليڪچرر، پروفيسر، مهتمم، مجاهد ۽ غازي بڻجي ملڪ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳا.
جامعه راشديه جي انتظام سان گڏ استاد سائين تاحيات درگاهه شريف جو امام ۽ خطيب رهيو، سندن خطاب دلنشين ۽ علمي هوندو هو، ڪافي خطاب سندن شاگردن وٽ ريڪارڊ ٿيل آهن، انهن مان ڪجهه ته مضمونن جي صورت ۾ ڇپيا پڻ آهن، سورة فاتحه جو”ڪشف الحجاب“ جي نالي سان تفسير پڻ لکيائين ، جيڪو سندس سوانح تي ڇپيل ڪتاب ۾ شامل آهي.
حضرت پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه ثاني جن جماعت جي معاملن کي درگاهه شريف تي نبيرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن جو اڳوان استاد سائين کي ڪيو ويو ، مدرسي سان لڳ هڪ ڪشادو ڪمرو ان لاءِ وقف هو جتي استاد سائين ويهي فيصلا ڪندو هو، انهن فيصلن بابت درگاهه شريف ڪميٽي جي موجوده چيئرمين فقير غلام قادر پنهيار جو چوڻ آهي ته :
“مولانا صاحب جماعت جي گهڻي خدمت ڪئي، مگر وڏي خدمت هيءَ ڪئي جو جماعت جي اندر ڪيترائي وڏا جهڳڙا هئا ۽ ٿي پوندا هئا ، مولانا صاحب انصاف ڪري اهڙا ته فيصلا ڪيا جن جو اثر اڃان تائين آهي،ا گر اها خدمت نه هجي ها ته جماعت اندر نفرت پکڙجي وڃي ها ۽ خونريزي ٿي سگهي پئي.”
مطلب ته سندس فيصلا عدل ۽ انصاف وارا هوندا هئا، سڄي جماعت سندس فيصلن کي دل سان قبوليندي هئي.
بيعت:
امام انقلاب حضرت پيرسائين سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جن کان ذڪر ورتائين، سڄي عمر پنهنجي مرشدن جي خدمت ۾ گهاريائين ، درگاهه شريف جي حوالي سان هر موڙ تي پنهنجو ڪردار نڀايائين، سورهيه سائين سان سندن عشق جو اهو عالم هو ، جو اڪثر اوقات سندن ذڪر ڪري ڪري اکيون آليون ٿي وينديون هيون، جامعه راشديه جڏهن پنهنجي تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي جماعت جي مکيه شهرن ۾ برانچون کوليون ته استاد سائين انهن مدرسن جا نالا پيرسائين سورهيه بادشاهه جن جي نسبت سان”صبغت“ تي رکيائون، جن ۾ مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ، صبغة الفيض سومر فقير هنڱورو، صبغة الهدى شاهپورچاڪر وغيره آهن، اڄ به جامعه جي ٻه اڍائي سؤ برانچن مان گهڻن جا نالا ”صبغة “ سان شروع ٿين ٿا.
1967 ۾ جڏهن جامعه راشديه جي فاضلن جو وڏو تعداد فارغ ٿي چڪو هو ته انهن کي هڪ سلسلي ۾ جوڙڻ واسطي هڪ تنظيم جو بنياد وڌائون، جنهنجو نالو پنهنجي مرشد حضرت پيرسائين سيد شاه مردان شاهه ثاني جن جي عرفي نالي “سيد سڪندر علي شاهه” جي نسبت سان ”جمعيت علماءِ سڪندريه “ رکيائون ،اڄ ان تنظيم جا هزارين جي تعداد ۾ سڪندري عالم ۽ حافظ ميمبر آهن.
درگاهه شريف جي لٽريچر جي اشاعت جي حوالي سان هميشه ڪوشان رهيا، ان سلسلي ۾ جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان صلاح مصلحت رهندي هئي ، درگاهه شريف تي ڪافي رهاڻيون ٿيون. سندن حياتي ۾ ملفوظات شريف ترجمو ٿي چار حصا شايع ٿي ويا، آخري ڏينهن ۾ استادي مفتي محمد رحيم سڪندري جن ملفوظات شريف حضرت پيرسائين روضي ڌڻي جون پنجون حصو شايع ڪرائي وٽن کڻي آيو ، ان وقت ضعيفي ۽ علالت باوجود اٿي ملفوظات شريف کي سيني سان لڳايائون ۽ مفتي صاحب کي حڪم ڪيائون ته ملفوظات مان ڪجهه ٻڌاءِ.. مفتي صاحب جن جي بقول ته مون اڃان شروعاتي صفحا مس پڙهيا ته مٿن گريو طاري ٿي ويو، اڳتي نه ٻڌي سگهيا. فرمايائون : الحمدلله! ... اڄ اها آخري تمنا به پوري ٿي ۽ هاڻي بس جامعه جي احاطي ۾ دم پرواز ٿئي .... ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.
ڪتابن سان سندس دل هوندي هئي ، اهو عشق آخري عمر تائين ماٺو نه ٿيو ، خاص ڪري تفسير روح البيان ، سيرت مواهب للدنيه ، زرقاني شرح مواهب، نسيم الرياض، شرح شفا قاضي عياض، عيني شرح بخاري ۽ مدارج النبوة ته سندن محبوب ڪتاب هئا. هر وقت زير مطالعه هوندا هئا. هدايه جي شرح عين الهدايه جي لاءِ سالن جا سال متلاشي رهيا، جنهن ڏينهن ملي ، ان ڏينهن سندن عيد هئي، وڪڻندڙ کي قيمت کان وڌيڪ هديو ڏئي خوش ٿيا. ڪراچي وڃڻ ٿيندو هوته ڪلاڪن جا ڪلا ڪ ”اصح المطابع“ آرام باغ ۾ ڪتابن جي زيارت ۽ تلاش ۾ مصروف هوندا هئا.
استاد سائين طب جي فن جا به ڄاڻو خيرپور ۾ حڪمت جو امتحان ڏيئي پهرين پوزيشن حاصل ڪيائون،اهو فن به پنهنجي شاگردن ۾ منتقل ڪيائون.
فراست ۽ دورانديشي:
استاد مولانا محمد صالح مهر هڪ وقت فقير، مفتي ، قاضي ، حڪيم ۽ خطيب هئڻ سان گڏ عمل ۽ اخلاص جو پيڪر ، سراپا شفيق، منڪسر المزاج، للاهيت رکندڙ هو، سڄي عمر جامعه راشديه جي بلا معاوضي خدمت سرانجام ڏنائون. شاگردن سان هميشه شفيق پيءُ وانگر پيش ايندا هئا، انهن جي تعليم ۽ تربيت جي فڪر کان پوءِ انهن جي روزگار لاءِ ڪوشان رهندا هئا، پنهنجي اولاد کان وڌيڪ شاگردن جو اونو ۽ احساس هوندو هو، جيستائين اهو روزگار سان نه لڳي تيستائي پنهنجون هڙئي ڪوششون ڪندا هئا، ان سان گڏ اهڙا فراست وارا جو هرشاگرد جي قابليت ۽ صلاحيت پرکيو ويٺا هوندا هئا ته هن ماڻهو کي ڪهڙي ڪم سان ۽ ڪهڙي جڳهه تي لڳائجي. شاگرد ڪنهن جڳهه تان دلبرداشته ٿي ويندا هئا ته انهن کي تمام سهڻي انداز ۾ نصيحت ڪندا ۽ دلجاءِ ڏيندا هئا. وقت ثابت ڪيو ته استاد سائين جنهن ماڻهو کي جنهن جڳهه تي مقرر ڪيو ، اها جڳهه ان لاءِ مناسب ۽ موزون هئي. سڪندري عالمن مان ناليوارا عالم سڀ استادسائين جي انتخاب جو ثبوت آهن.
شاگرد:
استاد سائين مولانا محمد صالح مهر جن 1952 کان وصال تائين جامعه راشديه جي بلامعاوضي خدمت ڪئي،انهن ڏينهن ۾ پوڻن ٻن سون کان مٿي عالم سڳورا فارغ ٿيا، حافظن جو تعداد الڳ آهي، انهن ۾ مولانا محمد عيسى خجڪ پٺاڻ (سبي) مولانا محمد سليمان احمداڻي ، سيد غوث محمد شاهه ، مفتي محمد رحيم سڪندري، مفتي عبدالرحيم سڪندري،مفتي درمحمد سڪندري، مولوي محمد بخش ناريجو سڪندري، حاجي مير محمد موروجو سڪندري، مولوي نبي بخش ملاح سڪندري، مولوي الاهي بخش ملاح سڪندري، مولانا عبدالخالق پتافي سڪندري، مولوي صوفي علي شير سڪندري، مفتي عبدالواحد عباسي، مولانا عبدالغفور شر سڪندري ، سيد غلام مجتبى شاهه ، مولوي عزيزالرحمان پسيو سڪندري، مولوي مراد علي ميمڻ سڪندري، مولوي ارباب علي کوسو ، مولوي حبيب الله ڪلر (هندوستان) ، مخدوم منورالدين سڪندري، مولوي محمد صديق سميجو، مولوي عبدالرزاق پرهيار، مولانا قربان علي عباسي ، مولوي عبدالڪريم لغاري، پروفيسر مولانا غلام عباس قادري،مولانا اسدالله مهر، مولوي عبدالڪريم خاصخيلي سميت ٻيا ڪافي عالم سڳورا بالواسطه ۽ بلاواسطه سندس شاگرديءَ هيٺ رهيا.
وفات:
علم ، اخلاص ۽ عمل جي هن پيڪر شخصيت ، هزارين عالمن ۽ حافظن جي استاد 6 ذي القعد 1396 هجري مطابق 30 آڪٽومبر1976 ع تي ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ عظيم اسلامي اداري جامعه راشديه (درگاهه شريف پيرجوڳوٺ ، خيرپور) ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس اها آخري خواهش به پوري ٿئي، درگاهه شريف جي اوڀرئين پاسي ”ماڪن“مقام ۾ آرامي ٿيو، جتي سندن مرشدن ڪريمن جي ڇانوَ نصيب ٿيس.

(نوٽ: هي مضمون جامعه راشديه جا پنجاهه سال مرتب: مفتي محمد رحيم سڪندري، مرد مجاهد،مردصالح مرتب: قاضي شاهه محمد سڪندري، سلسليوار منصور سانگهڙ، ماهوار الراشد پيرجوڳوٺ ۾ شايع ٿيل مضمونن جي حوالن سان تيار ڪيو ويو. )
تحریر حافظ عبدالقيوم مهر
طالب دعا #ایڈمن

اظهار تعزيت
22/04/2026

اظهار تعزيت

Rashidia Institute of Technical Educationداخلائن، ڪلاس جي ابتدا ۽ ٽائيم سان گڏ اداري سان متعلق خبرن وغيره لاءِ اسانجي اد...
21/04/2026

Rashidia Institute of Technical Education
داخلائن، ڪلاس جي ابتدا ۽ ٽائيم سان گڏ اداري سان متعلق خبرن وغيره لاءِ
اسانجي اداري جي آفيشل واٽس ايپ چينل ۾ شامل ٿيو.
https://whatsapp.com/channel/0029VbCnnmTIN9ik1AiG4P32

جامعه راشديه جي سالانہ امتحانات ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙشاگرد
14/04/2026

جامعه راشديه جي سالانہ امتحانات ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ
شاگرد

سالانہ رزلٽ درجہ عالميه اول
11/04/2026

سالانہ رزلٽ درجہ عالميه اول

سالانہ رزلٽ درجہ عاليه ثانيه
11/04/2026

سالانہ رزلٽ درجہ عاليه ثانيه

سالانہ رزلٽ درجہ عاليه اول
11/04/2026

سالانہ رزلٽ درجہ عاليه اول

Address

Pir Jo Goth
66030

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 12:00
Saturday 09:00 - 17:00
Sunday 09:00 - 17:00

Telephone

+92243610401

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when جامعه راشديه خانقاه عاليه پيرجوڳوٺ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to جامعه راشديه خانقاه عاليه پيرجوڳوٺ:

Share