17/08/2026
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن جي ADA، ADC ۽ ADS (ريگيولر، ايڪسٽرنل ۽ فيليوئر) پارٽ I ۽ II، ۽ M. A Failure (Previous & Final) سال 2025ع جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 1000 رپيا ليٽ فيس سان واڌ ڪئي وئي آهي.
اميدوارن لاء پورٽل صرف ٻن ڏينهن، 19 ۽ 20 آگسٽ تي کوليو ويو آهي. تنهن ڪري سمورن رھيل شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته مقرر وقت اندر پنهنجا امتحاني فارم لازمي جمع ڪرائين.