01/10/2026
سيوهڻ
سيوهڻ جي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ جي شاگردياڻي پروين ڌي عباس ڏيٿو (هيومينٽيز ) گروپ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي گولڊ ميڊل سان گڏ انعام حاصل ڪري ورتو
تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي، چيرمين هائر سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد فقير محمد لاکو، ڪنٽرولر هائر سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد شڪيل احمد لغاري ۽ پرنسپال گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ پروفيسر فارينه ڀٽو پڻ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي پرنسپال پروفيسر فارينه ڀٽو ٻڌايو ته اسان جي گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ جي شاگردياڻي پروين ڏيٿو (هيومينٽيز) گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد پاران ۾ هي تقريب منعقد ڪئي وئي
جتي ڄاڻايل شاگردياڻي کي گولڊ ميڊل سان گڏ 25 هزار روڪ رقم سان پڻ نوازيو ويو آهي
هن چيو ته هي اسان جي استادن جي محنت جي نتيجي سان ڪاليج جو نالو روشن ٿيو آهي جيڪا اسان سيوهڻ شهر واسين لاء باعث فخر جي ڳالھ آهي
ان موقعي تي پرنسپال والدين کي اپيل ڪندي چيو ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري ملڪ جو نالو روشن ڪيو ۽ کين تعليم ڏيارڻ کان نه روڪيو ۽ سندن کي ڪاليج ۽ اسڪولز ۾ موڪليو ته جيئن ڪا به نياڻي تعليم جهڙي زيور کان محروم نه ٿي سگهي