جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام

جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام, College & University, Boys hostel, Tando Jam.

جساف (بھتر تعليم - بهتر سياست) تي اعتماد ڪندي تعليمي ادارن جي اندر شاگردن جي وارثي ۽ مالڪيءَ ڪرڻ سان گڏ سنڌوديش جي مڪمل قومي آزاديءَ تي يقين رکي جدوجهد ڪري ٿي.!!

جساف (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن)

19/05/2026

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن کي گوليون لڳڻ واري معاملي تي اداري جي قومپرست ۽ ترقي پسند شاگرد تنظيمن پاران ويڊيو بيان زريعي وضاحت ڏني وئي.

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

19/05/2026

زرعي يونيورسٽي جي شاگردن سان انصاف نه ٿيو ته انتظاميا کي چتاءُ ٿا ڏيون جلد کان جلد گولي ھلائڻ وارن کي پڪڙيو وڃي. ڪو به تدارڪ نه ٿيو ته سخت مظاھرا ڪيا ويندا.

پريس پڌرائي 14/05/2026سنڌوديش مقدر آ.      سائين جي ايم سيد رھبر آ جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ضلعي ڪانگريس جو ...
14/05/2026

پريس پڌرائي
14/05/2026
سنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ

جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ضلعي ڪانگريس جو اجلاس مرڪزي صدر علي رضا بروهي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ تنظيمي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد اڳوڻي آرگنائيزنگ باڊي جو مدو پورو ٿيڻ ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر پنج رُڪني آرگنائيزنگ باڊي ڇھن مھينن لاء چونڊي وئي جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار اڪثريتي راءِ سان چونڊجي آيا.

چيف آرگنائيزر: سچل سنڌي
ڊپٽي آرگنائيزر: ٻيجل سنڌي
آرگنائيزر: توصيف ڄامڙو
آرگنائيزر: جنيد سنڌي
آرگنائيزر:سنجي سولنڪي
جنھن بعد مرڪزي صدر علي رضا بروهي قسم نامون کڻايو.

جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام.

پريس رليز 05/05/2026زرعي يونيورسٽي،ٽنڊوڄامسنڌ جي تعليمي ادارن اندر استادن جي ويس ۾ بگھڙن پاران شاگردياڻين توڙي شاگردن کي...
05/05/2026

پريس رليز 05/05/2026
زرعي يونيورسٽي،ٽنڊوڄام

سنڌ جي تعليمي ادارن اندر استادن جي ويس ۾ بگھڙن پاران شاگردياڻين توڙي شاگردن کي حراسمينٽ جو شڪار بڻائيندڙن ۽ ڪارو ڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪندڙن خلاف اڄ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظیمن طرفان ھاسٽل گيٽ کان آي ٽي ڊپارٽمينٽ تائين اينٽي حراسمينٽ ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين شرڪت ڪئي.

اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسان جون ڀيڻو ۽ ڀائر آهن ڪنھن بہ قسم جي ناانصافي برداشت ڪونہ ڪنداسين،ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏینداسین تہ ڪنھن بہ شاگردیاڻي کي حراسان ڪري،تعلیمي ادارن ۾ شاگردیاڻین کي شاگرد تنظیمن جو حصو ٿیڻ جي اپیل ڪئي وئي.

اڳواڻن ھیٺیان مطالبا ڪیا

شاگردیاڻي فھمیدہ لغاري جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.

شاگرد یونین بحال ڪئي وڃي.

حراسمینٽ ڪمیٽي ۾ شاگرد اڳواڻ شامل ڪیا وڃن.

شاگردیاڻي سوڀ خاصخیلي سان انصاف ڪري استاد کي سخت سزا ڏني وڃي.

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

جيئي شاگرد سياستجيئي شاگرد جدوجھد"سڏ"سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن پاران سنڌ جي ادارن اندر شاگردن توڙي شاگر...
01/05/2026

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجھد

"سڏ"
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن پاران سنڌ جي ادارن اندر شاگردن توڙي شاگردياڻين سان ٿيندڙ حراسمينٽ خلاف احتجاجي ريلي جو سڏ ڏنو ويو آهي جنھن ۾ اوھان باشعور شاگردن، شاگردياڻين، صحافين توڙي استادن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

هنڌ : سانگھي ڪينٽين کان آئي ٽي ڊپارٽمينٽ
وقت : 10:00 وڳي صبح
تاريخ : 05/05/2026

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

پريس رليز 30/04/2026زرعي يونيورسٽيسنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن جو گڏيل اجلاس سنڌ شاگرد سڀا آفيس تي ٿي گزري...
30/04/2026

پريس رليز 30/04/2026
زرعي يونيورسٽي

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن جو گڏيل اجلاس سنڌ شاگرد سڀا آفيس تي ٿي گزريو جنھن ۾ اداري ۽ ھاسٽل اندر هلندڙ مسئلن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ اھم فيصلا پڻ ورتا ويا، اجلاس ۾ جساف آريسر، جساف شھيد بشير خان، جساف، سياف، پي آر ايس ايف، ايس ايس ٽي (QAT) ۽ سنڌ شاگرد سڀا شرڪت ڪئي، جتي اتحاد جو ڪنوينر اڪثريتي راء سان جساف شھيد بشير خان جو صدر افضل شر چونڊيو ويو.

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

پريس پڌرائي.23 اپريل 2026ع.سنڌوديش مقدر آ     -         سائين جي ايم سيد رھبر آ جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پار...
23/04/2026

پريس پڌرائي.
23 اپريل 2026ع.

سنڌوديش مقدر آ - سائين جي ايم سيد رھبر آ

جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران باکوڙي موري جي شھيدن `شھيد سرائي قربان کهاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو` جي پنڌرھين ورسي جي مناسبت سان (سنڌ جي قومي آزاديءَ لاءِ شاگرد تنظيمن جو ڪردار)
جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو.

جنھن ۾ جساف جسقم ميرپورخاص جو جنرل سيڪريٽري ساگر يوسف مقرر رھيو، پروگرام ۾ سنڌ شاگرد سڀا، جساف شھيد بشير خان ،ايس ايس ٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي باشعور شاگردن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي.
ليڪچر پروگرام بعد سوالن جوابن جو سلسلو پڻ رھيو.

پريس سيڪريٽري:
جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

پريس رليز22 اپريل 2026حيدرآباد سنڌ21 اپريل 2011 ع تي هن ملڪ جي رياستي ادارن پاران سنڌوديش جي آزاديءَ جي جدوجهد ڪرڻ جي ڏو...
22/04/2026

پريس رليز
22 اپريل 2026
حيدرآباد سنڌ
21 اپريل 2011 ع تي هن ملڪ جي رياستي ادارن پاران سنڌوديش جي آزاديءَ جي جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سانگهڙ ويجهو باکوڙي موري تي سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنيو جي گاڏي مٿان گوليون هلائڻ بعد باهه ڏئي زنده ساڙي ڇڏيو هو.
جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران باکوڙي موريءَ جي عظيم شھيدن سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي نور الله تنيو کي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء (سنڌ جي قومي آزاديءَ لاءِ شاگرد تنظيمن جو ڪردار) جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ڪرائي رھيا آھيون ،
جنهن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سمورن شاگردن / شاگردياڻي ، ترقي پسند قومپرست شاگرد تنظيمن ، قومي ڪارڪنن ۽ باشعور نوجوانن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
تاريخ : 23 اپريل 2026.
وقت : 5 بجي شام.
هنڌ : لطيف ھاسٽل
جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

21/04/2026سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن پاران يونيورسٽي انتظاميه کي هڪ باضابطه درخواست پ...
22/04/2026

21/04/2026
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن پاران يونيورسٽي انتظاميه کي هڪ باضابطه درخواست پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندي انهن جي حل لاءِ هيٺ ڏنل مطالبا ترتيبوار ۽ واضح انداز ۾ پيش ڪيا ويا:

يونيورسٽي جي سڀني روٽن تي مقرر ڪيل اسٽاپ پوائنٽن مطابق مناسب ۽ باقاعده ٽرانسپورٽ سروس مهيا ڪئي وڃي، جيئن شاگردن کي آمدرفت ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي.

هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي سهولت لاءِ شام جي وقت شاپنگ لاءِ ٽرانسپورٽ سروس کي فوري طور بحال ڪيو وڃي، ته جيئن سندن روزمره ضرورتون آساني سان پوريون ٿي سگهن.

شاگردن کي غير ضروري دير ۽ انتظامي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ بينڪنگ چالان جي سڄي عمل کي آسان، منظم ۽ شفاف بڻايو وڃي.

يونيورسٽي جي سڀني ڪلارڪ اسٽاف کي هدايت ڪئي وڃي ته هو شاگردن سان پيشه ورانه، مهذب ۽ تعاون وارو رويو اختيار ڪن.

هاسٽل ڪينٽين ۾ شاگردن کي مناسب قيمتن تي معياري ۽ صحتمند کاڌو فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

شاگردن لاءِ صاف، محفوظ ۽ ٿڌو پيئڻ جو پاڻي هر وقت دستياب ڪيو وڃي.

شاگردن تي مالي بار کي گهٽائڻ لاءِ امتحاني فارمن تي لاڳو ڪيل ليٽ فيس کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.

سيمسٽر داخلا دوران وصول ٿيندڙ ليٽ فيس کي پڻ گهٽايو وڃي، جيئن شاگردن کي مالي سهولت ملي سگهي.

هاسٽل جي اندر صفائي، سٿرائي ۽ صحتمند ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ باقاعده انتظام ڪيا وڃن.

شاگرد تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته مٿين سڀني مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ته جيئن يونيورسٽي ۾ تعليمي ۽ رهائشي ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي.

زرعي يونيورسٽي جون شاگرد تنظيمون

15/04/2026

شهيد فهميده لغاري جي قتل خلافُ نڪتل ريلي.
جسافُ زرعي يونيورسٽي ❤️

Address

Boys Hostel
Tando Jam
4242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share