15/02/2023
"انصاف جي گهر"
آئون طارق عزيز ميمڻ اڳوڻو پرنسپل آرمي اسڪول ۽ ڪاليج ٺٽو ۽ ڱولاڙچي، پاڪستان ايمبيسي انٽرنيشنل اسڪول ۽ ڪاليج تهران، ايران ۽ ڊيسينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول مڪلي ٺٽو، تمام شعور رکندڙ ۽ تعليم دوست کي التجا ٿو ڪريان ته مونکي انصاف ڏياريو وڃي.
تعليمي ميدان ۾ مسلسل 23 سال خدمت ڏيندڙ ۽ هزارين ڊاڪٽرز، انجنيئرز، جج، وڪيل، ڪيپٽنز، ميجرز، ڪرنلز، بزنس مين، ۽ روز مره جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شاگرد پيدا ڪندڙ اڄ انصاف لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.
آرمي اسڪول سسٽم ۾ مسلسل 17 سال خدمت ڪندڙ کي بغير ڪنهن چارج شيٽ جي فارغ ڪرڻ ۽ ڪوبه Financial Benefit)) نه ڏيڻ مذمت جوڳو عمل آهي 2021 ۾ آرمي اسڪول ٺٽو ۽ بدين ڪينٽ مان 40 استاد ۽ ٻيا فارغ ڪيا ويا جن مان ڪنهن کي به ڪوبه بينيفٽ نه مليو فارغ ڪرڻ جو صرف هڪ ڪارڻ اڳوڻو پرنسپل آرمي اسڪول ٺٽو ۽ موجوده پرنسپل آرمي اسڪول بدين ڪينٽ Asif Gill)) جي ذاتي اناپرستي ۽ رنجشون آهن جنهن جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.
مون 01-July-2022 تي Decent Public Higher Secondary School Turkish Colony Makli Thatta ۾ پرنسپل جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ٻن مهينن کان پوءِ مئنيجمينٽ بورڊ مونکي پرنسپل شپ تان هٽائي سيڪشن هيڊ ڪري ڇڏيو جنهن مون احتجاج ڪيو. ٻيو ڪو واهر وسيلو نه هئڻ ڪري مجبور ٿي ڪري ڪم ڪندو رهيس.
هن اداري ۾ انتهائي غريب ۽ اٻوجهه ٻار پڙهندڙ آهن هن اداري کي SEF, Patel/Marfani International Foundation ۽ ٻيا مخير حضرات فنڊز ڏين ٿا. اهو ادارو Decent Education & Health Foundation Thatta جي ماتحت ڪم ڪندڙ آهي هن اداري کي هلائيندڙ مئنيجمينٽ بورڊ ۾ سرڪاري استادن جي مداخلت پڻ آهي جنهن جو رويو اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ اسٽاف سان غير سنجيده آهي جنهن جي تحقيقات ڪرائي وڃي.
ڊسمبر 2022 ۾ مونکي مئنيجمينٽ بورڊ طرفان چيو ويو ته جنوري 2023 کان توهان جي پگهار 50% گهٽائي ويندي جيڪو سراسر غلط فيصلو هو ۽ مونکي مجبورن ادارو ڇڏڻو پيو. انٽرويو دوران مون سان جيڪي واعدا ڪيا ويا انهن مان هڪ اهو به هو ته جيڪڏهن آئون ادارو ڇڏيندس ته فائونڊيشن مونکي گهٽ ۾ گهٽ ٻن مهينن تائين پگهار ڏيندا جيسيتائين آئون ٻيو ڪو ادارو جوائن نه ڪيان ۽ آئون اڃا تائين بيروزگار آهيان. هاڻي مونکي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي ۽ مونکي اڃا تائين واعدي مطابق پگهار نٿي ڏني وڃي. جنهن جي ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ آئون ذهني اذيت ۽ مفلسي جو شڪار آهيان آئون تعليم دوست، سول سوسائيٽي، ۽ ٻين کي گذارش ڪندس ته مونسان گڏ آواز اٿاريو وڃي ۽ مونکي انصاف ڏياريو وڃي. ٻي صورت ۾ آئون سخت احتجاج جو حق رکان ٿو. Help Me & Raise Your Voice for Justice
طارق عزيز ميمڻ
Cell # 0315-3828767
Attention
01- COAS
02. APSACs Sectt. GHQ
03. Education Minister Sindh/DEO Thatta
04. SEF Thatta
05. Patel/Marfani International Foundation
06. Civil Society
07. All Sindh Private School Teachers Association