20/10/2026
ادارن جي مالڪي ايئن ڪبي آھي !!! اڪثر ماڻھو جن تعليمي ادارن مان پڙھي فيضياب ٿي اعلي منصبن تي پھچندا آھن ته ڪڏھن لوڻو ڦيري نھاريندا به ناھن ته اسان انھن مڪتبن مان مستفيض ٿي اھم مقام تي رسيا آھيون پر ڪي اھڙا به انسان موجود آھن جيڪي پنھنجن ادارن جي ترقي ۽ بھتري لاء ھروقت بيتاب رھندا آھن سو صوبائي وزير تعليم سنڌ سائين سردار علي شاه صاحب ھونئن ته سموري سنڌ جي تعليمي ادارن جي سڌارن لاء انقلابي قدم کنيا آھن ان تي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پڻ وڏي پذيرائي ملي اٿس پر ٻئي پاسي سائين سردار شاه سندن پڙھي ويل ادارن کي ڪڏھن به وساريو ناھي ان سلسلي ۾ پھرين 8 ڪروڙن جي لاڳت سان بي ايس بلاڪ جي تعمير کانپوء تازو جڏھن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي وزٽ تي آيو ته اتي جديد تقاضائن ۽ ڊجيٽل دور جي شين کي آڏو رکندي فوري طور تي ڪمپيوٽر فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪيائين ۽ نتيجي ۾ اڄ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ الله ٽالپر صاحن پاران ڪمپيوٽرس جي فراھمي کي يقيني بنايو اسين سائين سردار شاه صاحب ۽ آر ڊي ڪاليجز ميرپورخاص جا ٿورائتا آھيون جن جديد ڪمپيوٽرس موڪلي ڏنا۔