Government Boys Degree College Umerkot

Government Boys Degree College Umerkot To promote government colleges education and their students to achieve their goals&destiny

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي ذھين باصلاحيت ۽ جاکوڙي شاگردن جي ڪاميابين جو تسلسل جاري آھي اھڙن ڪامياب شاگردن منجھا...
02/09/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي ذھين باصلاحيت ۽ جاکوڙي شاگردن جي ڪاميابين جو تسلسل جاري آھي اھڙن ڪامياب شاگردن منجھان پير بخش ولد احمد نواز رند سنڌ مسلم گورنمينٽ لا ڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ پنھنجي ميرٽ تي داخلا حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو آھي اسين کيس سندن شاندار سوڀ تي دل سان مبارڪباد پيش ٿا ڪريون۔

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو شاگرد آسن داس  ٻيجلاڻي ولد ڀڳڙومل ڀيل پنھنجي محنت مشقت مطالعي ۽ صلاحيت جي بدولت ارپن...
30/08/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو شاگرد آسن داس ٻيجلاڻي ولد ڀڳڙومل ڀيل پنھنجي محنت مشقت مطالعي ۽ صلاحيت جي بدولت ارپنا لا ڪاليج حيدرآباد ۾ فري فلي فنڊيڊ اسڪالرشپ ذريعي ايل ايل بي ۾ داخلا حاصلا ڪرڻ ۾ سوڀ حاصل ڪئي اٿس اسين کيس شاندار ڪاميابي تي دل سان واڌايون پيش ٿا ڪريون۔

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي اسيمبلي گرائونڊ ۾ پروقار ۽ پرنور پرو...
28/08/2026

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي اسيمبلي گرائونڊ ۾ پروقار ۽ پرنور پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو جتي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان روح پرور پروگرام ۾ شاگردن جي ٽئلينٽ کي اجاگر ڪرڻ لاء قراءت ,نعت ۽ تقريرن جا اسٽيج تي شاندار مقابلا ڪرايا ويا جنھن ۾ شاگردن محسن انسانيت امام الانبياء ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سيرت ۽ صورت سان گڏ عملي زندگي تي ڳالھائيندي چيو ته آخري نبي صلي الله عليه وسلم پنھنجي عمدي عمل سان ڪٺور ۽ ڪٽيل دلين کي ڪفر مان ڪڍي وحدانيت ڏي وٺي آيا منجھن سماج ۾ ادب احترام رحم انصاف الفت ايثار ۽ ايمانداري جھڙيون خوبيون پيدا ڪري مثالي بنايو۔ شاگردن کانپوء استادن ۾ پروفيسر عزيز الله سميجو پروفيسر حاجي شاھد ملڪ پروفيسر پروفيسر حاجي غلام نبي شاھاڻي ۽ پرنسپال پروفيسر عبدالرئوف سومرو پڻ روشني وڌي ۽ آخر ۾ پروفيسر ذوالفقار علي پنھور صاحب دعا گھري ۽ لنگر به تقسيم ڪيو ويو۔ڪمپيئرنگ جون ذميداريون بي ايس ڪيمسٽري جي اياز ھمير آريسر ۽ صوفي ساجد احسن طريقي سان نڀايون۔

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جا شاگرد پنھنجي محنت مشقت ۽ مطالعاتي جستجو ذريعي ملڪ جي نامور يونيورسٽين ۾ ميرٽ تي داخل...
28/08/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جا شاگرد پنھنجي محنت مشقت ۽ مطالعاتي جستجو ذريعي ملڪ جي نامور يونيورسٽين ۾ ميرٽ تي داخل ٿي رھيا آھن انھن مان ھتيش ڪمار ولد دليپ ڪمار مالھي پڻ پنھنجي صلاحيت ۽ دلچسپي سان دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ ميرٽ تحت بي ايس انفرميشن سيڪيورٽي انجنيئرنگ ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي کيس کوڙ ساريون واڌايون!

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جا شاگرد مقابلي جي ميدان ۾ ڪاميابين جو تسلسل جاري رکيو اچن انھن خوشقسمت شاگردن ۾ نول را...
27/08/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جا شاگرد مقابلي جي ميدان ۾ ڪاميابين جو تسلسل جاري رکيو اچن انھن خوشقسمت شاگردن ۾ نول راء ولد گھنشام داس چوڌري پنھنجي مشقت ۽ ميرٽ سبب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪراچي ۾ بي ايس آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ داخلا ملڻ تي ڪاليج انتظاميه مسرت محسوس ڪندي نه فقط نول راء کي واڌايون پيش ڪري ٿي پر سندن سموري پريوار کي پڻ اڻ ڳڻيون واڌايون !

اڄ صبح گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي اسيمبلي سيشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي ڪيڊٽ ڪاليج ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال ۽ موجوده ...
25/08/2026

اڄ صبح گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي اسيمبلي سيشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي ڪيڊٽ ڪاليج ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال ۽ موجوده سنڌ پبلڪ ھائر سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ جي انتظامي عھدي پرنسپال تي شاندار خدمتون سرانجام ڏيندڙ نامياري ليکڪ ۽ منتظم محترم غلام مصطفي ڀٽي صاحب جامع ۽ جاندار ڳالھيون ڪيون سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي افاديت ۽ اھميت تي روشني وڌي ۽ شاگردن کي اتساھيندڙ انداز سان ڪيريئر ڪائونسلنگ تي پڻ آگاھي ڏني۔اسين پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي معلوماتي ميسيج ڏيڻ تي سندن ٿورائتا آھيون۔

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو اھڙو شاگرد جنھنجي محنت جو محور پنھنجي منزل جو حصول رھيو ھميشه ذوق ۽ شوق سان مطالعي ج...
23/08/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو اھڙو شاگرد جنھنجي محنت جو محور پنھنجي منزل جو حصول رھيو ھميشه ذوق ۽ شوق سان مطالعي جي مشق ۾ محو رھيو آھي اھو ڪاليج جو شاگرد امرت لال ولد جيئرام داس مينگھواڙ آھي جيڪو ميرٽ جي بنياد تي فاسٽ يونيورسٽي ۾ بي ايس ڪمپيوٽر سائنس ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي اسين کيس دل سان واڌايون پيش ڪريون ٿا۔

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي شاگردن جي داخلائن جو ملڪ جي مشھور يونيورسٽين ۾ سلسلو جاري آھي تازو جيتمال ولد ڀوپت ب...
22/08/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي شاگردن جي داخلائن جو ملڪ جي مشھور يونيورسٽين ۾ سلسلو جاري آھي تازو جيتمال ولد ڀوپت بجير جنھن جو تعلق ٿر جي شھر ننگرپارڪر سان آھي کيس مسلسل محنت جستجو سبب اسلام آباد جي نمل يونيورسٽي ۾ بي ايس انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ميرٽ تي داخلا حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو آھي اسين کيس دل سان واڌايون پيش ڪريون ٿا۔

22/08/2026

Mr. Saifullah Kunbhar student of class XII Pre Medical is delievering his presentation in English under the glorious guidance of Prof Sikander Ali Rahimoon

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي ڪامياب شاگردن جي سفر جو سلسلو جاري آھي اسفند يار ولد يار محمد ڪاليج جو بيحد برجستو ب...
21/08/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي ڪامياب شاگردن جي سفر جو سلسلو جاري آھي اسفند يار ولد يار محمد ڪاليج جو بيحد برجستو باصلاحيت ۽ باادب شاگرد رھيو آھي سندس ميرٽ تي داخلا پنجاب يونيورسٽي آف لاھور ۾ بي ايس ابگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي آھي اسين کيس شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ٿا ڪريون۔

Address

Umarkot

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00

Telephone

+92238920101

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Boys Degree College Umerkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Government Boys Degree College Umerkot:

Shortcuts

Share