29/10/2023
عام اطلاع۔
1۔ سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ جي سالياني 2023-2024 جي انٽري ٽيسٽ 5 نومبر 8 وڳي ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ ورتي ويندي۔
2- انٽري ٽيسٽ دوران موبائل فون کڻي اچڻ سخت منح آهي، ڪيمپس جي گيٽ تي موبائل فون رکڻ جو ڪو به بندوبست ٿيل نه هوندو ٽيسٽ وقت شاگرد پنهنجو موبائل پنهنجن دوستن ۽ والدينن کي ڏيئي ٽيسٽ ۾ اچن، موبائل کڻي اچڻ جي صورت ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ ويهي نه سگهندو۔
-3 شاگرد پاڻ سان گڏ فقط انٽري ٽيسٽ سلپ، شناختي ڪارڊ يا بي فارم کڻي اچن۔
4- شاگردن کي انٽري ٽيسٽ دوران پين، ڪلپ بورڊ ۽ پاڻي بوتل جي سهولت ڏني ويندي، شاگرد پاڻ سان گڏ ڪا به شيء کڻي نه اچن۔
5- شاگرد ۽ انهن جا والدين انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ وقت يونيورسٽي جي انتظاميه سان ادب ۽ احترام سان پيش اچن ۽ انتظاميه سان تعاون ڪن۔
6۔ يونيورسٽي طرفان ٽيسٽ جي ڏينهن صبح 7 وڳي الله والا چوڪ عمرڪوٽ کان پوائنٽ بس هلندي انٽري ٽيسٽ جا شاگرد پوائنٽ بس جي ڪنڊيڪٽر کي سلپ ڏيکاري چڙهي سگهندا
7۔ سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪيمپس ڪنري روڊ ميان جان محمد ڪيريو جي مزار ويجهو آهي۔
پاران۔ سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ انتظاميه